سنڌ جي موجوده حالت تي ٽهڪندڙ لطيف سرڪار جو سر ديسي مان هيءُ بيت؛ اُٺَ ويــــــرِي، اوٺــــارَ ويـــرِي، ويـــرِي ٿِـيـــَڙَمِ ڏيـــرَ؛ چوٿــون ويــرِي واءُ ٿِيـو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛ پَنجـــون ويــري سِڄُ ٿِيــو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛ ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛ سَتـــون ويــري چَنــڊُ ٿِيــــو، کِــڙِيـو نه وَڏِيءَ ويـــرَ؛ واھيـــري جِــــي ويـــرَ، ڇُلُــون ڪَـرِيـان ڇَپَــريــن!
جواب: سوچيو ۽ غور فڪر ڪريو سائين ابڙا صاحب ڀٽائي سرڪار جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، ڪاش بٽائي گهوٽ جي بيتن سان گڏ سمجهاڻي به عنايت ڪيو ها ته اسان جهڙا طالب علم به فيض حاصل ڪن ها، اميد آهي ته عرض قبول ٿيندو۔۔۔
جواب: سوچيو ۽ غور فڪر ڪريو دوستو! اڄڪلهه مونکان هڪ غلطي ٿي وڃي ٿي، “ ٺ “ جي جاءِ تي “ ٽ“ لکجي وڃي ٿي ... خئير منهنجي غلطي آهي، سڌارڻ جي ڪوشش ڪندس ... جيئن مٿي لفظ ” ٺهڪي“ جي جاءِ تي ” ٽهڪي“ لکيو اٿم ... درست ڪري پڙهيو وڃي ... ٿورا ناهن ٿورا. ٻيو عرض ته مون مٿئين بيت کي سنڌ جي موجوده حالتن سان ٺهڪندڙ چيو آهي ... دوست سمجهدار آهن، ان اشاري کي سمجهندا هوندا ته سنڌ جا هن وقت ڪيترا ئي دشمن آهن، جن ۾ ڪي پنهنجا ته ڪي پراوا ته وري ڪجهه اهڙا نظريا ۽ روشن سج آهن جن سنڌ کي غلاميءَ جهڙي موضي مرض ۾ جڪڙي رکيو آهي ... سنڌي قوم جون واٽون ويهه ٿيل آهن ۽ دشمن تمام گهڻو چالاڪ ... ڏسجي ته سنڌي قوم ان مقابلي مان ڪيئن ٿي پار پوي ...؟؟؟؟ هر هڪ ويريءَ جي جاءِ مقرر آهي ۽ سنڌ جا ويري پڌرا آهن، هن بيت ۾ لطيف سڳوري ته سسئيءَ جي واتان ست ڄاڻايا آهن، جن ۾ سسئيءَ جا پنهنجا عزيز، ڏير ۽ سندن وسيلا (اٺ ۽ اوٺار) به ويري آهن ته اهي هوائون جيڪي گهلن ٿيون ته پنهونءَ جا رند گم ڪيو ڇڏين ٿيون ۔۔۔ ماحول ۽ جيڪي شيون رحمت هجن ٿيون، روشنيءَ جا سبب سي به سندس ويري ڳڻايا ويا آهن ۔۔۔ بلڪل سنڌ جي به حالت ساڳي آهي ۔۔۔ جنهن ۾ سنڌين جا پنهنجا ڏسڻ ۾ سڄڻ ۽ دوست پر حقيقت ۾ ڪم دشمنن جا آسان پيا ڪن، نظر ڦيرائبي ته سنڌ جا وسيلا ئي سنڌين جا دشمن نظر ايندا ۔۔۔ مطلب جيڪڏهن هن بيت جي انگن اکرن جون تشبيهي صورتون ٺاهبيون ته ڪيترائي دشمن سامهون اچي بيهندا ۔۔۔ ۽ دشمن ڳڻائبا ته انهن جون دشمنيون به ڳڻائبيون ۽ پوءِ ڪئي ڪتاب ڀرجي ويندا ۔۔۔ الله تعالا وٽ دير آهي پر انڌير ناهي ۔۔۔ سندس جڏهن انصاف جي لٺ ڦرندي ته پوءِ ڪيترا تاج ۽ ڪيترائي ظالم اچي پٽ پوندا آهن، اسانجي اکين جي آڏو ڪيترائي دنيا جا مضبوط ملڪ ٽٽي ويا، ڪيتريون ئي مضبوط ۽ ڏسڻ ۾ تمام مضبوط حڪومتون ڊهي اچي پٽ پيون آهن ۔۔۔ اسانکي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهونءَ جي موجوده حالت جي مالڪي ڪرڻي آهي، هر مڪتبه فڪر کي سنڌ جي نالي تي اتحاد ۾ شامل ٿيڻو آهي ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻو آهي ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ ڪيسين رهندي، آخر ته ڊهندي ڌوڪي جي ديوار، رب مان اميدون نه لاٿيون آهن ۽ نه وري ڪڏهن لهنديون ۔۔۔ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
جواب: سوچيو ۽ غور فڪر ڪريو سائين اوهان جي ڳالھ بلڪل درست آهي ته اسان جا پنهنجا ئي دشمن آهن۔ جنهن جو واضح مثال هن ڦرڻي همراھ جي ڪمينٽس مان ان جي منافقي جي انداز کي ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔ ڏسو ته محترمه جي شهادت واري ڏينهن هن ڪهڙا ڪمينٽس ڏنا ۽ اڄ ڏسو ان جو عمل مڪمل تضاد۔۔۔ واضح مثال ڏئي سمجهائڻ لا مهرباني سر
جواب: سوچيو ۽ غور فڪر ڪريو سائين نثار سلام اسان به لطيف جي ان ويڻ کي ساريندي هليا وينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجن ئي جي ڪيل ظلمن ۽ ڏاڍ اڳيان بيوس آهيون ۔۔۔ هتي اڻ کُٽ پارٽيون ٿيون آهن، جيڪڏهن سنڌ جي پارٽين جو حساب ڪتاب ڪيون ته جيڪر اقوام متحده جي رڪن ملڪن کان وڌيڪ ٿي وينديون ۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ نقصان ڪرڻ وارا ڪندا رهن ٿا ۽ اسان چپ چاپ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔