SALIM CHOHAN
سينيئر رڪن
السلام عليڪم پيارا سنڌي دوستو
آءُ آهيان سليم الله چوهاڻ، ڪوٽڙي شهر کان.
سنڌ سلامت تي ته وقت بوقت ڦيرو ڀريندو رهندو هوس، ۽ فائدو حاصل ڪندو رهندو هوس، پر رجسٽريشن ڪرڻ ڪانه ايندي هئي.
اڄ آءُ ڪراچي ۾ پنهنجي پياري دوست سائين طاهر سنڌي صاحب جن وٽ آيل اهيان، ته اهو وقت غنيمت سمجهندي مون ادي طاهر سنڌي جن کي رجسٽريشن ڪرائڻ جو عرص ڪيو، جن انتهائي خوشي سان قبول ڪندي رجسٽريشن مڪمل ڪري ڏني.
ان شاءَ الله هاڻ آءُ فورم تي پنهنجا ليک به موڪلي سگهندس، ۽ هتان به ڪافي فائدو حاصل ڪندس.
ادي طاهر سنڌي صاحب جن جو شڪر گذار آهيان جن رجسٽريشن جو عمل آسان ڪري ڏنو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت