• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊائري جو ورڪ

هن گذري ويل هفتي ۾ جنوري پنهنجي جوڀن جو احساس شدت سان ڏياريو ٿڌڙيون هوائون سرديءَ جي مستيءَ۾ ويتر واڌارو ڪنديون رهيون سالن کان شاعرن ۽ اديبن جي نظم و نثر جو عنوان بنجندڙ ڊسمبر مهيني جي سرد ۽ طويل راتين جا احساس به هن مهيني هٿان مات کائيندي ڏٺم،انسان جي جسم ۾ گردش ڪندڙ گرم خون کي به بحر منجمند جيان برف بنائيندڙ سائيبيريا کان ايندڙ سياري جي هنن هوائن من اندر ۾ اداسي جا انيڪ احساس جاڳائي ڇڏيا ، اهي ايذائيندڙ احساس جيڪي هميشه ٿڌڙين هوائن جي هن رُت ۾ دلين جي ويران جزيرن ۾ جاڳي پوندا آهن ۽ منتظر ۽ اُداس اکين جي ٿَڪَ ۽ اوجاڳن جو ڪارڻ بنبا آهن. زندگيءَ جي رڃَ ۾ رلي ويل پياسن روحن کي هن موسم جي آمد الائي ڇو اڃا به وڌيڪ اُڃارو ڪري ڇڏيندي آهي ،ائين لڳندو آهي ته وقت جي پيرن ۾ پنجوڙ پئجي ويا آهن ۽ ڊگهين راتين جا طويل سفر صدين تي محيط ٿي وجود کي وڍڻ لڳندا آهن خبر نه آهي ته سِيءَ ۽ سُورن جو پاڻ ۾ ڪهڙو ناتو آهي جو ازل کان هي موسم انسان جي زندگيءَ ۾ اداسي ۽ اڪيلائپ جي احساسن جي جاڳڻ جو جواز بنجندي آئي آهي. مون هميشه محسوس ڪيو آهي ته ماضي جا بند ٿي ويل باب هن موسم جي هير گهلڻ سان وري کلي پوندا آهن ،ساھ جا اهي گهاءَ جيڪي وقت جي مرهم سان ڪنهن حد تائين ڀرجي ويندا آهن سي چِڪِي وري بي چين ڪري وجهندا آهن
 
جواب: ڊائري جو ورڪ

بس ڙي ادا ڏاڏاهي، ڪنهن کي بهار ته ڪنهن کي سر، ڪنهنکي سيارو ته ڪنهنکي اونهارو، خلائن ۾ گهلي وڃي ٿو، جيئن اوهانکي سياري جون سرد راتيون تڙپائي اوهانجا زخم تازا ڪيو وجهن تيئن پاڻ کي وري پيار جي هر موسم تنگ ڪندي آهي، وڇوڙي جا ورلاپ هر موسم ۾ گونجن ٿا ۽ اندر اڌ ڪيو وجهن ۔۔۔

اونهاري ۾ جڏهن ڪوئل ڪوڪندي آهي ته پرين جو آواز ياد اچيو وڃي، سياري جي سرد هوا ۾ محبوب جا گرم ساهه ياد اچيو وڃن، بهار ۾ کلندڙ ڳاڙها پيلا گل محبوب جا رنگ ياد ڪرايو ڇڏين، سر جي پن ڇڻ پنهنجي اندر جي موسم جهڙي لڳندي آهي، محبوب کان بغير زندگي ان وڻ جيئان ٿي پوندي آهي جنهن جا سڀ پتا ڇڻي ويا هجن ۽ صرف اڇيون ڪاريون ڏانڊيون وڃي بچيون هجن ۔۔۔۔

انسان جا جذبا موسمن ۽ نظارن سان جڙيل رهنٿا جيئن مڇي پاڻي سان جڙيل رهي ٿي ۔۔۔۔

اوهان جي ڊائري جي ورق پنهنجي اندر جا ڪتاب کولي وڌا آهن ۔۔۔ جيڪي پاڻ ئي پڙهندا آهيون ۽ اندر جي ڪتاب خاني ۾ وري ائين سانڍي رکندو آهيان جيئن ڪو ميڻ بتي کي طوفان کان لڪائي رکندو هجي ۔۔۔۔

تمام سهڻا خيال ڏاڏاهي صاحب جا ۔۔۔

جڙيا هجو شال
 
جواب: ڊائري جو ورڪ

مون هميشه محسوس ڪيو آهي ته ماضي جا بند ٿي ويل باب هن موسم جي هير گهلڻ سان وري کلي پوندا آهن ،ساھ جا اهي گهاءَ جيڪي وقت جي مرهم سان ڪنهن حد تائين ڀرجي ويندا آهن سي چِڪِي وري بي چين ڪري وجهندا آهن

سڀ کان پهريان ته اسان جي دل گهريي دوست ۽ رهنما سائين خادم سبحان ڏاڏاهي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار۔ سائين اوهان کي عرض ته سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ اچي پنهنجو تعارف ڪرايو ته جيئن سڀني دوستن جي اوهان سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي پوي۔

اوهان پنهنجي ڊائري جي هن مختصر جملن ۾ سڀ ڪجهه سمائي ڇڏيو آهي، هن دفعي سرد راتيون جنوري ۾ ئي نه پر فيبروري ۾ پيڇو ڪنديون رهيون پر هڪ ڳالهه ضرور محسوس ڪيم ته سرد راتين ۾ جذبا گرم ئي رهيا۔ موسمون اينديون آهن پاڻ سان گڏ يادون به آڻينديون آهن ته ڏک سور به، ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اوهان جي خوبصورت شيئرنگ ۽ لاجواب احساس جنهن جي تعريف نه ڪرڻ پاڻ سان زيادتي ٿيندي۔
 
سائين ڏاڏهي صاحب اسلام عليڪم
بهترين االفاظن احساسن جو بيان ۔ اميد ته گڻو ڪٍجھ اوهان جي صحبت مان ملندو۔
وسلام
 
ڊائري جو ورڪ پسند ڪرڻ لا سڀني مهربانن جون لک مهربانيون ۔جواب دير سان ڏيڻ جو سبب نيٽ جي سهوليت نه هجڻ آهي ۔مهربانيون سائين

سائين گهڻن ڏينهن کانپوء اوهان کي سنڌ سلامت ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس تي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي
 
Back
Top