• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز 7 ۾ ڪلپ بورڊ کي خالي رکندا ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جڏهن توهان ونڊوز م ٽيڪسٽ يا گرافڪس کي ڪاپي ڪندا آهيو يا هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي منتقل ڪندا آهيو۔۔ ته ڪاپي جو هي عمل ونڊوز جي ڪلپ بورڊ ۾ جمع ٿيندو رهندو آهي۔۔ جيڪا هڪ عارضي اسٽوريج ايريا هوندي آهي پر جيڪڏهن ان کي وقت بوقت خالي نه ڪيو وڃي ته اها ڪافي جڳهه گهيري وٺندي آهي جنهن سان ڪمپيوٽر جي رفتار تي پڻ اثر پوندو آهي۔۔
توهان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪلپ بورڊ کي خالي ڪندي ڪريو۔۔ ان لاءِ آسان حل اهو آهي ته پنهنجي ڊيسڪٽاپ تي ان جو ون ڪلڪ شارٽ ڪٽ بڻايو ته جيئن هر وقت ڊيسڪٽاپ کي ريفريش ڪندا آهيو تيئن ان آئڪان تي ڪلڪ ڪري ڪلپ بورڊ کي به خالي ڪندا رهو۔۔۔
ان لاءِ سڀ کان پهريان ڊيسڪٽاپ تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ مينو منجهان New \ Shortcut چونڊيو۔۔۔

8y9ffm.png

هاڻي کلندڙ ونڊوز ۾ shortcut location box تي هيٺيون ڪوڊ لکو يا هتان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو۔۔۔ ۽ نيڪسٽ بتڻ پريس ڪريو۔۔
cmd /c “echo off | clip”

u77kn.png

توهان ڏسندو ته ڊيسڪٽاپ تي هڪ آئڪان جو اضافو ٿي ويندو۔۔ بهتر رهندو ته ان شارٽ ڪٽ جو آئڪان تبديل ڪريو جنهن لاءِ ان تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Properties چونڊيو۔۔

1fdc00.png

ونڊوز کلي اچڻ تي ان مان shortcut ٽيب سليڪٽ ڪريو۔۔۔

2lmwitv.png

چاهيو ته shortcut key تي ڪا ڪي assign ڪيو ۽ هيٺ Run ڊراپ ڊائون ڪندي Minimized چونڊيو۔۔ جنهن کان پوءِ هيٺ موجود Change Icon بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
نئين کلندڙ ونڊوز ۾ برائوز بٽڻ ڀرسان موجود باڪس ۾ هيٺيو ڪوڊ لڳائندو ته کوڙ سارا آئڪان نظر ايندا جنهن مان هڪ چونڊو ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔
%SystemRoot%\system32\shell32.dll

xm1jl3.png

هاڻي آئڪان خوبصورت نظر به ايندو ۽ ان تي ڪلڪ ڪري توهان آساني سان جمع ٿيل ڪلپ بورڊ مواد به خالي ڪري ڇڏيندو۔۔۔

jj2wy1.png
 
جواب: ونڊوز 7 ۾ ڪلپ بورڊ کي خالي رکندا ڪريو۔۔۔

ادا اهو عمل اسان ونڊوز ايڪس پي ۾ به ڪري سگهون ٿا۔۔۔۔۔

اداوڌيڪ روسي واري ڳالهه ته رشيد ئي ڪندا پر منهنجي خيال ۾ ونڊوذ ايڪس پي ۾ اهو نه ٿيندو ڇو ته انهي جي ضڙورت ئي ناهي۔ ونڊوز ايڪس پي اه اسٽوريج ڪندي ئي ناهي۔
 
جواب: ونڊوز 7 ۾ ڪلپ بورڊ کي خالي رکندا ڪريو۔۔۔



اداوڌيڪ روسي واري ڳالهه ته رشيد ئي ڪندا پر منهنجي خيال ۾ ونڊوذ ايڪس پي ۾ اهو نه ٿيندو ڇو ته انهي جي ضڙورت ئي ناهي۔ ونڊوز ايڪس پي اه اسٽوريج ڪندي ئي ناهي۔

مهرباني ادا عبدالحفيظ۔۔۔ اوهان اسانجي رهنمائي ڪئي۔۔۔۔
 
Back
Top