اهي ڏينهن ويا جڏهن موبائل فون جو استعمال رڳو ايس ايم ايس ۽ فون ڪال تائين محدود هئو. اڄڪلهه موبائل فون ڄڻ ته هٿ جي تري تي هڪ ڪمپيوٽر وانگر آهي، انٽرنيٽ تي اي ميل کان وٺي چيٽنگ، سرفنگ ۽ برائوزنگ تائين تقريبن هر اهو ڪم جيڪو صرف ڪمپيوٽر تي ڪرڻ ئي ممڪن هئو هاڻي موبائل فون تي پڻ ڪري سگهجي ٿو۔ انهي مقصد لاء هروڀرو ڪنهن مهانگي فون جي ضرورت نه آهي۔ هڪ عام بنيادي موبائل فون جيڪا جاوا لينگئئيج ۾ ٺهيل موبائل سافٽويئرانسٽال ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي انهي تي مٿي ڄاڻايل انٽرنيٽ جون سهولتون، بنيادي ننڍڙا موبائل سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پوء، استعمال ڪري سگهجن ٿيون۔ پاڪستان ۾ به موبائيل انڊسٽري سٺي ترقي ڪئي آهي هر ننڍي وڏي جي هٿ ۾ موبائيل نظر اچي ٿي۔ مختلف موبائيل فون آپريٽر ڪمپينيون پهريان جي نسبت گهٽ قيمت تي انٽرنيٽ / جي پي آر ايس جا پيڪيج پيش ڪري رهيون آهن جنهن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي۔ اگر گهر ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ميسر نه آهي ته به اوهان موبائيل انٽرنيٽ تي دنيا جي حال احوال کان واقفيت حاصل ڪري سگهو ٿا۔ هونء ته دنيا جي تقريباًهر وڏي ويب سائيٽ پنهجاموبائيل تي آساني سان ڏسي سگهجندڙ ويب پيج ڪري ٿي پر پوء به اوهان پنهنجي موبائيل فون ۾ موبائيل جا انٽرنيٽ براؤزنگ سافٽويئر انسٽال ڪري هر ويب سائيٽ مڪمل طرح کولي سگهو ٿا۔ انهن سافٽويئرن منجها هڪ سافٽويئر اوپيرا مني (Opera Mini) آهي۔ نهايت بهترين سافٽويئر آهي ۽ بنيادي طور تقريبن هر جاوا لينگوئيج کي سپورٽ ڪندڙ ننڍن موبائيل فونن لاء ٺاهيو ويو آهي۔ هن سافٽويئر جي ذريعي اردو سميت تقريبن ٻه سؤ (200) زبانن ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي۔ بدقسمتي سان هن وقت سنڌي زبان لاء ڪا به سپورٽ نه آهي۔ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ به انشاءالله آساني سان ڏسي سگهبي۔ پوء به دوستو مايوس ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي۔ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ هاڻي به ڏسي سگهجي ٿي۔ هيٺ طريقو سمجهائڻ ڪوشش ڪريان ٿو۔ هن سافٽويئر کي انسٽال بنهه آسان آهي ۔۔۔ موبائيل فون جي اصلي انٽرنيٽ برائوزر تي m.operamini.com تي وڃڻ سان اوهان کي اهانجي ئي موبائيل فون جي حساب سان سافٽويئر ملندو۔ جيڪڏهن اوپيرا مني جي سائيٽ اوهان کي اوپيرا مني جي 6.5 يا ان کان مٿي وارو سافٽويئر پيش ڪري ته منهجي صلاح آهي ته اوهان List of all versions واري لنڪ تي وڃي اوپيرا مني 4.4 opera mini جو انتخاب ڪري ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔ ان کان پوء ضروري نيٽورڪ ٽيسٽ کان گزري جڏهن اوپيرامني جي پهرين صفحي تي پهچو ته اوپيرا مني برائوزر جي ايڊريس بار تي هيٺان لفظ لکو about:config اهي لفظ لکي Go to واري پاسي واري بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪ Power-User setting جي ٽائٽل سان پيج کلندو۔ ان پيج جي بالڪل آخر ۾ use bitmap fonts for complex scripts واري آپشن ۾ اگر No چيڪ ٿيل آهي ته ان کي Yes ۾ مٽائي آخر ۾ ڏنل Save واري بٽڻ کي اوڪي ڪري ڇڏيو۔ بس ڪم ٿي ويو۔ سمجهاڻي کي آسان ڪرڻ لاء تصويرون ڏنل آهن۔ هاڻي اوهان موبائيل ۾ تقريبن هر سنڌي فونٽ ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڪجهه بهتر طريقي سان ڏسي سگهوٿا۔ فيس بڪ جا بي شمار سنڌي پيج موبائيل تي پڙهي سگهو ٿا۔ سنڌي ٻولي ۾ ٺهيل فورم گهمي سگهو ٿا۔ عوامي آواز، ڪاوش، عبرت آن لائن موبائيل تي پڙهي سگهوٿا۔ سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي آن لائن سنڌي ڪتاب ۽ ميگزين پڙهي سگهوٿا۔ هي طريقو پرفيڪٽ ته نه آهي پر منهجي خيال ۾ نسبتن بهتر آهي۔
جواب: اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي واقعي ادا مون توهان جي ڏسيل ٽپ تي عمل ڪري سنڌي صفا صحيح پئي نظر اچي۔مهرباني سائين لک قرب۔
جواب: اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي ادا سجاد لک مهربانيون سچ ته اوهان خوبصورت شيئرنگ ڪري اسان جو هڪ مسئلو موبائل تي سنڌي پڙهڻ وارو ۽ سنڌي فونٽ کي ڏسڻ جو ته حل ڪيو۔ ان اميد ته اڳتي وڌون پيا ته جلد موبائل جي سنڌي سپورٽ لکڻ لاء به ملي ويندي۔ اوهان جي شاندار شيئرنگ آهي
جواب: اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي ان شاءَ الله، الله ڪري اهو ڏينهن جلد اچي جو اسان پنهنجي مٺڙي ٻولي موبائل ۾ به لکي سگهون۔۔۔ سائين سجاد صاحب اوهان جي محنت کي سلام۔۔۔۔
جواب: اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي دوستو! جيڪڏهن اردو ٻولي لاء اوپيرا مني ۾ سپورٽ موجود آهي ته سنڌي ٻولي کي شامل ڪرڻ ۾ اوپيرا مني وارن کي ڪا گهڻي مشڪل پيش نه ايندي۔ ڳالهه رڳو اها آهي ته انهن کي اپروچ ڪيو وڃي ۔۔ انهن سان لهه و چڙهه ۾ اچجي ۔ شايد اهو ڪم سنڌ سلامت جي سنڌي ٻولي جي عاشقن هٿان ٿي وڃي۔ اوپيرا مني سافٽويئر ويب پيج کي پهريان پنهجي سرور (server) تي لوڊ ڪري ٿو ۔ ان کانپوء انهي ويب پيج کي کي ڪمپريس (Compress( ڪري موبائل جي اسڪرين تي پيش ڪري ٿو، انهي طريقه ڪار سان ويب پيج جي ڊيٽا گهٽجي وڃي ٿي۔ نتيجي ۾ هڪ ته پيج جلدي کُلندو آهي ٻيو وري ڊيٽا جي گهٽ استعمال سبب GPRS جي قيمت به بچي پوي ٿي۔ اڇا! جيئن ته هن تحرير ۾ جيڪو طريقو سمجهايو ويو آه، ان موجب اوپيرا مني سافٽويئر سنڌي فونٽ کي بٽميپ رينڊرنگ (Bitmap rendering) واري ٽيڪنڪ سان اسان جي سامهون آڻي ٿو مطلب ته اسان جي سامهون جيڪو پيج کُلي ٿو اهو هڪ تصوير جي صورت ۾ ظاهر ٿيئي ٿو۔ انهي طريقي سان اسان جو پيج عام اوپيرا مني پيج جي مقابلي ۾ ڏهوڻي وڌيڪ ڊيٽا استعمال ٿيئي ٿي۔ پيج به کُلڻ ۾ نسبتن گهڻي دير لڳائي ٿو۔ اوپيرا مني سافٽويئر ٺاهڻ وارا جيڪڏهن سنڌي ٻولي جي سپورٽ شامل ڪندا ته تمام سٺو ڪم ٿي پوندو۔ ايئن چئجي ته سنڌي موبائل ڪمپيوٽنگ ۾ اهو هڪ پهريو قدم هوندو۔۔ سنگ ميل هوندو۔ منهنجي ساڃاه وارن دوستن کي گزارش آهي ته اوپيرا مني ۾ سنڌي سپورٽ شامل ڪرڻ لاء بهتر ڪيس ڊرافٽ ڪري اوپيرا مني سافٽويئر ٺاهڻ وارن کي موڪلي اردو وانگر سنڌي ٻولي جي سپورٽ به شامل ڪرائين۔ پهريون قدم کڻڻ گهرجي هاڻي۔ ڪوشش ته ڪري سگهجي ٿي گهٽ ۾ گهٽ۔ تحرير ۾ اوڻايون هجن ته معذرت۔
تمام زبردست، مون کي اوپيرا مِني ۽ اوپيرا نيڪسٽ سان اها شڪايت هُئي ته سنڌي پڙهڻ ۾ ڇو نه ٿي اچي، هاڻي سڪون سان ڪاوش اخبار پڙهي سگهان ٿو ۽ ڪافي پوسٽون سنڌ سلامت جون۔ مهرباني ادا۔
اوپيرا لاءِ اڳي ئي ٻڌو هو ته اها سهولت انهي ۾ آهي۔ وري به سجاد علي چنه جي مهرباني جن هي ليک ڏيئي ڳالهه چِٽي ڪئي۔ گورڌن ولاسائي ڀا هاڻي ڪجهه سنڌ سلامت تي به لکو۔ اوهان پنهنجي لاڳاپيل فيلڊ متعلق تمام گهڻُ لکي سگهو ٿا۔
اھا معلومات سندھ سجاگ ویب سائیٹ تان کنئي وئي آھي۔ان حوالي دوتو ھي سانٹویئر ضرور آزمائیندا۔ crystal urdu 1.54
ادا ڪا به راءِ ڏيڻ کان پهرين ان تي مڪمل طرح سان سوچجي۔ توڙي جو سنڌ سلامت انتظاميه يا انهي جا ميمبر ڪڏنهن اها دعوى نه ٿا ڪن ته ڪو هتي ٻين سائيٽس تان مواد نه ٿو اچي يا ڪو اهو بُرو عمل آهي۔ پر هتي هڪ روايت بهرحال آهي ته ميمبر ڪٿان به مواد آڻين انهي جو حوالو ضرور ڏيندا آهن۔ نه ڏين ته کين انهي لاءِ راغب به ڪيو ويندو آهي۔ جيڪا پوسٽ اوهان ٿا چئو اها سنڌ سڄاڳ تي موجود ته آهي پر 22 فيبروري 2012 تي پوسٽ ٿي آهي۔ ۽ اها ڪنهن ٻي نه پر سنڌ سلامت جي ساٿي ئي ڪئي آهي فاروق سومرو۔ جڏنهن ته هي موضوع انهي کان چار ڏينهن پهرين 18 فيبروري تي هتي پوسٽ ٿيو۔
ادا اصل ۾ هي پوسٽ مون پنهنجي بلاگ تي 8 فيبروري 2012 تي لکي هئي۔ جيئن ته تحرير منهنجي ئي هئي ان ڪري ذريعو ڏيڻ جي ضرورت پيش نه آئي۔ تصويرن ۾ به چٽي طرح سان ”سجاد جو بلاگ“ لکيل آهي ۽ اهي اسڪرين شاٽس به پنهنجي ئي موبائل مان ورتا هئم۔ اهو بحث ثانوي حيثيت ٿو رکي ته پهريان ڪنهن پوسٽ ڪئي۔