• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻايو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بوڪ طرفان يوزر پروفائيل کي تبديل ڪندي ٽائيم لائين تي آندو ويو هو۔۔۔ پر الائي ڇو ڪافي دوست هن نئين تبديلي کي پسند نه پيا ڪن۔۔۔ ادا علي علي کي جڏهن پنهنجي پروفائيل کي ٽائيم لائين تي منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ته هن ان تبديلي کي بلڪل به پسند نه ڪيو۔۔ هن جي خيال مطابق اهو ٻه ڪالمي ٽائيم لائين بلڪل به سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي۔۔۔ ڇو ته ان ۾ وڏين تصويرن کي سهيڙيل به سٺي طريقي سان ناهي ۽ نه وري اسٽيٽس تي اپڊيٽ ڪيل مواد جي ڪمينٽس کي درست طريقي سان پڙهي يا سمجهي سگهجي ٿو۔۔۔
دوستو جيڪڏهن توهان به ان ٻه ڪالمي فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل ۾ الجهيل آهيو ۽ چاهيو ٿا ته اهو پروفائيل ٽائيم لائين وانگر ته هجي پر ان جا ٻه ڪالمي نظار ختم ٿي هڪ ڪالمي نظارو بڻجن ته جيئن سڀ ڪجهه آساني سان سمجهي ۽ پڙهي سگهجي ۔۔۔ جهڙوڪ هن تصوير وانگر۔۔۔

58126_after.jpeg

جي ها۔۔ دوستو توهان پنهنجي برائوزر جي اسڪرپٽ ۾ تبديلي آڻيندي ائين ڪرڻ ممڪن بڻائي سگهو ٿا۔۔ ان لاءِ۔۔۔ سڀ کان پهريان ته هتي ڪلڪ ڪري ٽائيم لائين فعال بڻايو ۽ پوءِ ۔۔۔۔
گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري اسڪرپٽ پيج جو ڦيرو ڀرين ۽ ساڄي پاسي مٿي install بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اسڪرپٽ انسٽال ڪري وٺن۔۔۔
فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ فائرفاڪس برائوزر ايڊون انسٽال ڪن ۽ پوءِ هتي ڪلڪ ڪري اسڪرپٽ پيج جو ڦيرو ڀرين ۽ ساڄي پاسي مٿي install بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اسڪرپٽ انسٽال ڪري وٺن۔۔۔
انٽرنيٽ ايڪسپلورر، اوپيرا برائوزر ۽ سفاري برائوزر استعمال ڪندڙ دوست هتي ڪلڪ ڪري ان سلسلي ۾ تفصيلي ٽيوٽريل پڙهن ۽ اسڪرپٽ کي پنهنجي مطلوبا برائوزر ۾ شامل ڪن۔۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

ادا رشيد اسان پراڻا ماڻهون آهيون يار ااسان پراڻي سيٽن گ جا عادي آهيون سچ پڇين ته اڃا به ڳاله ڳاٽي مٿان گذري وئي يار مون کي هر وقت اڊڄ رهندو آهي ته ڪٿي فيس بڪ وارا آٽو نه مهنجو فايل سيٽنگ چينج ڪري ڇڏين ۽ مان ويل ۾ اچي وڃان ان ڪري مون کي پراڻي سيٽنگ پسند آهي يار بس مان ته ان کي يوز ڪندس باقي جيڪي نوجوان آهين انهن کي نين شين جي تلاش هوندي آهي انهن لاء يقينن اوهان جي هي ڪاوش ڪار آمد ثابت ٿيندي
 
بهترين معلومات آهي ادا

سدائين گڏ
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

سائين نئين تبديلي بلڪل گوگل پلس جيان لڳي ٿي۔۔۔
پر مونکي وري به ساڳيو اسٽائل وڻي ٿو۔۔۔
ونڊڻ لا ٿورا۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

تبديلي سٺي آهي، اوهان جي ونڊ جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، پر ادا هڪ ڳالهه ٻڌايو۔۔ ڇا ٻئي ڪمپيوٽر تي ڏسڻ سان اسان جي فيسبوڪ ٽائيم لائين هڪ ڪالم نظر ايندي يا صرف هن ئي ڪمپيوٽر تي ايئن لڳندو؟؟؟؟
 
مونکي ته اھا تبديلي اصلي صفا نه وڻي ان جي ڪري مان پنھنجي پروفائيل کي اپڊيٽ ڪيو ئي نه۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

تبديلي سٺي آهي، اوهان جي ونڊ جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، پر ادا هڪ ڳالهه ٻڌايو۔۔ ڇا ٻئي ڪمپيوٽر تي ڏسڻ سان اسان جي فيسبوڪ ٽائيم لائين هڪ ڪالم نظر ايندي يا صرف هن ئي ڪمپيوٽر تي ايئن لڳندو؟؟؟؟

ظاهر آهي هيءَ تبديلي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي برائوزر تي ڪئي آهي ان ڪري اها صرف توهان وٽ ان ئي برائوزر ۾ توهان جي فيس بوڪ پروفائيل ۽ توهان جي دوستن جي فيس بوڪ پروفائيل لاءِ هوندي ۔۔۔ ٻئي برائوزر يا وري ٻئي ڪمپيوٽر تي اها تبديلي نظر نه ايندي۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

پوءِ انهيءَ مسئلي لاءِ ڪو حل۔۔۔؟؟؟
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

مهرباني اهڙي سٺي معلومات ڏيڻ جي

يار رشيد ۽ مرلين وارا فقير علي علي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا پاڻ کي ته اها نواڻ وڻي آهي، تنهنڪري ان سان گڏ پيا هلون جڏهن ڪجهه سمجهه کان چڙهي ويو يعني جهونا ٿياسين ته پوء سوچينداسون۔ باقي فيسبوڪ جي تبديلين به واهه جو منجهايو آهي۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

ادا تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي ۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

ادا رشيد اسان پراڻا ماڻهون آهيون يار ااسان پراڻي سيٽن گ جا عادي آهيون سچ پڇين ته اڃا به ڳاله ڳاٽي مٿان گذري وئي يار مون کي هر وقت اڊڄ رهندو آهي ته ڪٿي فيس بڪ وارا آٽو نه مهنجو فايل سيٽنگ چينج ڪري ڇڏين ۽ مان ويل ۾ اچي وڃان ان ڪري مون کي پراڻي سيٽنگ پسند آهي يار بس مان ته ان کي يوز ڪندس باقي جيڪي نوجوان آهين انهن کي نين شين جي تلاش هوندي آهي انهن لاء يقينن اوهان جي هي ڪاوش ڪار آمد ثابت ٿيندي

توهان اصل ايترو به ڊپ نه ڪيو جو فيس بوڪ ٽائيم لائين کي واپس پراڻي ڪلاسيڪ فيس بوڪ پروفائيل تي آڻي نه سگهجي۔۔۔

dcbmvk.png

وقت مليو ته ان جو تفصيل به لکي موڪلبو۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

ادا مان تنگ ٿي پيو آھيان ڪجھ مسعلو حل ڪيو
 
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ جي ٻه ڪالمي ٽائيم لائين مان تنگ آهيو۔۔۔؟ ته ان کي هڪ ڪالمي بڻا

اوهان ڪهڙو برائوزر پيا استعمال ڪيو ؟
 
Back
Top