نيوزيلينڊ جي 173 رنس جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا رچرڊ ليوي جي تيز ترين سينچري جي ڪري نيوزيلينڊ کان ٻيو ٽي20 ميچ کٽي سيريز برابر ڪري ورتي۔۔۔ ليوي صرف 45 بالن تي سينچري اسڪور کي ٽي20 جو عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ورتو۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر هڪ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ 13 ڇڪن لڳائڻ جو پڻ عالمي ريڪارڊ جوڙي ورتو۔۔۔ ياد رهي ته رچرڊ ليوي صرف ٻيو ميچ کيڏي رهيو هو۔۔ ۽ هن پاڪستان جي شاهد آفريدي وانگر پنهنجي ٻي ميچ ۾ دنيا جو ريڪارڊ جوڙي ورتو۔۔۔ ان کان اڳ هي ريڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گائيل ۽ نيوزيلينڊ جي ميڪ ڪولم وٽ هيو جن 50، 50 بالن تي سينچري ٺاهي هئي۔۔ جڏهن ته ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا لڳائڻ جو ريڪارڊ 10 ڇڪا پڻ ڪرس گائيل وٽ هيو۔۔۔ پر هاڻي نوجوان ليوي ٻئي ريڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا۔۔۔ سندس ريڪارڊ 51 بالن ۾ 117 رنسون ناٽ آئوٽ هيٺين وڊيو ۾ ڏسي سگهجن ٿيون۔۔۔۔
جواب: ٽي20 ميچ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون ريڪارڊ۔۔۔ رشيد سائين اوهان لڳي ٿو ته بيٽ بال راند جا سٺا شوقين آهيو۔ اسان جي ته ير انهي راند سان اصل نه لڳي۔ اها راند غاصبن جي وندر لڳندي آ۔ پهريان انگريز ۽ هاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
جواب: ٽي20 ميچ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون ريڪارڊ۔۔۔ ڏاڍو پاور فل اسٽروڪ ٿو هڻي، بس رڳو کڻي بال کي آ ٿو ڪري۔۔ ايترو آساني سان پيو کيڏي لڳي ٿو ٻارن جي بالنگ کي پيو کيڏي۔۔