دوستو سياستدادنن جي واتان اڄ ڪلهه تبديلي جا نعرا ۽ وڏي واڪي بيان ٻڌڻ ۾ پيا اچن۔ گڏو گڏ اسان جي سنڌ سلامت تي به مختلف ڏينهن ۽ مخصوصيتن جي لحاظ کان تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي۔ پر هڪڙي پر هڪڙي شي آهي جيڪا تمام گهڻو وقت گذرڻ باوجود تبديل ناهي ٿي۔ رات جو ٽائيم آهي۔ آفيس ۾ ويٺي هيڊلائين سپر موڪلي ڇڏيا آهن، هاڻي بس ڪلاڪ کن واندڪائي آهي۔ سوچيم ته ڀلا ٿورو هجائتو ٿي ڪري ادا رشيد جي تصوير جيڪا سالن کان وٺي تبديل ناهي ٿي۔۔ ان ۾ تبديلي آڻجي۔۔۔۔ سو فيسبڪ تان سائين جي تصوير کڻي ۽ ڪاروائي شروع ڪري ڏني ڪجهه تبديلي آڻيندي آڻيندي هتي اچي اوڪي ڪئي آهي وڌيڪ اوهان به ڏسو۔۔۔۔ هي آهي ادا رشيد جي اوريجنل تصوير۔ ۔۔۔ ۽ هاڻي۔ حاضر آهي تبديلي آڻيل تصوير۔۔۔۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ هي آهي تبديلي آڻيل تصوير۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ هاڻي فرق آوهان ڏسو۔۔۔۔ ۔ ادا حجت جي معذرت۔۔ دعا ۾ ياد۔
جواب: تبديلي وڏي ڳالھ آ شابس ٿئي مست اووو سوري درويش اصلي اوھان به ڪنھن جادوگر کان گھٽ نه آھيون محترم جا ڪپڙا اوھان چينج ڪيا آھن وڏي ڳالھ آھي۔
جواب: تبديلي ادا واقعي اها تبديلي تمام زبردست آهي، بس رڳو ادا رشيد کي تبديل نه ڪجو۔۔ باقي ڪپڙن جو خير آهي۔۔هههه هڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه ته آئوٽر گِلو يا آئوٽ لائين کي ٿورو هلڪو رکو ها۔۔۔ باقي اونئن زبردست آهي تصوير۔۔۔ آخرڪار جادوگر جي تصوير تي درويش محنت ڪئي آهي، ڪوئي ڇوٽي بات ٿوري ئي هي بابا۔۔
جواب: تبديلي اهڙا دوست چئجن جيڪي نوان ڪپڙا پارائن ۽ ميڪ اپ ۾ به واڌارو ڪن، الله جا شڪر جو شڪل نه بدلائي اٿوَ ۔۔۔ هههههه حق سهڻا درويش، سچ پڇو ته هي رنگ وڻندڙ آهي ،،،، ڳاڙهي کان نيرو ڀلو
جواب: تبديلي جيڪڏهن فوٽو شاپ ۾ هن تصوير کي تبديل ڪرڻ جو طريقي ڪار به لکو ها ته موضوع فضول نه سمجهيو وڃي ها۔۔ خير ياد رکڻ جي مهرباني۔۔۔
جواب: تبديلي ھتيت! :yahoo: ڳالھ صفا ڀلي ڪئي آھي سائين جن درويش جن کي مان به ائين ئي چوندس ته ڪپڙا تبديل ڪرڻ جي ٽپ تفصيلي سان ونڊ ڪري۔ :chilli::chilli:
جواب: تبديلي مزي جي ڳالهه اها ته مون کي به اها ٽپ پهرين نه ايندي هئي۔۔ سيوهڻ ۾ هڪ ڦوٽوگرافي جي دڪان تي ڊي ايس ايل ڪنيڪشن لڳائڻ دوران مون کي ان جي معلومات ملي۔۔۔ درويش بابا دير نه ڪر۔ مستن، فقيرن، عاشقن ۽ جادوگرن جو سوال آهي۔۔۔
جواب: تبديلي يار درويش سچ ته واهه جو ڪم ڪيو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سدائين اها ڳاڙهي شرٽ پايو ويٺو آهي، ٽن سالن ۾ به اها تصوير ڪانه مٽائي اٿس۔ پر ڪڏهن به ملندي مان کيس ڳاڙهي شرٽ ناهي ڏٺي۔ پر پوء به پروفائل تان اها تصوير ڪونه ٿو مٽائي۔ خير اهڙي تبديلي اسان کي به قبول آهي يار ۔۔۔۔۔۔۔