ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٻولين جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان معلوم پوندو ته ”فطرتي اصولن موجب هنن اندر زندگيءَ جي هر خاصيت سان گڏ موت جو پاڇو پڻ موجود رهي ٿو، هڪڙيون ٻوليون خد ٻين ٻولين مان ڦٽن ٿيون، ۽ وڌن ويجهن ٿيون، پنهنجو پاڻ اندر حالتن تحت مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي جوڀن ۽ وڏي تعداد ۾ علمي طاقت ماڻين ٿيون، ٻين ٻولين کي ذخيرو ڏيڻ ۽ وٺڻ ٿيون، ڪڏهن ته ڄاول ٻوليون ٻين ٻولين کي جنم به ڏين ٿيون، پوء انهن ٻولين ۾ ڪي نيون ٻوليون آهن ته ڪي پراڻيون، ڪي ته وري انهن ۾ به قديم ٻوليون آهن ۽ انهن قديم ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ قديم ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا، ان ۾ لکڻ وارن جي تعداد وڃي ٿيندو چار ڪروڙ ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي نه صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ پر دنيا ٍي ٻين ملڪن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي جنهن ۾ هندستان امريڪا ۽ برطانه به شامل آهن، سنڌي ٻولي کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي، هن ٻولي کي پنهنجورسم خط موجود آهي، ۽ هاڻ اسان لاء اهيو ضروري ٿئي پيو آهي ته سنڌي ٻولي کي ايڪيهين صدي جي سڀني کان اهم پليٽفارم يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ترقي وٺرايون جنهن لاء اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي، هون ته سنڌي ٻولي تي انٽر نيٽ تي تمام سٺو ڪم ٿئي رهيو آهي، جنهن لاء مون کي تمام گهڻي خوشي آهي، ۽ انٽرنيٽ تي تمام گهڻيون سنڌي سائيٽون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن( پوء انهن ۾ ڪي ننڍيون سائيٽون آهن ته ڪن وري پنهنجا بلاڪ ٺاهيه آهن ) جيڪي تقريبن چار سال پهرين نه هيون، مگر انهن تمام سائيٽن مان مون کي هي سائيٽ سنڌ سلامت تمام گهڻو پسند آهي، اهو ان لاء ته هي واحد سائيٽ آهي جنهن ۾ هر موضون تي ڪم پيو ٿئي،۔۔۔۔۔۔۔۔مذهب کان وٺي سنڌي ادب، تاريخ ٻولي، ۽ ڪمپيوٽر جي جديد معلومات تائين۔
    ان کان پوء هر روز هت ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي جديد معلومات پڻ اسان جي پنهنجي ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن جو سهرو يا مڃتا (ڪريڊٽ ) اسان جي دوست محترم رشيد سمون صاحب جن ڏانهن وڃي ٿو۔۔۔ رشيد صاحب هڪ اڻ ٿڪ محنت ڪندڙ سان گڏ هڪ جاکوڙي ۽ کوجي پڻ آهن ، ۽ کوج ڪندي هر روز اسان لاء جديد معلومات جو هڪ نئون خزانو اسان اڳيان پيش ڪن ٿا، رشيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ باوقار پر عتماد، سمجهدار، صبر ۽ برداشت ڪرڻ وارا گهري سوچ رکندڙ شخص آهن، مون کين ڪنهن به موضون تي ڳالهائيندي ڪڏهن به هچڪائيندي ناهي ڏٺو، پاڻ جڏهن به سنگت سان ملندا آهن ته محبت ۽ پاٻوهه سان ملندا آهن، مون پاڻ اهيو ڏٺو آهي ته پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ٻولي جي هن سنڌ سلامت جي فورم رستي خدمت ڪندا رهن ٿا، مان پنهنجن ڪجهه مجبورين جي ڪري ڪافي عرصو سنڌ سلامت جي فورم تي اچي نه سگهس جنهن جي ڪري سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن سنڌ سلامت تي پنهنجون( مون لاء) محبتون ڏيکاريون جنهن جو ذڪر هيٺ ڏنل عنوان سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۾ آهي ، مگر توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي سنڌ سلامت جي فورم تي نه اچڻ جي ڪري پاڻ منهنجي غريب خاني تي پير ڀري آيا جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، جنهن لاء سندس ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت کي سنوارڻ ۾ اسان جي ٻين سنڌ سلامت جي دوستن جو به ساٿ رهيو آهي، جن سنڌ سلامت جي مختلف عنوانن تي ڪم ڪري سنڌ سلامت کي معلومات جو هڪ وڏو ( ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا )خزانو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ادب شاعري صلاح مشورو، کل ڀوڳ، مذهب، سائنس، ڪمپيوٽر تاريخ فلسفو، شاهه جي فڪر تي ڪم، سنڌي ڪتابن جو خزانو پڇڻا نه مجهڻا جهڙو صدقيه جاريه وارو ڪم، حالات حاضره جي معلومات شامل آهي۔۔۔۔نهن دوستن يا سنڌ سلامت جي ساٿين ۾ هي نالا سرفهرست آهن محترم سائين نثار ابڙو صاحب، محترم سائين نثار ناز صاحب، سائين محترم سليمان وساڻ صاحب ، محترم عاشق سولنگي صاحب، محترم طاهر سنڌي صاحب، محترم اسدالله ميرجت (مست صاحب ) ، محترم دل گهريو دوست ڏاڏل شينو صاحب، محترم ڦلپوٽو فقير صاحب، سائين محترم رحيم بخش صاحب،عرس پريو صاحب، عمران درويش صاحب شامل آهن،
    ادا رشيد صاحب توهان سنڌ سلامت تي آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر جو اضافو ڪري اسان جهڙن نون سيکڙاٽ ماڻهن لاء هڪ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي اڃان به جديد معلومات سان پرُ ڪري جو توهان ان معلومات کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين تائين پهچايو ٿا اها به بغير ڪنهن معاوضي جي جنهن لاء مان ته اهيو چوندس ته ادا توهان جو هي ڪم به صدقيه جاري آهي، دعا آهي ته رب پاڪ توهان جو هي صدقيه جاري قبول فرمائي ۽ توهان کي ان جو بهترين اجورو عطا ڪري دنيا و آخرت ۾ آمين۔۔ آخر ۾ مان توهان تمام سنڌ سلامت جي ساٿين جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي غير موجودگي ۾ به مون محبتن ۾ ياد رکيو، سنڌ سلامت جا ساٿيو مان وري ٻيهر ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت کي وقت ڏئي سگهان، ادا توهان ڏٺو هوندو ته نار ۾ هيٺان کان مٿي پاڻي ڪڍڻ لاء ان ۾ ڪجهه لوٽا يا دٻا لڳل هوندا آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪو اهڙو به دٻو هوندو آهيجنهن جو ترو ڀڳل هوندو آهي ۽ اهو دٻو نه پاڻي هيٺان کان کڻي سگهندو آهي نه وري مٿي آڻي ڪري ڏيندو آهي مگر پوء به انهن سان گڏ پيو ڦيرا کائيندو آهي، جنهن منظر کي سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پڻ ڳايو آهي مڪمل شعر ياد نه آهي مگر ڪجهه هيٺ مٿي سٽون آهن جيڪي هت پيش ڪيان ٿو،۔۔۔۔ تري ڀڳل ڪنگري ٺلها ڦيرا پائي، نه نئين نه آڻين تڏهن به سلهاڙيو وتي سڄڻين۔۔ سو ادا مان به آهيان تري ڀڳل ڪنگري( دٻو، ننڍِي لوٽِي ) مگر منهنجي به اهيا خواهش آهي ته مان به سلهاڙيو وتان سڄڻين ۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي ساٿين سان، سنڌي ٻولي لکڻ وارن سان سنڌي ڳالهائڻ وارن سان ۽ سنڌ سان محبت پيارُ، ڀاءُ ، پريت، حُبُ، پريم، دِل ، سَنِيههُ، قربُ، شؤق ، لنئون،نينهن، عشق ، پريتڻو، اُلفت، چاههُ، چاهَتَ، موهه، لگن، رغبت. سنگت، دوستي، ياري، ياراني، مِترتا، اخلاص، همدردي. سڄڻپائي، آسا ٻنڌ، آشنائِي. ڪرڻ وارن سان جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ويٺل آهن جن اسان کي ڪڏهن روبرو ڏٺو به نه آهي۔۔۔۔


    سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

    بلڪل رشيد ۾ اهي خصوصيات آهن هو ننڍي کان اها خاصيت رکي ٿو مون ء هن جو ساٿ ننڍي هوندي کان آهي مونکي هن جي پريٽيڪل لائيف جي چڱي طرح خبر آهي

    توهان کي وري فعال ڏسي مونکي به تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تواهان جي تحتير جو انداز بهترين هوندو آهي

    توهان درست پيا چئو هي هڪ بهترين ڪم ڪيو آهي جيڪو اڳتي هلي سنڌي ٻوليء جي واڌ ويجهه لاء هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

    سنڌي ٻولي، سنڌ سلامت، رشيد سمون، يونيڪوڊ، سنڌ سلامت جا رڪن ۽ ممتاز وگهيو جو هي ليک ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۔۔۔ اصل اهڙو ڪمال جو ٿورن لفظن ۾ سڄي ماجرا بيان ٿي وئي ۔۔۔ واه سهڻل سائين

    اوهانجون ڳالهيون سڀ سچيون، سنڌ سلامت پنهنجي وس آهر پاڻ ملهائي رهي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جون ڪئي خوبيون آهن پر جيڪا اهم خوبي آهي سا آهي سنڌ سلامت جا رڪن دوست ۔۔۔ جيڪي هميشه اوطاق تي حاضري ڀرين ٿا ۽ سنڌ سلامت کي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ مڪمل ويب سائيٽ ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنٿا ۔۔۔ سنڌ سان جڙيل هر شئي، دنيا جي علمن ۽ معلومات سان جڙيل هر خبر کي سنڌ سلامت جي زينت ڪنٿا ۔۔

    سلام دوستو! جڙيا رهو شال ۔۔۔ اوهان کي ممتاز صاحب جا هي لفظ ارپيان ٿو؛
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

    ادا پريا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن لکت تي پنهنجا ويچار ونڊيا، ۽ رشيد سمون صاحب جي ننڍپڻ جي گڻن مان واقف ڪيو، ادا هون به ننڍپڻ ۾ جيڪا خاصيت انسان ۾ موجود هوندي آهي، اها به ٻين ڳالهين وانگر واڌ کائيندي آهي، ۽ بقول توهان جي ته توهان رشيد صاحب کي ننڍپڻ کان سڃاڻو ۽ اهي خوبيون ( هڙان وڙان خرچ ڪري ٻين کي فائدو ڏيڻ واريون ) ننڍپڻ کان آهن، ادا سنڌ سلامت جي فورم لاء ته خرچ ڪري ئي ڪري ٿو مگر سنگت ۾ به يار ويس ماڻهون آهي، ۽ سنگت کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاء به هڙان وڙان خرچ ڪري دعوتون ڪندو آهي، جنهن ۾ پاڻ به شامل هوندا آهيون۔ مطلبته دوستي ، ياري ، ناتو ، رفاقت ، شراڪت ، همراهي ۽ ڳانڍاپو اگر سکجي ته اهڙن دوستن کان سکجي۔
    ادا سنڌ سلامت ماشاءالله سان ڏينهن به ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اوهان ئي دوستن جو ساٿ شامل آهي، ادا سنڌ سلامت تي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ سلامت فورم تي ايندڙ سنڌين جو تعداد 768 ( رڪن : 45 ۽ مهمان : 723 ) ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿئي آهي ته اسان جي هن سنڌ سلامت جي فورم تي روزانه ايترا سنڌي اچن ٿا ۽ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيل مضمونن کي پڙهن ٿا ۽ ڏسن ٿا، ماشاءالله ماشاءالله ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

    محترم دوست ممتاز شال سدائين خوش هجو ۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت تي ڪم ڪندي سچ ته گهڻي خوشي ٿيندي آهي، ان کان به وڌيڪ مان پاڻ تي اها ذميواري يا فرض سمجهندو آهيان ته سنڌ سلامت تي پنهنجي شيئرنگ جاري رکان۔ سچ پڇو ته سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي ميٽنگز ۾ رهندي ۽ اديب ۽ ادب دوستن سان ملندي سنڌ سلامت جي تعريف ٻڌي خوشي ٿيندي آهي۔ سنڌ سلامت جا سڀ ڪم سون جهڙا پر ٻه ڪجهه ڪم يادگار آهن۔

    1 سنڌي شخصيتون (جيڪو سنڌي انسائيڪلوپيڊيا کان گهٽ ناهي)
    2 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    3 پڇڻا نه منجهڻا جنهن ۾ هر دوست جو مسئلو فورن حل ٿئي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔

    مان سڀني دوستن کي سلام پيش ٿو ڪيان جن سنڌ سلامت جي شروعات ڪئي ۽ اهي جيڪي سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل آهن۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا ( سنڌ سلامت فورم )

    ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پسند ڪيو، ادا ابڙا صاحب رڪن دوستن جي وقعي مهرباني آهي جيڪي پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪري هن سنڌ سلامت جي فورم لاء پاڻ پتوڙين ٿا، ۽ پنهنجي علم مان ( پوء اهو جيترو به هجي ۽ جنهن به قسم جو هجي ) ان کي هن فورم تي ٻين تائين پهچائين ٿا،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو