[JUSTIFY]سنڌ ۽ ملڪ جي عظيم سياستدان، ڏاهي، نظريي دان، نقاد، مدبر، محقق، مفڪر ۽ درجني ڪتابن جي مصنف، قومي عوامي جمهوري حقن لا سڄي عمر لڙندڙ، تنظيم ساز، سنڌ ۽ ملڪ جي عظيم تنظيم عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جي حقن لا هر گهڙي اڳين مورچن ۾ ميدان ملهائيندڙ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي نرالي تنظيم جي خالق ۽ رهبر محترم رسول بخش پليجو صاحب کي 21 فيبروري 2012 تي سندس 82 جنم ڏڻ تي انتهائي احترام سان خراجِ عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ سلامت فورم جي سمورن ڏاهن، سنڌي علمي شخصيتن سنڌ جيجل جي خوشحاليءَ لا پاڻ پتوڙيندڙ دوستن کي لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔[/JUSTIFY] مصطفى منڱريو عوامي تحريڪ ڊويزن ڪراچي
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا سلام آهي هن صدي جي عظيم ڏاهي انسان کي جنهن پنهنجي سموري حياتي مظلوم ماڻهن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو آهي
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا سائين مصطفي مڱريو صاحب، اوهان جا لک ٿورا جو اوهان سنڌ سلامت جي دوستن کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شامل ڪيو۔ سائين محترم رسول بخش پليجي صاحب جيڪا قومي خدمت ڪئي آهي انجون واڌايون، غريب عوام لئه جيڪي فڪري ويڙهه وڙهي آهي ان لاءِ واڌايون، سنڌي ادب ۾ جيڪي سهڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا آهن، انجون واڌايون ۽ پنهنجي بزرگيءَ واري عمر ۾ به سچ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ تي کيس واڌايون ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ جا هي ڏاها انسان سنڌ کي هن موجوده ڦاٿل ڪوڙڪيءَ مان آزاد ڪرائي سگهن ۔۔۔ ۽ دعا آهي ته سنڌي قوم پڻ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي ڀلي ۾ پنهنجي سگهه استعمال ڪري ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا عظيم ڏاهي ۽ مفڪر سائين رسول بخش پليجو کي سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي ۽ پنهنجي جوت سان روشني جا ڪرڻا ڦهلائيندو رهي۔
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا ادا اوهان کي منهنجي هي ڀيٽا پسند آئي اوهان جا ٿورا اوهان جي ڳالھ سان آءُ به بلڪل متفق آهيان ته واقعي به سائين پليجو صاحب جن پنهنجي سموري حياتي مظلومن جي حقن لا وقف ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو آهي۔
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا ادا نثار ابڙو صاحب وڏي مهرباني جو توهان پليجو صاحب کي 82 هين جنم ڏڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي۔ توهان جيڪي موتن جي لارن جيان ۽ خوشبوءَ ۾ ٻهڪندڙ گلن جهڙا لفظ لکيا آهن ان جي موٽ ۾ آءُ صرف لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان اوهان کي ڀليڪار ڪندي لکندس ته: آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا تن پنهوارن پچار جڙ جنهين جي جان ۾ لڳي رءُ لھار ميخون محبت سنديون هينئڙي منجھ هزار پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (شاھ)
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جي نوازش۔
جواب: انقلابي، ڏاهي شخصيت محترم رسول بخش پليجو صاحب جن کي 82 سالگرھ تي ڀيٽا سنڌ ۾ بهارين جي آباد ڪاري خلاف جنرل رٽائرڊ حميد گل کي محترم رسول بخش پليجو صاحب جو جوابي خطاب
مورو. مورو ۾ايشيا جي عظيم ڏاهي مفڪر، دانشور، نقاد، چوڻي جي مقرر، قانوندان، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي 85هين سالگرھ جو ڪيڪ عوامي هائوس مورو ۾ خان محمد سومرو، غلام فريد ڪلهوڙو، پريل ڏاهري، انور سولنگي، حُسين اعواڻ پاران ڪاٽيو ويو ۽ رسول بخش پليجو جي وڏي ڄمار لاءِ دعا پڻ گهري وئي.