• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڏل سان سَلِي عاشقن

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
تنهنجي هر ادا دل کي وڻي
نه نه ها ها به سُهڻي

هو منهنجو ئي آهي
نه ڪيو گهڻي گهڻي

هواٿاري يا ويهايري
جند جان جو ڌڻي

ساه جي تندن ۾ ذڪر
هڪ نگاه دل وئي کڻي

ڀل هو لڪي مونکان
صورت دل تان ناه مِٽڻي

ڏاڏل سان سَلِي عاشقن
ايندي، آس ۾ زندگي گذرڻي

 
جواب: ڏاڏل سان سَلِي عاشقن

ادا هاڻ لڳي ٿو ته توهان رڳو مذهب جا خطبه ناهيو ڏيندا پر توهان کي هن زماني جي به هوا لڳل آهي، مگر ظاهر وڃي هاڻ ٿي آهي، ورنه توهان ته سهڻي ۽ سهڻي جي ذڪر کان ڪوهين پري ڀڄندا آهيو، ادا ڏاڏل اسان کي به خبر پوي ته اها ڪير آهي، جنهن اسان جي ڏاڏل جي بقول اوهان جي ( ساه جي تندن ۾ ذڪر،هڪ نگاه دل وئي کڻي ) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 
جواب: ڏاڏل سان سَلِي عاشقن

اداممتاز اسان ته عشق جا آزار ڏسي لفظ جوڙيا آهن باقي اسان عشق جي ع کان به واقف ناهيون هي ڪنهن جي حالٽِ زار ڏسي ذهن ۾ الفاظ جُڙي آيا آهن ۔
وسلام
 
جواب: ڏاڏل سان سَلِي عاشقن

اڄ ڏاڏل سائين ڪو عشق جو ڪٺل پيو لڳي ۔۔۔۔۔۔

سندس مجاز ۽ عشق سان ڀريل شاعري ۽ جذبا پڙهي حيراني به ٿي ته خوشي به ٿي۔
 
جواب: ڏاڏل سان سَلِي عاشقن

اڄ ڏاڏل سائين ڪو عشق جو ڪٺل پيو لڳي ۔۔۔۔۔۔

سندس مجاز ۽ عشق سان ڀريل شاعري ۽ جذبا پڙهي حيراني به ٿي ته خوشي به ٿي۔

سائين مهرباني مري ويا سون اسان تي الائي ڪهڙا ليبل آهن ڪو مولوي ٿو چوي مولوي الائي ڇا ٿا چون۔ پر اوهان جي پسند ڪرڻ جي م،هرباني ۔
وسلام
 
Back
Top