ادا سائين سڀ کان پهرئين آئون توهانجي سينيئر ميمبر ۽ پنهنجي پياري دوست ۽ ساٿي عبدالرزاق ميمڻ (سنڌي ميڊيا ) جو شڪر گُذار آهيان جنهن سنڌ سلامت سان مُتعارف ڪرايو۔ اُن کان پو آئون سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سڀني ميمبرن کي سلام پيش ڪريان ٿو۔ ادا سائين شايد توهان ڪي ٽي اين جي شروعات ۾ سُگهڙن جو پروگرام "ڪچهري جا مور“ ضرور ڏ"و هوندو آئون اُن پروگرام جو ڊائريڪٽر ۽ هوسٽ به رهيو آهيان۔ مُهنجو هن سلسلي ۾ سال ان سُگهڙن جي پروگرام ”ڪچهري جا مور“ جو ايوارد پڻ ڪي ٽي اين انتظاميه ڏسندڙن جي را سان ڏنو۔ ان کان علاوه ”سنڌي ادبي بورڊ طرفان مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ منظور ٿي جناب وائس چانسلر ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي صاحب هٿن مليو۔ باقي توهان سان ڪچهري اڳتي هلي ٿيندي جڏنهن توهان ثقافتي پروگرام ڪندا ۽ دعوت ڏيندا ته پيرين اُگهاڙي حاظر ٿينداسو ۽ ملي سنڌ سلامت لا ڪم ڪنداسون۔
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو سنڌ جي نوجوان ڀاء انور علي ڪيريو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان راهن ۾ گل وڇائي ۔۔۔۔ مٺڙن جو سلامي ٿيان :dancinglock::dancinglock: جهڙو ادو عبدالرزاق ميمڻ صاحب، ڪڏهن قومپرست ته ڪڏهن اداڪار، ڪڏهن تاريخدان ته ڪڏهن محقق هر رنگ ملنٿا سنڌ جي هن سهڻي ڪردار ۾ ۔۔۔ اسين ٿورائتا آهيون سائين عبدالرزاق جا جو اوهانجهڙو کلمک، مٺڙو، ڏاهو ۽ پيارو دوست ملايو آهي۔:yahoo: اوهانجي تعرف مان ئي اوهانجي خوشمزاجي ائين ليئا پائي ٿي جيئن ڪا ناري ٽپڙي يا پال مان ليئا پائي پئي پنهنجي پيار کي نهاريندي آهي۔ سُگهڙن جو پروگرام ۽ ڪچهري جا مور“ جهڙن پروگرامن جو خالق ۽ مالڪ اسانجي هن سنڌ دوست اوطاق تي ڪهي آيو آهي، اسانجا ته ڀاڳ ڀلا ٿي پيا ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ته دلن جا غبار هلڪا ٿين۔ سهڻا سائين سنڌ سلامت سنڌ دوست اوطاق آهي، جت سڀ سنڌ ۽ سنڌيت پرست دوست اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿي پيا هڪٻئي جي رهنمائي ڪندا آهيون، اميد ته اوهان به اسانجي سٿ ۾ شامل ٿي اسانجي رهنمائيءَ جو فرض نڀائيندا ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي ۽ ڀيرو نه ڀڃڻ جو عرض رکجي ٿو ۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستيون رکي، اميد ته اوهانکي پيار، خلوص ۽ سچائي ملندي۔۔۔ ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي، تون تنين سان اَڏِ، اُوڏا اَڏي پکڙا۔ سدا جڙيا هجو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو ادا تواهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو [/CENTER][/IMG]
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو سائين اسان جي خوشنصيبي آهي جو اوهان جهڙا ڏاها دوست هن ميڙاڪي ۾ شامل ٿيا آهن، ۽ ان شاءَ الله هي پليت فارم وڏي تبديلي آڻيندو۔۔۔ دنيا ڏسندي،،،، ان شاءَ الله اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون، ۽ ادا عبد الرزاق صاحب جن جا پڻ ٿورائتا۔۔۔
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو مهربان دوست انور علي ڪيريو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙي سڄاڻ دوستن جي راين، صلاحن ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔ سائين عبدالرزاق صاحب اسان جي فورم تي پنهنجو علمي ۽ ادبي لکڻيون ونڊ ڪندو رهندو آهي، سندس مهربانيون جو اوهان جهڙي دوست کي سنڌ سلامت تي وٺي آيا آهن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو ادا توهانجو مونکي ڀلي ڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي سٿ ۾ ساٿي ڪرڻ تي مهرباني۔
جواب: ڀلي ڪري آيس! سائين مُهنجو تعارف هن ريت آهي! ڀلاڪار ڪجو ادا ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت اڳڻ تي ۽ توهان جي ڪچهري به ٻڌي تمام سٺي آهي۔
الله اچن او جن آئي من سرهو ٿئي (شاهه)سنڌ سلامت تي اوهان جو سواڳت آهي اوهان جي اچڻ سان سنڌ سلامت کي هڪ نئون ميمبر نصيب ٿيو آهي اوهان جا وڏا وڙ جو سنڌ سلامت تي ڪهي آيا
سنڌ سلامت تي اوهان جو سواڳت آهي اوهان جي اچڻ سان سنڌ سلامت کي هڪ نئون ميمبر نصيب ٿيو آهي اوهان جا وڏا وڙ جو سنڌ سلامت تي ڪهي آيا