ڪراچي (رپورٽ: مجاهد شاهه) سنڌ سرڪار جي سمورن کاتن جو رڪارڊ رکندڙ ۽ آڊٽ ڪندڙ کاتي ۾ پنهنجا نوازي جي انتها، اڪائونٽنٽ جنرل آف سنڌ ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا جعلي ڊگرين تي ڀرتي، ويريفڪيشن ڪرائڻ تي سنڌ يونيورسٽي سموريون ڊگريون، مارڪ شيٽون، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ٽرانسڪرپٽ سرٽيفڪيٽ بوگس قرار ڏئي ڇڏيا، ان ڏس ۾ ڪاوش کي مليل دستاويزي ثبوتن موجب اي جي سنڌ جي آفيس ۾ 08-2007ع دوران مختلف پوسٽن لاءِ ڪيتريون ئي ڀرتيون ڪيون ويون، جنهن جي آڊٽ کاتي سنڌ کي کڙڪ پئجي وئي جنهن تي آڊٽ آفيس پاران 14هين ۽ 16هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل 9 ملازمن جون ڊگريون تصديق ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي کي هلندڙ مهيني جي ستين تاريخ تي ليٽر نمبر 1162 لکي چيو ويو ته ڄاڻايل سمورن ملازمن جي ڊگرين جي تصديق ڪري ڏني وڃي ته سندن اُهي ڊگريون واقعي ئي سنڌ يونيورسٽي پاران جاري ڪيون ويون آهن؟ جنهن جي جواب ۾ 10 فيبروري تي سنڌ يونيورسٽي جي ڪنٽرولر محمد نواز ناريجو پاران ليٽر نمبر 163 لکي ٻڌايو ويو ته عدنان پاشا پٽ آفتاب علي سهتو، آصف آفتاب پٽ آفتاب علي سهتو، فرحان احمد پٽ غلام مرتضيٰ سهتو، شيراز احمد پٽ مدد علي سهتو، جاويد احمد پٽ آفتاب احمد سهتو، مجيب الرحمان پٽ ممتاز علي سهتو، شهزادو سعيد احمد پٽ آفتاب علي سهتو، شهزادو شوڪت علي پٽ رئيس شبير احمد سهتو ۽ ضياءَ الرحمان پٽ ممتاز علي سهتو جون سموريون مارڪ شيٽون، ٽرانسڪرپٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ بوگس آهن. سنڌ يونيورسٽي پاران ڊگرين کي بوگس قرار ڏيڻ کانپوءِ آڊٽ آفيس 07-2008ع دوران اي جي آفيس ۾ ٿيل سمورين ڀرتين جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ان ڏس ۾ اي جي آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آڊٽ سنڌ مظهر علي سهتو پنهنجن مائٽن کي اي جي سنڌ جي آفيس ۾ 14هين ۽ 16هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪرائي بعد ۾ انهن مان ڪجهه ملازمن کي ٻين ضلعن ۾ بدلي ڪرائي سندن جعلي ڊگرين واري معاملي کي دٻائي ڇڏيو هو. ذريعن موجب سندس رٽائر ٿيڻ کانپوءِ آڊٽ آفيس کي اهڙي کڙڪ پئي، جنهن کانپوءِ آڊٽ کاتي پاران سنڌ يونيورسٽي کي ڄاڻايل 9 ئي ملازمن جون ڊگريون ۽ لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ تصديق ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو هو، مليل دستاويزن موجب مٿي ڄاڻايل 9 ئي ملازمن وٽ بي ڪام جون ڊگريون آهن جيڪي 1987ع کان 1999ع دوران حاصل ڪيل ظاهر ڪيون ويون آهن.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان