[JUSTIFY]منهنجو نالو عمران علي شينو آهي ۔ مونکي هن فورم جو تعارف منهنجي مامي ڏاڏل شينوڪرايو آهي ۔ آءُ پوليٽيڪنيڪل ڪالج ۾ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ڪري رهيو آهيان ۽ دادو جي غريب آباد مُحله نزد ورڪشاپ جو رهائشي آهيان۔[/JUSTIFY]
جواب: سڄي سنڌ سلامت جي ساٿين کي سلام ادا عمران اوهان کي سنڌسلامت جي محنتي ۽ محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ۽ محترم سائين ڏاڏل جن جا به ٿورائتا آهيون جن اوهان کي هن اوطاق جو ڏس ڏنو۔ اميد ته اوهان پنهنجي ڄاڻ اسان سان ونڊيندا رهندا۔ مهربانيون۔
جواب: سڄي سنڌ سلامت جي ساٿين کي سلام ڏاڏل شيني جو ڀاڻيجو مطلب ته اسانجو ڀاڻيجو ۔۔۔ ننڍڙا سهڻا عمران اسين تنهنجا ماما ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڏاڏل اسانجو ڀاءُ آهي ۔۔۔ دوست آهي ۔۔۔ سڄڻ آهي ۽ سنڌ سلامت جو هڪ سهڻو ڪردار آهي ۔۔۔ اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، ۽ دعا آهي ته اوهان تمام ڪارئتا انجنيئر ٿي نڪرو ۽ زندگيءَ جون سڀ بهارون ماڻيو ۔۔۔ سنڌ سلامت اوهانجي اوطاق آهي، اوهان نوجوانن جي جذبن ۽ محنتن جي واکاڻ جي اوطاق آهي، جت سنڌ ۽ دنيا ۾ رهندڙ سنڌي اچي گڏ ٿين ٿا۔ هن اوطاق تي موجود دوستن جي لکڻين مان اوهان مستفيد ٿيندا ۽ اوهانجي علم ۽ تجربن مان اسين مستفيد ٿينداسون ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا ۽ دوستن سان دوستيون وڌائيندا ۔۔۔ لک قرب ڪهي اچڻ جا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڄي سنڌ سلامت جي ساٿين کي سلام ادا ڳوٺائي توهان کي پنهنجي هڪ ڳوٺائي ممتاز علي وگهيو جي طرفان سنڌ سلامت جي فورم تي اچڻ لاء ڀليڪار هجي، ادا ڏاڏل شينو صاحب منهنجو پراڻو دوست آهي ۽ اسان ٻئي شانتي نگر ڪراچي ۾ ٻه اڍائي سال گڏ رهيا آهيون، انهن ڏينهن ۾ شايد توهان به آيا هجو مون کي ته ياد ڪونهي، مگر شايد توهان کي ان ڳالهه جي خبر هجي، ادا ڏاڏل شينو صاحب هڪ يار ويس محبتي هڏ ڏوکي صفت. سعيائتو، محنتي، جفاڪش، اُڄمي. ٻئي جو خيال رکندڙ، گهڻگهرو، همدرد، خير خواهه، سار سنڀال لهندڙ. سڄڻ. ماڻهون آهي، اسان جي سنگت مان اگر ڪو بيمار ٿيندو آهي ته پوء ڏاڏل صاحب آڌي رات به اسان وٽ هوندو آهي، مطلب ته پاڻ ذميدار نوڪري ڪرڻ سان گڏ پنهنجن دوستن جي ڏکئي وقت ۾ به سار سنڀال لهندو رهي ٿو، مگر اڄڪلهه شايد ڪنهن خاص مصروفيت ۾ آهي جو اسان جي ڌڪي واري روز جي ڪانفرنس ۾ به ڪو نه ٿو اچي، بقول سچل سرمست رح ته هئا اصل ملير مدام، پر ڪو سانگن اچي سانگ پيو، ادا عمران صاحب ادا توهان ڪو ڏاڏل صاحب کي سمجهايو ته ميان ادا مرندو ته هرڪوئي مگر جيئري جدائي ته نه ڪر۔۔۔۔
جواب: سڄي سنڌ سلامت جي ساٿين کي سلام پياري ڀاء محترم عمران علي شينو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جي لکڻين ۽ خيالن سان گڏ اوهان جي راين ۽ صلاحن جا منتظر رهنداسين۔ اوهان پنهنجي تعليم تي مڪمل ڌيان ڏيو ۽ ان سان گڏ سنڌ سلامت تي به ڀيرو ڀريندا رهو۔ اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڄي سنڌ سلامت جي ساٿين کي سلام اوهان سڀني دوستن جي مهرباني جو هنن منهنجي ننڍڙي ڀاڻج کي اهڙي ريت ڀليڪار چئي اهڙي آڌر ڀا ڪئي سائين وساڻ سائين آرزو سائين نثار صاحب سائين ممتاز صاحب جن پنهنجي پياري انداز ۾ شڪايت ڪئي جنهن جو اسان کي پڻ گهڻو احساس آهي ۔ جنهن ڏينهن آءُ دادو هيس اتي رات جو گهڻي دير تائين ڏک سُک سلڻ کانپوءِ ڪجھ شيون اسان لکيون ته منهنجي ڀاڻج کي هي فورم ڏسڍو وڻيو پوءِ هن آ ڊي ٺاهي ۔ اميد ته هن فورم تان هن کي گهڻو ڪجھ سکڻ جو موقعو ملندو ۔ عمران اوهان هتان گهنو ڪجھ سکي سگهو ٿا زندگي جي هر شعبي مطلق۔ وسلام