هڪ ڳوٺ ۾ هڪ همراه پنهنجي زال ۽ پٽ سان رهندو هو۔۔۔ پٽ ننڍي کان وڏيو ٿيو هو پر ڪو ڪم نه ڪندو هو۔۔ جڏهن ته سندس پيء روزانو ڳوٺ جي ڀرسان شهر ڏانهن ڊيوٽي تي ويندو هو۔۔ پٽ جي واندي ويهڻ تي اڪثر پيء کيس دڙڪا ڏيندو رهندو هو۔۔ پر هميشه ماء پنهنجي پٽ جي پاش ٻڌندي چوندي هئي ته هو اڃان ننڍو آهي۔۔ هڪ ڏينهن والد پٽ تي ڪاوڙ ڪندي پنهنجي زال کي چيو ته ”جيسيتائين هي روزانو ڪمائي نه ايندو تيسين کيس رات جي ماني نه ملندي۔۔“ ٻئي ڏينهن صبح جو پيء پنهنجي ڪم تي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ماء پٽ کي ماني ڏيندي چيو۔۔ ”پٽ تون گهٻراء نه۔۔۔ ! هي وٺ 100 روپيا ۔۔۔ جڏهن پڻهين واپس موٽي ته کيس ڏجانءِ ۔۔ ۽ چئجانءِ ته اڄ مون مزدوري ڪري هي پيسا ڪمايا آهن۔۔۔“ پيء شام جو گهر آيو ۽ پٽ کان پڇيائين ته اڄ تو ڪو ڪم ڪيو ۔۔ ۽ ڪجهه پئسا ڪمايا۔۔۔ پٽ کيسي مان 100 روپيه ڪڍي پيء کي ڏنا۔۔۔ پيء 100 جو نوٽ وٺي غور سان پٽ کي ڏٺو ۽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ اچانڪ 100 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“ ماء 100 جي نوٽ کي ٽڪرا ٿيندي ڏٺو پر ڪجهه نه ڪڇي۔۔۔ جڏهن ته پٽ ڪجهه چوڻ بنا ٻاهر نڪري ويو۔۔۔ ٻئي ڏينهن شام جو واپسي تي هڪ دفعو وري ساڳي صورتحال ٿي۔۔ پٽ هڪ دفعو وري ماء کان ورتل 100 روپين جو نوٽ پنهنجي پيء کي ڏنو ۔۔۔ پر پيء نوٽ کي وٺي ان کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايو۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“ هڪ دفعو وري ماء ۽ پٽ ڪجهه نه ڪڇيا۔۔۔ اهڙي طرح ائين روزانو ٿيندو رهيو ۽ ست ڏينهن گذري ويا۔۔۔ آخر ڪار هڪ ڏينهن پٽ کي احساس ٿيو ته گهڻو ڪجهه ٿيو هاڻي کيس ڪجهه ڪرڻ گهرجي۔۔ هاڻي ماء پريشان ٿي ۽ کيس وڌيڪ رقم ڏنائين پر پٽ رقم وٺڻ بنا ئي گهر مان نڪري ويو۔۔۔ هن ڳوٺ ٻاهران هڪ هاري کي ٻني ۾ ٻج ڇٽيندي ڏٺو۔۔ ۽ کيس سندس ڪم ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي۔۔ هاري سندس محنت سان ڪم ڪرڻ تي خوش ٿي کيس ڪجهه روپيا ڏنا ۔۔۔ جنهن کان پوءِ هي مارڪيٽ ويو جتي هڪ واپاري جو هٿ ونڊائيندي سندس اناج کي گاڏي تي رکرايو ۔۔ جنهن تي واپاري به کيس ڪجهه رقم ڏني۔۔۔ مطلب ته شام جو گهر واپس ويندي سندس وٽ محنت سان ڪمايل 50 روپيا کيسي ۾ موجود هيا۔۔۔ شام جو جڏهن پيء شهر کان واپس گهر موٽيو ته پٽ هن دفعي کيس فخر سان 50 روپيا سندس هٿن ۾ ڏنا۔۔ پيء کيس غور سان ڏٺو ۽ ساڳيو عمل ڪيو۔۔ هن 50 جي نوٽ کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دري کان ٻاهر اڇلايا۔۔ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”هي پئسا تو نه ڪمايا آهن۔۔ يقينن هي پئسا توکي ماڻهين ڏنا هوندا ۔۔“ هن دفعي پٽ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو۔۔ هن روئندي گهر ٻاهران ڊوڙ پاتي ۽ پيء جي ٽڪرا ڪري اڇايل نوٽ کي ميڙڻ شروع ڪيو۔۔ جڏهن هو سمورا ٽڪرا گڏ ڪري اٿيو ته پنهنجي پيء کي سامهون سندس انتظار ۾ ڏٺائين۔۔۔ پيء کيس ڀاڪر ۾ وٺندي چيو۔۔ ”اچ ته ماني کائون۔۔ مون کي خبر آهي ته هي پئسا تو واقعي به ڪمايا آهن۔۔ ڇو ته تون انهن کي ائين ضايع ٿيندي نه ڏسي سگهندي۔۔۔ جو توکي پنهنجي محنت سان حاص ڪيل ان رقم جي اهميت جو احساس ٿي چڪو آهي۔۔ “
جواب: احساس۔۔۔۔ ! تمام ڀلي آکاڻي آهي ۽ اوهانجي انداز بيان انکي واقعي به اثر ڪندڙ ٺاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ بلڪل پنهنجي ڪمائيءَ جو احساس به عجيب هوندو آهي ۽ ماڻهون جڏهن پاڻ محنت ڪندو آهي ته کيس احساس ٿيندو آهي ته هن ٻين جي کيسي جي ڪمائيءَ کي ڪئين استعمال ڪيو آهي؟ ان سان ملندڙ جلندڙ آکاڻي ننڍڙي لئه پڙهي هئي جنهن ۾ بادشاه پنهنجي پٽ جي عياشيءَ کان تنگ اچي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ اعلان ڪرائيندو آهي ته ڪو به منهنجي پٽ کي نه خيرات ڏيندو نه پئسي جي مدد ڪندو ۽ نه مفت ۾ ڪا شئي ڏيندو يا کارايئندو ۽ جي ڪو ڏيندو ته کيس افٽ موت جي سزا ٻڌائيندو ۔۔۔ خئير ڳاله کٽائڻي ته آخر بادشاه جي پٽ ڪجهه پئسا ڪمايا ۽ واپس گهر اچي پيءُ کي ڏيکاريا ته هن هاڻ ڪمائڻ شروع ڪيو آهي، سندس پيءُ پئسا کڻي کوهه ۾ اڇلايا ته سندس پٽ ڏاڍو ڏمريو ۽ رڙ ڪري چيائين ته ايتري مشڪل سان ڪمايل پئسا هن کوه ۾ ڇو اڇلايا ۔۔۔ ان تي پيءُ کيس سمجهائيندي چيس ته پٽ ائين جيڪي پئسا تون عياشيءَ ۾ وڃائينديو هئيئن مون لئه ڄڻ اهي پئسا کوهه ۾ اڇلائيندو هئين ۔۔۔ هاڻ توکي احساس ٿيو ته پرايو پئسو به اوترو ئي قيمتي هوندو آهي جيترو پنهنجي محنت مان ڪمايل ۔۔۔ ادا رشيد ! اسانکي اسانجو دين ميانه رويءَ ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ جو سبق ڏي ٿو ۔۔۔۔ فضول خرچي ۽ رزق کي ضايع ڪرڻ گناهه آهي ۔۔۔ اوهانجون سبق آموز آکاڻيون اسان لئه مشعل راهه آهن ٿورا ناهن ٿورا
جواب: احساس۔۔۔۔ ! سائين رشيد ۽ نثار پاران ونڊ ڪيل ڪهاڻيون واقعي سبق آموز آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ انسان جڏهن محنت ۽ مشقت سان ڪو ڪم ڪندو آهي ته ان جي بدلي مليل اجوري جي اهميت هن لاء گهڻي اهم بڻجي ويندي آهي۔ تنهنڪري اسان جي ننڍڙن ۽ نوجوانن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي۔ خوبصورت شيئرنگ