انسان پنهنجي مرضيءَ کان سواءِ دنيا ۾ اچي ٿو، ۽ پنهنجي خواهش جي خلاف هن دنيا مان هليو وڃي ٿو، ننڍپڻ ۾ معصوم، جوانيءَ ۾ شيطان ۽ پوڙهائپ ۾ بيوقوف سمجهيو وڃي ٿو، غريب آهي ته فضول لڳي ٿو، امير هجي ته مغرور هجي ٿو، خيرات ڪري ٿو ته شهرت جو بکايل، نه ٿو ڪري ته ڪنجوس۔۔ مذهب پرست آهي ته مڪار (فريبي) آهي، مذهب کان پري آهي ته گنهگار آهي،، دنيا ۾ اچي ٿو ته هر ڪو ان کي چمڻ ٿو چاهي، دنيا مان وڃي ٿو ته هر ڪو سندس مان جان ڇڏائڻ ٿو چاهي، ڄمڻ وقت پاڻ روئيندو اچي ٿو، مرڻ وقت ٻين کي روئيندو ڇڏي وڃي ٿو، آخر انهيءَ انسان جي حقيقت ڇا آهي ڪهڙي حيثيت رکي ٿو جو بس مان۔۔۔ مان۔۔۔۔ مان۔۔ لڳائي رکي اٿس۔۔
جواب: انسان به عجيب آهي۔۔ ابا مست ايتريون خاصيتون ٻڌائڻ کانپوءِ به پڇين ٿو ته اها ڪهڙي بلا آهي ۔۔۔ ؟؟؟ وڏي ٻٻ آهي، نه پڇ! جي راضي ٿي ته اصل قرب ئي قرب جي دشمن ٿي ته الامان ۔۔۔ جي ٿئي سٺو انسان ته رحمان به کيس دوست چوي ۽ جي ٿئي برو ته شيطان به توبهه توبهه ڪري ۔۔۔ هزارين رنگ آهن هن مخلوق جا ڪهڙا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن ۔۔۔؟ ”ديکي جا مولا دي رنگ”
جواب: انسان به عجيب آهي۔۔ بلڪل سچ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان مان ۽ ان انا ئي ته مارايو آهي ۔۔۔۔۔۔ باقي يار پوڙهن کي جي بيوقوف سمجهڻ لڳاسون ته پوء اسان وارن جهونن جو ڇا ٿيندو ؟؟؟ باقي دنيا جا رنگ هزار آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: انسان به عجيب آهي۔۔ ڀَڄ چَريا مست آيا ٿئي ۔ انسان جو انسان ۾ مفاد آهي ته ٺيڪ نه ته ادا مرڻ واري کي ڪفن به روئي روئي پوءِ ڏيندا آهن ۔