• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊوائس تي هٿ رکو، وٺو موسم جو حال

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
سڄي دنيا ۾ موسم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ويدر نيوز يا انٽرنيٽ جو سهارو ورتو ويندو آهي پر هاڻي هڪ اهڙي ڊوائس متعارف ڪرائي وئي آهي. جنهن جي ذريعي اوهان گهر ويٺي موسم جي اڳڪٿي ڪري سگهندا. هن ڊوائس کي المونيم سان ٺاهيو ويو آهي. انٽرنيٽ سان لڳايل هن ڊوائس ۾ پنهنجي لوڪيشن ۽ ڪوڊ لکيو ويندو آهي. جنهن بعد هي آٽوميٽڪ حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي. هن جي مٿان هٿ رکڻ بعد اوهان کي ٻڌايو ويندو. سڀاڻي موسم گرم هوندي يا ٿڌي
W-4.jpg
 
جواب: ڊوائس تي هٿ رکو، وٺو موسم جو حال

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته وڌيڪ سهولتون ۽ آسانيون
 
جواب: ڊوائس تي هٿ رکو، وٺو موسم جو حال

ادا فاروق بهترين ونڊ آهي، پر ڪاش ان ڊوائيز جي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ معلومات به ڏيو ها ته هوند ڀلو ٿي وڃي ها، جهڙوڪ:
هن ڊوائيز کي ڪهڙي ڪمپني تيار ڪيو اهي؟
۽ ڇا هي مارڪيٽ ۾ اچي به چڪو آهي يا نه؟
ان جي قيمت جي ڄاڻ به ملي ها۔
۽ ڇا هي ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو يا ڪنهن به ملڪ ۾؟
ڇا پاڪستان ۾ به هي ڊوائيز اچي چڪو آهي يا نه؟ ۽ جي آيو آهي ته ان جي قيمت وغيره۔۔۔۔
 
Back
Top