رضوان گل ڏک سکن جي سونهن... [JUSTIFY] زندگي به عجيب شيءِ آهي جنهن ۾ ڪڏهن ته خوشين جا اٿاهه ساگر موجون هڻندي محسوس ٿين ٿا ته ڪڏهن وري دردن جا درياهه وهي ڇڙن ٿا. اکيون جن کي پنهنجي الڳ زبان آهي اها زبان جنهن کي ڪنهن به آواز جي ضرورت ئي نه ٿي هجي... اکيون جڏهن اکين سان ڳالهائينديون آهن ته اهي ڪيتريون ئي اڻ اچاريل ڳالهيون سمجھائي وينديون آهن... اکين جي ٻولي ته اها ٻولي آهي جنهن لاءِ چيو ويو ته: اصل يار اکين جي ٻي آهي ٻولي سڄڻ لئه سولي ڏکي ساري ڏيهه لاءِ اکين جي اها ٻولي عشق جي درياهه ۾ لٿل اهي عشاق ئي سمجھي سگھندا آهن جن جي اندر ۾ سڪ ۽ ڇڪ هوندي آهي. اها ٻولي سڄڻ لئه ئي سولي هوندي آهي باقي ٻيو لوڪ ته ان ٻوليءَ کي ڪڏهن به پرجھي ناهي سگھندو. سو ڳالهه پي ڪئي سين زندگيءَ ۾ ملندڙ خوشين ۽ دردن جي حوالي سان... جڏهن زندگيءَ ۾ ٽهڪن ۽ سڏڪن جو ذڪر نڪتو ته اکيون ياد اچي ويون، اهي اکيون جيڪي پنهنجي مقناطيسي چرپر ذريعي ڪڏهن ته خوشين جا بي بها موتي به ارپي ڇڏينديون آهن ته ڪڏهن وري دکن جا حماليه جيڏا جبل به ڪيرائي وجود کي ذريون ذريون ڪري وجھنديون آهن. جيون ۾ ٽهڪن ۽ گھاون جو ذڪر ڪندي اياز گل چيو ته: سڀ ٽهڪ سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾ سڀ لڙڪ سڀئي گھاوَ اسان جھول جھليا سين زندگي ۾ غم ۽ خوشي گڏ گڏ هلندا رهن ٿا.. غم جيڪو اسان کي گھڻو ڪجهه سيکاري وڃي ٿو ۽ خوشي جيڪا اسان کي ٻي وڏي غم سهڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿي.. يا کڻي ائين چئجي ته خوشيءَ وارو وقت اهو وقفو هجي ٿو جنهن ۾ ڪو غم نه ٿو هجي. بحرحال جيون ته آهي ئي مليل جھليل جذبن ۽ محسوسات جو مجموعو. ان ئي جيون ۾ جڏهن ماڻهن کي غم ۽ پريشانيون ملن ٿيون ته ڪي ماڻهو انهن غمن جي بار هيٺ ايترو ته دٻجي وڃن ٿا، جو هو ان غم واري ڪيفيت کي پنهنجي مٿان بلڪل حاوي ڪري ڇڏن ٿا ۽ ان غم واري ڪيفيت مان سندن نڪرڻ محال ٿي وڃي ٿو. دکن ۽ دردن کي پنهنجي مٿان هاوي هرگز ڪرڻ نه گھرجي، بلڪه زندگيءَ ۾ ته غمن جي الڳ گنجائش رکڻ گھرجي ڇا لاءِ ته درد اڪثر اچانڪ هليا ايندا آهن. اهي اسان جو در کڙڪائي اسان کان اجازت وٺي ڪونه ٿا اچن. ان ڪري دکن جي گنجائش جيون ۾ بلڪل ائين ئي رکڻ گھرجي جيئن ڪو ري ڪوٺيو مهمان اچي ڪڙڪندو آهي. جيڪڏهن غمن کي اسان پنهنجي مٿان هاوي ڪري ڇڏيندا سين ته پوءِ جيون جو هي سفر ڏاڍو ڪٺن ٿي پوندو... جيون جي سفر ۾ خوشيون به آهن ته درد به. اسانکي دکن، دردن ۽ مسئلن کان فرار حاصل نه ڪرڻ گھرجي بلڪه مسئلن سان منهن مقابل ٿي انهن کي سهڻي ريت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. شاهه سائين چيو ته: اچو سورن واريون ڪريون سور پچار ڪنهين گهڻا ڪنهين ٿورا ڪانهي سورن ڌار ڏنا جي ڏاتار مون جهولي پاءِ جلهيا لطيف سائين ڏکن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته اچو ته سڀئي سورن واريون گڏجي هڪ ٻئي سان انهن سورن جا حال ونڊيون جيڪي ڪنهن وٽ ٿورڙا ته ڪنهن وٽ جھجھا آهن، پر ڀٽائي ڏاتار جي ڏنل انهن سورن ۽ دردن تي رنج نه آهي بلڪه انهن کي ته هو جھوليءَ ۾ جھلڻ جي ڳالهه ڪندي قبول ڪري ٿو. ڇالاءِ ته کيس اها سڌ آهي ته جيون ۾ ڏک لازمي جز جيان هجن ٿا. جيئن گھڙو آويءَ ۾ پچي راس ٿيندو آهي ڏک به انسان کي انهيءَ باهه ۾ پچيل گھڙي مثل پچائي راس ڪن ٿا. اسان کي ڏکن مان به سبق حاصل گھرجي ته جيئن اڳتي انهن تڪليفن کان پاڻ کي محفوظ رکي سگھون. جڳ مشهور ڏاهي ائڊلين، زندگيءَ جي ناڪاميءَ مان به سبق حاصل ڪرڻ جو سهڻو مثال ڏيندي چيو هو ته ”مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ناڪام نه ٿيس، ڇو ته مون هر ناڪاميءَ مان ڪجهه نه ڪجهه فائدو ۽ سبق ضرور حاصل ڪيو“ . هن ننڍڙي ڳالهه مان اسان کي به سکڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ملي ۽ حاصل ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن اسان به پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين مان سبق حاصل ڪريون. جيڪڏهن ائين ڪندا سين ته اسان جيون ۾ مايوسين ۽ دکن کان پاڻ کي گھڻي حد تائين بچائڻ ۾ ڪامياب ويندا سين. زندگي اسان کان هر قدم تي امتحان وٺي ٿي. اهو اسان جي سوچ جي قوت تي دارومدار هجي ٿو ته اسان ان امتحان سان ڪهڙي ريت ٿا منهن ڏيئون. هونئن ته اسان دنيا جا ڪيترائي امتحان ڏيندا رهون ٿا پر انهن امتحانن لاءِ اسان کي اڳواٽ ئي ذهني طور تي تيار ڪيو ويندو آهي، اهي سبق جن مان امتحان ٿيڻو هوندو آهي سي اسان کي اڳواٽ پڙهايا ۽ چڱيءُ ريت سمجهائيا ويندا آهن پر زندگيءَ جي امتحان ۾ اسان کي ڪوبه سبق اڳواٽ ناهي پڙهايو يا سمجھايو ويندو بلڪه زندگيءَ جي سفر ته ۾ امتحان اڳواٽ ورتو ويندو آهي ۽ ان مان سبق بعد ۾ حاصل ڪيو ويندو آهي. زندگيءَ ۾ ملندڙ دکن جي حوالي سان لطيف سائين چيو ته: ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ريءَ ڏيکاريس ڏکن گوندر گس غم پرين جو اسان اهو ڄاڻون ٿا ته ڏکن جو جيون سان تمام گھرو سٻنڌ آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته جيون ۾ خوشيون عارضي هجن ٿيون ۽ درد سڄي عمر جا ساٿي ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ ئي ته لطيف سائين ڏکن کي سکن جي سونهن سڏيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي درد واري ڪيفيت ۾ به چپن تي مرڪ سجائي رکن ٿا اهي ئي دراصل خوش گذارڻ جي فن کان واقف هجن ٿا. خوش گذارڻ لاءِ صرف پنهنجي ذات جي چوگرد ئي چڪر لڳائڻ ڪافي نه آهي بلڪه اصل مسرت ته ٻين جي چپن تي مرڪ سجائڻ ۾ ئي ملي ٿي. توهان جيڪڏهن ٻين کي خوشيون ڏيو ٿا ته موٽ ۾ اوهان جي من کي به يقينن اهڙو سڪون ملي ٿو جنهن سان اوهان جا غم ڪجهه گھڙين لاءِ ئي سهي دور هلي وڃن ٿا. اچو ته هڪ ٻئي کي دل جي گھرائين جا دلجاءِ ۽ آٿت ڏيون ته جيئن اسان کي دلي سڪون حاصل ٿي ڇا لاءِ ته انسان سڄي عمر انهيءَ سڪون لاءِ ئي جستجو ۽ جاکوڙ ڪندو رهي ٿو. زندگيءَ جي حوالي سان ڪنهن شاعر جا احساس ڪجهه هن ريت به پيش ڪيل آهن ته: ڪوڪو پکي ڪوجھو، ڪوڪو پکي هنج ڪنهن کي مليون خوشيون، ڪنهن کي مليو رنج زندگي آ شطرنج، کيڏج وڏي خيال سان زندگي گذارڻ ڏاڍي اوکي آهي. بقول شاعر ته اها شطرنج جي بازيءَ جيان به آهي جنهن جي هر قدم تي نئين چال نظر اچي ٿي. انهن چالن ۽ چالاڪين کي ڪهڙيءَ ريت مات ڏجي يا انهن سان ڪيئنءَ مقابلو ڪجي! سو وقت جو گذرندڙ هر پل اسان کي سيکاريندو ئي رهي ٿو. اوهان جيون کي جيڪڏهن صرف لڙڪ بڻائيندئو ته اهو لڙڪن جي سيلاب ۾ وهي ويندو. پر جيڪڏهن ان ئي زندگيءَ کي ڪو حسين نغمو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندءُ ته پڪ ڄاڻو اوهان ڪيترين ئي پريشانين سان مقابلو ڪرڻ سکي وٺندئو. اسان هر روز ڪيترن ئي نوَن ماڻهن سان ملاقات ڪيون ٿا ۽ انهن مان ڪجهه نه ڪجهه نئون سکون ٿا. اسان ڪيترائي اهڙا ماڻهو به ڏسندا آهيون جيڪي تمام وڏين پريشانين کي به آسانيءَ سان حل ڪندي نظر ايندا آهن. اِهي اُهي ئي ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي جيون کي لڙڪن جي سيلاب ۾ وهائڻ بجاءِ ڪو حسين نغمو بڻائڻ جي جستجو ڪندڙ هوندا آهن. اچو ته گڏجي پنهنجي جيون کي جيترو ٿي سگھي سڦل بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون، ته جيئن جيون جو سفر سوکو گذري سگهي. اچو ته گڏجي جيون ۾ خوشين جا گلاب پوکيون جن سان هي سڄي ڌرتي هي سڄو جڳ مهڪي پوي. ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”زندگي تمام گھڻي مختصر آهي، پيار ڪرڻ لاءِ به مختصر، ماڻهو الائي جي ڪيئن اها نفرتن ۾ وڃائي ٿا ڇڏن“ سادن لفظن ۾ ڪيل ڪيڏي نه گھري ۽ سهڻي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ان هڪ ڳالهه کي هينئين سان هنڊائجي ته هوند اسان جي جيون جا ڪيترائي غم ۽ پريشانيون دور ٿي وڃن. بس صرف پيار سان ئي پيار ڪرڻ گھرجي ۽ نفرتن سان نفرت. جيڪڏهن اسان پنهنجي جيون ۾ ٻين سان گڏ پاڻ کي به خوش ڏسڻ چاهيون ٿا ته پنهنجي اندر ان ڳالهه کي ڀرپوريت سان سمائڻ جي ڪوشش ڪريون پوءِ اسان کي هر ڏسا ٻهڪندڙ گلاب نظر ايندا. اهڙا گلاب جيڪي هر ڪنهن جي من کي مهڪائيندا آهن. پوءِ چوطرف روشنيون ئي روشنيون نظر اينديون جيڪڏهن اسان پيار جو ڏيئو ٻاري رکندا سين. ائين ڪرڻ سان ضروري نه آهي ته درد اسان کان دور ٿي وڃن ڇالاءِ ته دک جيستائين هي جيون آهي اسان سان ساٿ نڀائيندا ئي رهندا. پر ائين ڪرڻ سان ايترو ضرور ٿيندو ته پيار جي پاڻيءَ سان اسان دکن جي آڳ کي ڪجهه قدر جھڪو ضرور ڪري سگھندا سين. اچو ته پيار جون بوندون نفرت جي آڳ تي ڇڻڪائي محبتن جا ڪي مينهن وسايون جن سان اسان هڪ ٻئي جي دکن کي ڪجهه گھڙين لاءِ ئي سهي گھٽائي سگھون ۽ هل ٻئي کي آٿتون ڏيون.[/JUSTIFY]
جواب: ڏک سکن جي سونهن.. ”زندگي تمام گھڻي مختصر آهي، پيار ڪرڻ لاءِ به مختصر، ماڻهو الائي جي ڪيئن اها نفرتن ۾ وڃائي ٿا ڇڏن“ سائين رضوان گُل جون مهربانيون جنهن هڪ خوبصورت مضمون ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔۔۔ اوهان جي اهڙي ئي سهڻي مضمونن جو انتظار رهندو آهي۔ اڄوڪي حالتن ۾ جڏهن ڪو سک ڏيندو آهي يا سکن جي ڳالهه ڪندو آهي ته اها هڪ خوشي جي خبر هوندي آهي۔ لاجواب مضمون آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڏک سکن جي سونهن.. پر جيڪڏهن ان ئي زندگيءَ کي ڪو حسين نغمو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندءُ ته پڪ ڄاڻو اوهان ڪيترين ئي پريشانين سان مقابلو ڪرڻ سکي وٺندئو سائين رضوان گل صاحب هڪ وڌيڪ قيمتي خزانو ونڊڻ لئه اوهان جا ٿورا۔۔۔