• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هُن جي نه چوڻ کان پوءِ به دل چوي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
محبت ۾ ڪيڏو انتظار ٿيندو آهي
ڪيئن ان جو اظهار ٿيندو آهي

اڳي ٻين کي چريو چوندا ها سين
هاڻي پتو پيو ڇا پيار ٿيندو آهي

جن کي لڳل آ اندر ۾ آنڌ مانڌ
سي ڄاڻن ڇا ديدار ٿيندو آهي؟

هُن جي نه چوڻ کان پوءِ به دل چوي
ڀلا ايئن به ڪو انڪار ٿيندو آهي؟

اسان پيار بدلي نه ٿا گهرون پيار
پيار ۾ به ڪو واپار ٿيندو آهي ؟

لڳي جا ڏااڏل ڏٺي ڏيھ ساري
گُل سان خار به ٿيندو آهي


 
جواب: هُن جي نه چوڻ کان پوءِ به دل چوي

محبت ۾ ڪيڏو انتظار ٿيندو آهي
ڪيئن ان جو اظهار ٿيندو آهي

ڏاڏل سائين ان عشق ۽ محبت ۾ انتظار اڻ کُٽ ٿيندو آهي۔۔۔۔ امداد حسيني ٿو چوي

ڪيترو تنهنجو انتظار ڪجي
ڪيترو دل کي بيقرار ڪجي
رات گذري وئي ۽ باک ڦٽي
ڇا اڃان تنهنجو انتظار ڪجي
 
جواب: هُن جي نه چوڻ کان پوءِ به دل چوي

ڏاڏل سائين ان عشق ۽ محبت ۾ انتظار اڻ کُٽ ٿيندو آهي۔۔۔۔ امداد حسيني ٿو چوي

ڪيترو تنهنجو انتظار ڪجي
ڪيترو دل کي بيقرار ڪجي
رات گذري وئي ۽ باک ڦٽي
ڇا اڃان تنهنجو انتظار ڪجي

جي سائين بلڪل اها صورتحال ڏسي آيا آهيون ۔
وسلام
 
Back
Top