• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

عرس پريو

سينيئر رڪن
آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،
توکي مٺا خلقيو خدا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

لوچان ته ڇا لوچي لهان، سوچان ته ڇا سوچي سگهان،
هر سوچ کان وڌ سونهن آ، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

مُرڪي ڏسڻ موهي وجهڻ، ۽ ڍنگ سان دلڙيون کسڻ،
اي دلربا تنهنجي ادا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

چاسُون چکڻ، ماکيون مکڻ، مصريون سڄڻ، شيرين پر،
تنهنجي لعابن جا مزا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

تنهنجي نظر جو دل جگر تي، واهه جو آهي اثر،
تنهنجو ڪُهڻ تنهنجي قضا،سڀ کان الڳ سڀ کان سڀ کان جدا.

حاذق حڪيمن جي دوا، پيرن فقيرن جي دعا،
سڀ ٺيڪ پر تنهنجي شفا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

جنت برابر خوبتر کان، خوبتر آهي، مگر،
تنهنجي ڳلي صدبارها، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

”مدهوش“ جي آ آرزو، ويٺو هجين تون روبرو،
منهنجي طلب منهنجي دعا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
”مدهوش“
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

چاسُون چکڻ، ماکيون مکڻ، مصريون سڄڻ، شيرين پر،
تنهنجي لعابن جا مزا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
ابا عرس
ايڏو ظلم ته نه ڪر يار!!
 
مدهوش جي مجاز سان ڀريل هن غزل مان جيئن ملان ڳولهي لهي حلوووووو تيئن ادي طاهر به ڳولهي لڌو لعاب جو مزو ۔۔۔ ڇو نه سڪايل ماڻهونءَ کي جيڪا سڪ هوندي سا ئي ڳولهي لهندو ۔۔۔۔ هههههه
 
ادا رشيد ڏسو ٿا نه؟
پو مونکي ميار نه ڏجو!!
هي هميشه اهڙيون ڳالهيون ڪري مونکي ڀڄائي ڇڏيندو آهي!!!
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

چاسُون چکڻ، ماکيون مکڻ، مصريون سڄڻ، شيرين پر،
تنهنجي لعابن جا مزا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
ابا عرس
ايڏو ظلم ته نه ڪر يار!!

عاشقن سان اهڙا ظلم ٿيندا رهندا آهن ۔۔۔۔۔۔ پريشان نه ٿيو
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

مدهوش جي مجاز سان ڀريل هن غزل مان جيئن ملان ڳولهي لهي حلوووووو تيئن ادي طاهر به ڳولهي لڌو لعاب جو مزو ۔۔۔ ڇو نه سڪايل ماڻهونءَ کي جيڪا سڪ هوندي سا ئي ڳولهي لهندو ۔۔۔۔ هههههه

سائين طاهر کي حلوو کپي سو وڃي ڳولهي لڌائين ملن جو ٻيو ڪهڙو ڪم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

”مدهوش“ جي آ آرزو، ويٺو هجين تون روبرو،
منهنجي طلب منهنجي دعا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

مدھوش جي مري وڃي، ھوش کي سنڀالجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔واھ مدھوش واھ۔
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

حاذق حڪيمن جي دوا، پيرن فقيرن جي دعا،
سڀ ٺيڪ پر تنهنجي شفا،سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.

واهه سائين عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ماڻهو اڪيلو رهندو آهي ته اهڙي ئي شاعري من ۾ مانڌاڻ مچائيندي رهندي آهي۔

جي سامهون اچي ٿو ته تابش ٿي ماري
لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪهي ٿي
جي پرچي پوين ٿو ته نوازش ٿي ماري

اکين تي نه مدهوش الزام ڌر تون
اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري
 
جواب: آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،

واهه سائين عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ماڻهو اڪيلو رهندو آهي ته اهڙي ئي شاعري من ۾ مانڌاڻ مچائيندي رهندي آهي۔

ها ادا ڀلي چئو ڏيکا ڏينهن ٿورا
 
Back
Top