سنڌي ٻولي کي خطرو هڪ وڊيو رپورٽ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ۔ اڄڪلهه سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء سنڌ جا عالم اديب، صحافي ۽ سنڌ دوست ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ ٽي وي هڪ رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌي ٻولي کي ڪهڙا خطرا آهن بيان ڪيو ويو آهي، ڪجهه عرصو پهرين مون محترم واگهومل ميگهواڙ جو هڪ مضمون ( سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟ ) پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو جنهن ۾ پڻ سنڌي ٻولي جي قومي درجي بابت ذڪر ڪيل آهي، مگر هت هي هڪ ٽي وي رپورٽ پڻ ونڊ ڪجي ٿي جيڪا توهان پاڻ ڏسو۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي کي خطرو هڪ وڊيو رپورٽ

    دوست ! ممتاز هي ونڊ ڏسندي ڪڏهن ڪاوڙ، ڪڏهن حيرت ته ڪڏهن اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۔۔۔ ڳوڙها ۽ حيرت انڪري به وهيا ته سموري قصي کانپو اها خبر پئي ته، ڪورٽ ۾ جنهن درخواست سنڌي ٻولي لا ڏني آهي سو هڪ شخص اقبال ڪاظمي آهي، جيڪو هڪ مهاجر آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟

    آهي نه حيرت جي ڳالهه ۔۔۔ هڪ مهاجر سنڌي ڳالهائيندي سنڌي ٻولي جي وڪالت ڪري رهيو آهي، پر پاڻکي سنڌي چوائيندڙ 5 ڪروڙ سنڌي انهن جا اديب، استاد ۽ قانوندا يا سياستدان ڪٿي آهن ۔۔۔؟؟؟؟؟

    الله ڏاهي مَ ٿيان
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي کي خطرو هڪ وڊيو رپورٽ

    ادا ابڙا صاحب مون کي وڊيو ونڊ ڪرڻ لاء جنهن ڳالهه آماده ڪيو يا مجبور ڪيو، اها به اهيا ڳالهه هئي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ته ( ڪورٽ ۾ جنهن درخواست سنڌي ٻولي لا ڏني آهي سو هڪ شخص اقبال ڪاظمي آهي، جيڪو هڪ مهاجر آهي ) ۔۔۔ ادا ڪيڏاهن ويا اهي اسان جا سنڌي عالم اديب، ۽ قوم پرست اڳواڻ جيڪي سنڌي ٻولي جي بقاء جا سکڻا نعرا هڻندا رهندا آهن ۽ ان اشو تي پيا پنهنجا کيسا ڀريندا آهن،۔۔۔۔۔ ادا اسان صرف نعرا ئي هڻي ڄاڻو، باقي عملي ڪم لاء مڙئي خير لڳو پيو آهي، ادا ابڙا صاحب هي جو ڪجهه ماڻهون ڪڏهن ڪنهن نالي تي ته ڪڏهن ڪنهن نالي تي ڀٽ شاهه تي پيا وڏا جلسا ڪرائين ۽ پيا هن اٻوجهه سنڌي عوام کي لٽين، جڏهن ته افسوس جو انهن جي گهرن ۾ به اردو ڳالهائي ٿي وڃي۔۔ بس اهڙن ماڻهن کي هن سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائي پيئسو گڏ ڪرڻو آهي جيڪو ڪن پيا ٿا باقي انهن کي ڪو سنڌ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا دلچسپي ڪانهي، اگر سنڌي ٻولي سان انهن کي دلچسپي هجي هان ته پوء محترم ّ اقبال ڪاظمي وارو ڪم ڪن هان پوء کڻي ان ۾ پنهنجو مفاد ئي رکن هان۔۔
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سوني جي چمچي کي مُنهن ۾ وجهي پلجندڙ يا سوني جي چمچن رکڻ وارن وڏيرن، پيرن، شاهن، ميرن، رئيسن، جاگيردارن، سماجي ٺيڪيدارن ، سرمايادارن جن سنڌ جي تهذيبن کي پنهنجي سوچ تحت لکيو يا جن کان لکارايو ويو ۽ انهن جي گرم ڪڇن ۾ نشي ڀتي حاصل ڪرڻ لاِ پليل هنن درباري ليکڪن، اديبن، ماهرن، ڪاروباري ڪم ۽ فائدو حاصل ڪندڙن، اخبارون ۽ ڪتاب، مئگزينون اڄ جي سنڌي چئنلن تي مقبوض شباب جا متوالا پنهنجي ذاتي خواهش ۽ ڪمائي لا پبلش ڪري وڪڻندڙن کان اڃا به توهان اُميد پيا رکو ته هو سنڌ سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي جو ڪيس وڙهندا۔ حيرت اهي۔ جن جي پنهنجن هزارن جي مقالن، ادبي سنگتن ۾ ويهي ڪا هڪ بهترين سٽ لکي يا ڪاپي ڪري سنڌي ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شق آهي ته اُها به ڪا سندن انيشيٽو هوندي ۽ هر ڪمائي تقريب يا خود نمائي تقريب ۾ ايوارڊ گهري وٺڻ وارن کي توهان انهن کي اهو مقام ڏيڻ چاهيو پيا۔ ڀلي پو ! اُهي محفلن جي آخر ۾ يا تقريرن جي آخر ۾ هڪ لڪيل خاموش سُلفي يا شراب و شباب جي راتن جي اونڌائي وارين محفل ۾ مگن هُجن ۽ پو سنڌي الف بي يا تهذيب ۽ تمدن، ڪلچر ، اُبتا سُبتا غير سنڌي سوچ وارا ڊراما اسڪرپٽ نشي ۾ چور ٿي تهذيب جي مُڪمل ٽنگ ڀڄن۔ سي اهي موالاسانجي هاڻ رهبري ڪندا ۽ هي ايندا اهو ڪيس فائل ڪرڻ لا جيسين ڪه ڪنهن وڏيري يا سرمايادار جي جي پُٺ نه ملين۔ ادا پنهنجي گهوٽ ته ڻشا هووي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو