ڪتاب مومن جو هٿيار تي تبصرو

'مختلف موضوع' فورم ۾ SALIM CHOHAN طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2012۔

  1. SALIM CHOHAN

    SALIM CHOHAN
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مومن جو هٿيار
    (دعائن جو مجموعو)
    مؤلف: مولانا رحيم بخش انڍڙ

    سليم الله چوهاڻ

    جيئن نالي مان ظاهر آهي ته هي دعائن تي مشتمل ڪتاب آهي هن ڪتاب ۾ دعا گهرڻ جي فضيلت، دعا جا آداب، جن حالتن ۾ دعا قبول ٿيندي آهي. دعا قبول ٿيڻ جون جايون، جن ماڻهن جي دعا قبول ٿئي ٿي انهن جو بيان، دعا قبول ٿيڻ جا وقت. دعا قبول نه ٿيڻ جا سبب وعيره ذڪر ڪيل آهن هن کان پوءِ مسلمانن لاءِ رات ڏينهن جي مختلف وقتن ۽ زندگيءَ جي حالتن ۾ پڙهڻ لاءِ قرآن ۽ حديث مان ثابت ٿيل دعائون ذڪر ڪيل آهن.
    اڄ هر ڪنهن جي دانهن آهي ته اسان جي دعا قبول نٿي ٿئي. انهيءَ ڪري اهي قبرستان جا چڪر لڳائيندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن هِن قبر وٽ ته ڪڏهن هُن قبر وٽ هٿ کڻي ويٺل هوندا آهن. حالانڪه اهو طريقو خود رب پاڪ کي ناراض ڪرڻ جو آهي جو سندس حق ٻين کي ڏئي رهيا آهن. انهيءَ ڪري هي ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته دعا صرف رب پاڪ کان گهرجي ليڪن هن يقين سان گهرڻ گهرجي ته رب پاڪ منهنجو عرض ٻڌي ٿو ۽ دعا قبول ڪندو. هن ڪتاب ۾ دعائن کان سواءِ جنازه نماز پڙهڻ، استخاره ڪرڻ، نماز پڙهڻ جو طريقو، فرض واجب وغيره وضو ۽ غسل جو طريقو ۽ انهن جا مسئلا، حاصل مطلب ته هر مختصر ۽ جامع رسالو آهي. عربي عبارت تي اعراب ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙن کي صحيح فائدو ٿئي. هي مولانا رحيم بخش انڍڙ جي پهرين ڪتاب جي تصحيح ۽ نظرثاني مولانا محمد رمضان ڦلپوٽي صاحب ڪئي آهي تنهن ڪري ڪتاب مستند ٿي ويو آهي. ڪتاب ۾ زبان سليس ڪم آندل آهي. تصنيف آهي ليڪن ڪتاب تي قيمت لکيل ڪونهي. ڪمپيوٽر جي ڪتابت سان 65 صفحن تي مشتمل اڇي پَني تي چار رنگي ڪارڊ جي جلدبندي سان آهي.

    مدرسه عربيه صديقيه ڳوٺ حاجي محمد حسن مڪراني نزد ٽنڊو آدم کان ملي سگهندو.

    هي منهنجو مضمون ماهوار الفاروق سنڌي ربيع الاول 1433ھ ۾ شايع ٿيو آهي
    سليم الله چوهاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو