ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    توڙي جو هن وقت اليڪشن جو موسم ناهي۔ پر بدين ضلعي جي سدا ڏتڙيل تڪ پي ايس 57 (تعلقو ٽنڊو باگو) تي اليڪشن مهم هلي پئي۔ هي اهو تعلقو آهي جيڪو 2011 جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ۽ ٻوڏ کان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين هتان جو نمائندو مشهور ايم پي اي ڊڪٽر ذوالفقار مرزا (اڃان تائين سمجهه ۾ نه ايندڙ مشن) تي اسان کي ڇڏي هليو ويو۔ ۔ ۔ خير ڇڏي ته هو 2007 جي ڊسمبر جي 27 تاريخ ئي ويو هو جڏنهن هو وؤٽ وٺڻ لاءِ ملڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ اوچتو محترمه جي شهادت جو ٻُڌي جلسو اڌ ۾ ڇڏي روانو ٿيو۔ ماڻهن محترمه جي ڏک ۾ وؤٽ ته ڏيئي ڇڏيا پر هو وري نه آيو۔ ۽ جي آيو به ته نون (عوام ۾ انتهائي غير مقبول) لوڪل ليڊرس سان گڏجي ماڻهن تي طنز ۽ ٽوڪ ڪري هليو ويو۔

    شايد سنڌ ۾ سندس ڪافي مداح به هُجن جيڪي سندس سڀ اوڻاين کي انهي همت ۾ ڍڪي ٿا ڇڏين ته هن هڪ مضبوط پارٽي خلاف ڳالهائڻ لاءِ سڀني کي زِبان ڏني۔ پر پوءِ به ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان پنهنجي تڪ جي عوام جو ڪو مسئلو ته حل نه ٿيندو نه؟

    هو ڇو استعفي تي مجبور ٿيو؟ ڇو لنڊن ويو؟ ڇو بيان ڏنا؟ ۽ وري ڏيڻ بند ڪيا؟ اهي سوال پنهنجي جڳهه تي پر هِن جي تڪ جي حقيقت اها آهي ته سندس تڪ جي وڏي ڳوٺ ملڪاڻي کي ٻوڏ ۾ هن پاڻ وساريو،۔ ۔ ۔ بدين سان سندس تڪ کي ڳنڍيندڙ واحد روڊ اڄ به اڌ ۾ پيل آهي جيڪو گذريل دور ۾ ٺهڻ شروع ٿيو، گئس جا واعدا رڳو واعدا رهيا، سوين بي روزگار نوجوانن کي نوڪري نه ملي، ايرگيشن وارن جي بي واجبي ساڳي رهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو هن ڳوٺ جو انتظامي طرح سان ميرپورخاص سان ڳنڍيل هجڻ وارو مسئلو به هتي جو هتي رهيو۔

    ۽ هاڻ مرزا صاحب جو پٽ پيء جي ڇڏيل سيٽ تي اچي اليڪشن وڙهڻ بيٺو آهي۔ ساڳيا ڪم آهن۔ اٻوجهه عوام کانئن اهو پڇڻ جو حق نه ٿي رکي ته اسان پنهنجي ضمير جو فيصلو ڪندي اوهان کي اڳ وؤٽ ڏنو انهي جو ڇا ٿيو؟ ڇو ته مقامي سطح تي ڪُجهه با اثر سندن ٻڌي ڇوڙي جا مالڪ آهن۔ اهي مرزا جي پٽ جي واعدن تي اعتبار ڪري ويٺا آهن۔ ڇو ته کين پڪ آهي سڀاڻي ڪا اُڙي ٿُڙي درخواست منظور به ٿي ته اسان جي ئي ٿيندي۔ غريب جو ڇا آه؟ اهو اڳي به اسان جو ڪڙمي هو هاڻي به آهي۔ انهي جو ڇا وڃي ڪنهن کان ڪجهه پڇي؟

    [​IMG]

    ملڪاڻي مان ئي پڙهي هاڻي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر حفيظ ڪنڀر (نامور ليکڪ) 2010 ۾ اهڙن ميمبر تي هڪ آرٽيڪل ڪاوش ۾ سندس سلسلي ڀوڳ ڀوڳ ۾ لکيو۔ هينئر موقعي جي مناسبت سان اهو آرٽيڪل هتي ڏيڻ مناسب آهي۔

    [​IMG]
    [​IMG]


    ڇو ته پي ايس 57 تي پينافليڪس تي اسان وارو ميمبر به رڳو ويٺو کلي ته هي عوام ڪيڏي نه بي وقوف آهي؟

    [​IMG]

     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    منهنجو ميمبر اليڪشن ڪئمپين ۾!
    [​IMG]
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    توهان جو ليک جتي جذبن جي ترجماني ڪندڙ لڳو ته اتي ڏکن ۽ سورن جي داستن به لڳو۔۔
    دعا آهي ته توهان طرفان لڳايل هي ورچوئل چماٽ انهن تائين پهچي جن کي توهان نشانو بڻايو آهي۔۔۔ گڏ اها به دعا آهي ته ان چماٽ جو آواز پڙاڏو ٿي سموري سنڌ ۾ ٻڌجي۔۔۔۔ ته متان اهي شرم کائين ۽ بار بار ٻين جي نالن کي استعمال ڪري لاشن جي سياست ڇڏين۔۔۔ ۽ ڏتڙيل سنڌين جو درد پنهنجي سيني ۾ به محسوس ڪن۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    سائين هي سڀ ٺڳن جو ٽولو آهي۔
    تازو ذوالفقار مرزا جو بيان آيو آهي ته هو پاڪستان ۽ صدر زرداري جي ڪري خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي!!
    لڳي ٿو ته سندس اهو بيان پٽ جي حمايت لا ڏنائين۔۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    وري به اهوئي ٿيندو جيڪو ٿيندو رهيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ٻيو ڪير ايندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو سوال به پاڻ سان گڏ ٻين کان پڇو ؟؟؟

    تبديلي ڪٿان ايندي ۽ ڪير آڻيندو ۽ ڪيئن آڻيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان تي بحث ٿيڻ کانسواء، سوچڻ کانسواء ۽ عمل ٿيڻ کانسواء اوهان کي ٻيهر انهن کي ئي ووٽ ڏيڻو پوندو ۔۔۔۔۔۔ ياد رکو تبديلي ۽ انقلاب اڃان پري پري تائين نظر ڪونه ٿو اچي ۔۔۔۔۔ ۽ ها پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ پنهنجي گهروارن کان به ضرور پڇجو ته ووٽ ڪنهن کي ڏيندا ؟؟؟ ها پر جواب جيڪو ملي اهو سچ سچ لکندا ۔۔۔۔۔
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    اسان وٽ وؤٽر اڪثر عورتون ئي هجن ٿيون جن کي مقامي با اثر ٽريڪٽر ترالهين ۾ ڀري وڃي اليڪشن پولنگ تي ڦٽو ڪندا آهن۔ جتي هو لائين ۾ بهي سڄو ڏيهن بُک مري واپس پنهنجي گهر پنڌ پهچنديون آهن۔ انهن عورتن جهڙا ئي پر (پاڻ کي مرد سڏائيندڙ) همراهه به آهن جيڪي وؤٽ ڏين ٿا۔

    رات هڪ ٻن سان ڳلهه ٻولهه ٿي۔ چون پيا اسان جو ڇا حسنين سان يا مرذا سان۔ اسان جو وؤٽ تير کي آهي پوءِ پي پي ڀلي ڪنهن ڪاري چور کي ٽڪيٽ ڇو نه ڏي؟۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔!

    اهو اٿؤ جواب ادا!​
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    ادا هڪ اهم ۽ اڌرو سچ جيڪو انهن ڳالهين مان اسان کي نظر اچي ٿو، اها هي آهي ته۔۔۔۔
    اسان جو عوام چريو آهي، ووٽ وري به ساڳئي ڌاڙيلن کي ڏيندو، جيڪي کين مشڪلن ۾ ڇڏي ويا هئا۔۔​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    جهڙو ڌڻ تهڙو ڌنار، جهڙو عوام تهڙا اڳواڻ ۔۔۔

    اوهان دوستن کي شابس آهي جو حقيقت کي سمجهڻ لڳا آهيو ۽ ان خلاف آواز به اٿاريو ٿا،

    افسوس اڃان سنڌين ۾ اهڙي ڪا ڌر پئدا به ناهي ٿي جنهن تي اعتبار ڪجي، جنهن جي ايمان جي پختگيءَ تي يقين هجي ۔۔۔

    لٺ يا چٺ جنهن کي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي By Hook or Crook ، ووٽ ته پ پ پ کي ئي ڏيڻو آهي۔

    الائجي ڪڏهن ۽ الائجي ڪيستائين اسانجي اها حالت رهندي ۔۔۔ ؟؟؟؟

    باقي ها اهو ڪالم ڀوڳ ڀوڳ ۾ پڙهي، آءُ پڻ ڏاڍو کليس ... لڳي ٿو ته مميبر کان به وڌ آءُ کلي ويو هوندس، انڪري هاڻ بس ڀلي واڇن ۾ سور پئجي ويندو.
     
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    واهه ادا حفيظ، اصل دل جي ڳالهه ڪئي اٿئي، اوهان جنهن تڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو آئون ان تڪ جو ئي ووٽر آهيان ۽ هيئر اهو تماشو لائيو ڏسي رهيو آهيان ڊاڪٽر مرزا جڏهن اليڪشن ۾ بيٺو هو ته هتي جي ماڻهن شرنايون وڄايون هيون ته اسان کي ڪنڌار ليڊر مليو آهي هاڻي اسان جا سڀ ڏک سور لهي ويندا وري مٿان ڊاڪٽر صاحب جي گهرواري فهميده مرزا اسپيڪر ٿي ته ماڻهن جا ته سڀ سور لهي ويا پر آهستي آهستي خوشي خرم ٿيندي وئي ، ذوالفقار مرزا جي ٻوڏ واري وقت ائين عوام کان پري ٿي وڃڻ سدائين سمجهه ۾ نه ايندو پر تازي اليڪشن جي حوالي سان به ذوالفقار مرزا جي سياست سمجهه ۾ نٿي اچي ڇوته مرزا صاحب جو فرزند پ پ پ جي سيٽ تي وڙهي پيو ۽ اڳ ۾ مرزا صاحب پاڻ فرمايو هو ته حسنين مرزا غيرتمند پٽ آهي ۽ هو پ پ پ جي ٽڪيٽ نه کڻندو جيڪر کڻندو ته آئون هن جي سامهون پنهنجو اميدوار لاهيندس پر هاڻي نڪو اميدوار نظر پيو اچي نه ئي پ پ پ سان مخالفت، الٽو مرزا صاحب ته حسنين مرزا جا اليڪشن ورڪ پيو ڪر!!!!!
    [​IMG][/IMG]
    جيڪڏهن مرزا صاحب کي اهو ئي ڪرڻو هو ته پو سيٽ ڇڏي تماشو ڇو ڪيائين؟ هاڻي سندس پُٽ کي به اهڙو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي جو لڳي ٿو اسان لا آسمان مان ڪو فرشتو لٿو آهي ، ٽنڊي باگي جو عوام ويچارو گهٽ پڙهيل لکيل، سدائين سورن جو شڪار ۽ سياسي طرح سان صفا ننڌڻڪو آهي سو اهي سياسي حرفتون نٿو سمجهي ،
    ان لا سان وٽ سدائين هڪ ئي جواب ملي ٿو ته ووٽ شهيدن جي امانت آهي، پ پ پ کان سوا ڪنهن کي ڏينداسين؟؟؟؟
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    جيستائين ان رويي ۾ تبديلي ڪانه ايندي تيستائين ڪنهن سياسي تبديلي جو امڪان به پري پري تائين نظر ڪونه پيو اچي۔
     
  11. Mustafa Mangrio

    Mustafa Mangrio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 نومبر 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ميمبر منهنجو به رڳو پيو کلي! خانداني روايت جو احترام ڪندي!

    سائين گستاخي معاف! مٿي ذڪر ڪيل ننڍڙا وڏڙا ۽ نوان پراڻا پاروٿا چهرا ڏسڻ کان پو مَنَ اندرَ ۾ رهندڙ سنڌيت کي رانڀوٽا لڳندي محسوس ٿين پيا، ان جو سبب صرف ڀوتارڪي لڏو، واڳونءَ جهڙا وات پٽيل وڏيرا، جاگيردارَ ۽ پيرَ جيسيتائين سنڌ جي سيني تي سوار آهن تيسيتائين پڪ ڄاڻو ته اسان جي سمورين ڪوششن ۽ همتن کي بانبوڙا پائڻ کان اڳ ئي گهٽو ڏئي ننڊ سمهاريو ويندو۔
    داستان گهڻا آهن پر انهن مان هڪ زنده مثال آءُ به اوهان دوستن آڏو پيش ڪريان ٿو۔
    ماڙيپور ڪراچي جي ڀر سان واقعي يونس آباد جو هڪ قديمي سنڌي ڳوٺ آهي، جن جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا اُتي ڄمندا ۽ اُتي ئي دفن ٿيندا رهيا آهن۔
    ڪلاچيءَ مان ڦري ڪراچي جهڙو اجگر شهر هُنن جي اکين اڳيان آباد ٿيندو رهيو آهي، ستم ظريفي ان وقت هيانءَ کي مهٽا ڏيندي آهي جڏهن اُتان گزرندي اکيون کليل رهجي وينديون آهن ته پاڻي جيڪو انسان جي جياپي جو اصل ڪارڻ آهي ان پاڻيءَ ڦڙي لا ڳوٺ جا رهواسي جنهن ۾ معصوم ٻار، عورتون مٿن ۽ هنجن تي مٽڪا ۽ هٿن ۾ بالٽيون کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن روڊ سان گزرندڙ ٽينڪر جو انتظار ڪندي ڏسندو آهيان۔
    سو سائين سُورَ ساڳيا آهن ضرورت آهي انهن سُورن مان جِند ڇڏائڻ جي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو