ٽٽل يادون

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سارنگ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2012۔

  1. سارنگ

    سارنگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر ( مهاوار ڪنڌي ميگزين)
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    ٽٽل يادون​
    حيدرآباد پريس ڪلب طرفان” تاريخ جا قردار“جي عنوان تي هڪ سيمينار رکيو ويو هو ان پروگرام ۾ راشد ويو هو ۽ اتي هن جي سونهه سان ملاقات ٿي هئي
    سونهه مزدور اڳواڻ ڪامريڊ ساوڻ جي ڌيءَ آهي ۽ مونسان گڏ زندگيءَ جا پنج سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گذاريا اٿس آئون انهي خيال جو حمايتي رهيو آهيان ته تبديلي صرف مزدور ئي آڻي سگهي ٿو ۽ شاگرد صرف هڪ مخصوص قردار ادا ڪري محنت ڪش عوام جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽آئون ان خيال جو پڻ حامي رهيو آهيان ته درميانو طبقو تاريخي طور تي منافق طبقو رهيو آهي جيڪو سرمائيدار ۽ جاگيردار جي دلالي ته ڪري سگهي ٿو پر مزدور ۽ هاري جي حمايت نٿو ڪري سگهي بلڪِ محنت ڪش طبقي کي هڪ ڪُوڙِي اميد ڏيکاري جدوجهد کان روڪڻ واري هٿيار طور استعمال ٿي سگهي ٿو ،
    يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه دوست مونسان انهيءَ ڪري سهمت نه هئا ته آئون عالمي انقلاب جي ڳالهه ڪندو هئس ۽ “دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو” ڪارل مارڪس جي نعري جي حمايت ڪندو هئس ،
    منهنجو پيارو دوست راشد جيڪو هيئر معروف سنڌي اخبار جو صحافي آهي پر وڏو آڙيڪاپ آهي، لفافي جي ملڻ تي ئي ڪا خبر هلائيدو آهي ۽ اگر لفافو نه ملندو اٿس ته لکيل خبر ڦاڙي اڇلي ڇڏيندو آهي، اڪثر پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ويندو رهندو آهي پر پريس ڪلب تي قبضو ڪري سالن کان ويٺل سرڪاري ملازمن هن کي ڏهه سال گذري وڃڻ جي باوجود به ميمبر ٿيئڻ ناهي ڏنو ،
    يونيورسٽيءَ کي ڇڏيندي يارهان سال گذري چڪا آهن نه ڄاڻ ڪهڙو دوست ڪٿي آهي !؟.
    صرف راشدجو مونسان رابطو رهيو آهي اهو به راشد جي ڪري ئي آهي ، هو يونيورسٽيءَ جي زماني جي گذري وڃڻ کان پوءِ به خط لکندو رهندو هو، پر آئون رابطي جي معاملي ۾ تمام سست انسان آهيان دوستن سان رابطو ناهيان رکي سگهندو ، اهيو ئي ڪارڻ آهي جو
    بي انتحا محبت ڪرڻ جي باوجود به آئون سونهه سان رابطو نه ڪري سگهيو آهيان.
    يونيورسٽي جي زماني کان پوءِ هڪ وارو به منهنجي سونهه سان ڳالهه ٻول نه ٿي سگهي ۽ نه ڪڏهن مون رابطي جي ڪوشش ڪئي،
    شايد سونهه به رابطو ڪرڻ ضروري نه سمجهو .
    جڏهن يونيورسٽي ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو ۽ اسان کي الواعي پارٽي ڏني وئي هئي ان ڏينهن سوچيو هئم ته سونهه کان سواءِ زنده رهي نه سگهندس پر وقت ٻڌائي ڇڏيو ته ڪير ڪنهن سان ڪيتري به شدت سان محبت ڇو نه ڪري پر اهيو لازم ناهي ته الڳ ٿيئڻ يا ڏور رهڻ سان زنده رهي نه سگهندو ،،
    جنون جي حد تائين پيار ڪندو هئس سونهه سان پر هُن سان محبت جو اظهار ڪري ئي نه سگهيس،
    تمام ڪوششن جي باوجود به سونهه جي سامهون اچڻ کان پوءِ ِ نه زبان ساٿ ڏيندي هئي ۽ نه وري دماغ،
    من اندر هڪ خوف هو جيڪو مونکي ڊڄاريندو ئي رهندو هو ۽ آئون خوف ۾ ئي رهجي ويندو هئس،
    سونهه هوريان هوريا ٿيندي مونکان ڏور هلي وئي .
    منهنجو اهو خواب رهيو هو ته برسات پوندي هجي آسمان تي وڄ به چَمڪاٽ ڪندي رهي سمورا وڻ فطرت جي سونهه مان ٽمٽار هجن يونيورسٽي جي روڊن تي ڪو به نه هجي آڪاس مان سهي سهي ٺڪائن جا آواز بلند ٿيندا رهن سونهه ۽ آئون يونيورسٽيءَ جي رستن تي هلندا رهون،
    پنج سال ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ئي گذر ي ويا پر ڪارا ڪڪر نيري آسمان کي لڪائي نه سگهيا هئا ۽ اسان جي آخري سيمسٽر جي تايخ جو اعلان ٿي ويو صرف چند ڏينهن رهيا پر نه برسات ٿي ۽ نه آئون پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهيو هئس
    پنج سال گذرڻ جي باوجود مون ڪڏهن به يونيورسٽيءَ ۾ برسات نه ڏٺي .
    يارهين آگسٽ تي اچا نڪ ڪڪرن جي ڪاري چادر آڪاس تي ويڙهجي وئي ان وقت اسين فلسفي جو پيرڊ اٽينڊ ڪري رهيا هئاسين جيڪو اسان جو آخري ڪلاس هو جنهن کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اندر پيپر شروع ٿيئڻا هئا ۽ يونيورسٽي کي هميشه لاءِ الواع چوڻو هو پر انهيءَ پيرڊ دوران خالقِ اڪبر منهنجي دل مان نڪرندڙ دعا کي قبول ڪيو هو ۽ برسات وسڻ شروع ٿي وئي تمام تيز ۽ وڏي گجگوڙ سان
    پر ڪجهه دير کان پوءَ صرف بوندا باري جو سلسلو رهجي ويو هو موسم بي انتحا خوبصورت ٿي وئي هئي ۽ اسان جي گروپ المنظر تي هلڻ جو پرو گرام ٺاهيو هو جنهن ۾ سونهه به هلي هئي
    هئي برسات ۾ درياهه جي مستي مون پهرين ڪڏهن نه ڏٺي هئي،
    درياهه بادشاه جون لهرون گجگوڙ ڪنديون ڪنارن سان ته ٽڪرائجي نه رهيون هيون پر پاڻيءَ جي حيبت ناڪ آوازن کي مون پهرين ڪڏهن نه ٻڌو هو .
    ننڊڙيون ننڊڙيون پوپريون پاڻيءَ مان تيزيءَ سان ڇلانگون هڻنديون ڪنارن طرف وڌنديون رهيون ڄڻ ته ڪرتب ڏيکاري رهيو هيون، آڪاس مان هلڪي هلڪي ڦونهار پئجي رهي هئي ۽ اسين سمورا دوست لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين ۽ اچانڪ پڪنڪ سياسي گڏجاڻي بڻجي ويو دوستن شاگڙد سياست تي ڳالهائڻ شروع ڪيو تڏهن آئون ۽ سونهه ٻيئن دوستن کان ڪجهه اڳيان نڪري آيا هئاسين،
    سونهه مونکان سوال ڪيو،،،،،،.
    سارنگ توکان هڪ ڳالهه پڇان ؟
    مون حيراني وچان چيو ڪهڙي ڳالهه سونهه !؟
    سونهه منهنجي طرف ڏسندي چيو،،
    سارنگ مونکي گڻن ئي ڏينهن کان اهيو محسوس ٿي رهيو آهي ته تون مونکي ڪجهه چوڻ ٿو چاهين ،!
    سونهه جا اهي لفظ ٻڌڻ شرط ئي منهنجي اندر مان ڄڻ سيءُ نڪري ويو ۽ منهنجو سمورو جسم اندر ئي اندر ۾ ائين ڏڪڻ لڳو ڄڻ سياري جي ٿڌي رات ۾ منهنجي مٿان ڪنهن برف وارو پاڻي هاري ڇڏيو هو ،
    وائڙو ٿيندي جواب ڏنو هئم،
    نه نه اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي !
    ان پل مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ اچي نه رهيو هو ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ منهنجي چوري جهلجي پئي هئي،
    مون سونهه جي نيڻن ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو !
    جن نيڻن کي ڏسڻ خاطر آئون پنهنجي متاح حيات قربان ڪري ٿي سگهيس،
    پر خوف وچان منهنجي دل جي ڌڙڪنن جي رفتار تيز تمام تيز ٿي وئي هئي زبان ساٿ ڏيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ منهنجن قدمن کي مون
    ٿڙ ٿڙائيندي محسوس ڪيو هو منهنجي وس ۾ ئي نه رهيو جو آئون هڪ قدم کڻي سگهان سونهه مونکي ڏسندي رهي پر آئون هن سان نظرون ملائڻ جي حالت ۾ نه هئس،
    مونکي ان گناهه جو ا حساس وڪوڙي ويو هو جيڪو گناهه مون اڪيلائيءَ ۾ ڪيو هو
    جنهنجي ڄاڻ مونکان سواءِ صرف منهنجي دل کي هئي،
    جنهن دل جي هر ڌڙڪن کي آئون سونهه جي نالي سان منسوب ڪندورهندو هئس ۽ تمام راتون جاڳي سونهه سان پيار جو اظهار ڪرڻ جي مختلف ترقيبن جي عڪس بندي ڪندورهندو هئس ، اهي گهڙيون پاڻ هلي آيون هيون پر انهن لمحن جي دهشت نه ڄاڻ ڇو مونکا برداست نه ٿي آئون پنڊ پهڻ ٿي پيئس ۽ سالن کان ٿيندڙ انتظار جڏهن قربت طرف وڌڻ لڳو تڏهن سال لمحن ۾ سميٽجي ويا ۽ سڀ ڪجهه سانت ٿي ويو
    سموري رات اظهار ڪرڻ جو سوچيندو رهوندو هئس ۽ صبح جو ڪئمپس ۾ پهچندي ئي دل جي ڌڙڪنن جي رفتار ٿمجي ويندي هئي اظهار ڪرڻ جي تمام ترڪيبن کي دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيندو هئس پنجن سالن کان صرف پنهنجي دل کي تڙپائيندو رهيو هئس ۽ نيڻن کي اوجاڳا ڏيندو رهيو هئس، ڪهڙي ڄاڻ هئي مونکي ته هڪ ڏينهن سمورا خواب سونهه جي زبان مان سوال جي صورت ۾ سامهون ايندا پر منهنجي اندر جو خوف مونکي هڪ اهڙي آڙاهه طرف ڌڪي ڇڏيندو جنهن طرف نه منهنجي زندگي رهندي ۽ نه وري موت جي اچڻ جي ڪا اميد ،
    منهنجي خاموشي ۽ محبت جي اظهار نه ڪرڻ جي غلطي منهنجي بي نور زندگيءَ لاءِ هڪ نه کٽندڙ پيڙاهه ۽ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ انتظار جي شروعات ٿيندي.
    راشد مونکي ٻڌايو ته هُن جي ملاقات سونهه سان ٿي !
    راشد اهيو به ٻڌايو ته سونهه راشد کان منهنجو موبائل نمبر به ورتو آهي
    راشد جي ڳالهه ٻڌندي ئي منهنجي دل جي ڌڙڪنن جي رفتار وڌي وئي يارهان سال يونيورسٽي کي ڇڏيندي ٿيا هڪ طويل وقت گذري چڪو هو هاڻ ته زندگي تيزيءَ سان موت طرف وڌي رهي آهي حالات به ساڳيا ناهن رهيا هر طرف خودڪش حملا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ٿي رهيا آهن بغير ڪنهن گناه ۽ دشمنيءَ جي انسان جو قتلِ عام ٿي رهيو آهي ،
    مهنگائي ،بک ، بدحالي ۽ بيروزگاري عوام جي زندگيءَ مان محبت جي مقدس جذبي کي ئي ختم ڪري چڪي آهي رهبر جي نالي ۾ رهزنن جا انيڪ ٽولا عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي،
    جنهن سماج ۾ مهمانن کي رحمت سمجهو ويندو هو هاڻ ان سماج اندر مهمان کي اوچتو نازل ٿيندڙ عذاب ٿو سمجهو وڃي بيمار اولاد لاءِ سموري دولت کي داءُ تي لڳائيندڙ مائٽ هاڻ اولاد جي بيماريءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ ان جي موت جي دعا ٿا گهرن ،
    اهڙي سماج اندر ڪير ڪنهن سان سچي محبت ڪري ٿو سگهي !
    اگر ڪير ايتري شدت سان محبت نٿو ڪري سگهي ته پوءِ منهنجي اندر ۾ جيڪا تڙپ سونهه لاءِ آهي اها ڇا آهي ؟
    سونهه جي وڇوڙي جو درد مونکي ايترو ڇو ٿو تڙپائي ؟
    انيڪ سوال منهنجي ذهين ۾ آيا پر ڪنهن به سوال جو مناسب جواب ڳولهڻ ۾ ناڪام ويو هئس ۽ پاڻ کي دلاسو ڏيئڻ لڳو هئس ته شايد درد انهيءَ ڪري محسوس ڪندو آهيان جو آئون سونهه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري نه سگهيو هئس
    راشد کان پڇا ڪئي هئم ،
    سونهه منهنجو نمبر ڇالاءِ ورتو ؟
    ڇا هن جو ڪو ڪم آهي مونسان جو يارهن سالن کان پوءِ اچانڪ هن کي منهنجي ياد اچي وئي .
    راشد حيران ڪن نظرن سان مونکي ڏسڻ لڳو شايد منهنجي ان سوال تي هن کي ڪاوڙ لڳي هئي ۽ هن جواب ڏيندي چيو ته مون سونهه کان اهيا پڇا نه ڪئي هئي،،،.
    ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ مون راشد کان پڇا ڪئي ،
    ڇا يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ تون سونهه سان ملندو هئين ؟
    راشد مونکي جواب ڏيندي چيو ته يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ سونهه سان صرف ٻه وارا ملاقات ٿي آهي پهرين ملاقات انڊس هوٽل ۾عورتن جي حقن جي نمائندگي ڪندڙ اين جي اوز وارن طرفان هڪ عاليشان پروگرام رکيو ويو هو جنهن ۾ آئون منهنجي اخبار جي ڪوريج ڪرڻ ويو هئس اتي سونهه سان ملاقات ٿي پر صرف دعا سلام ئي ڪري سگهيا هئا سين ۽ انکان پوءِ هينئر ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هن مونکان تنهنجو نمبر ورتو آهي .
    يونيورسٽيءَ ۾ اسان جو گروپ ستن ڄڻن تي مشتمل هو جنهن ۾ ٽي ڇوڪريون ۽ چار ڇوڪرا هوندا هئاسين
    اسان سمورن دوستن ۾ بهترين هم آهنگي هوندي هئي اسان دوستن ڪڏهن به اهيو محسوس نه ڪيو هو ته گروپ ۾ ڪيتريون ڇوڪريون ۽ ڪيترا ڇوڪرا آهيون بلڪِ اسين سڀ صرف دوست هئاسين ، بهترين دوست ،
    مونکا سواءِ تمام دوست پئسي وارا هئا زميدارن ۽ واپارين جا اولاد هئا صرف آئون ئي هئس جنهن جو والد عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو هو جو هو ڪو به ڪم نه ڪندو هو ۽ منهنجو هڪ ئي وڏو ڀاءُ آهي جنهن جا ويچار تعليم متعلق سٺا نه هئا هو گهمڻ لاءِ مون کي فضول خرچ ڏيئڻ ۾ ته خوش هوندو هو پر اگر اتفاق سان هن کان پڙهائي لاءِ ڏوڪڙن جي گهر ڪندو هئس ته چوندو هو پڙهڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟
    ڪو ڌنڌو ڌاڙي سک جيڪو توکي ڪم ايندو ،
    يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ اسين سمورا دوست ائين ته الڳ ٿياسين جو ڪنهن به ڪنهن جي پڇا نه ڪئي .
    شايد اسان دوست هئاسين ئي ڪونه!
    بس حالاتن اسان کي ڪجهه سالن لاءِ گڏ ڪيو هو پر وقت الڳ ڪري ڏيو .
    راشد جڏن ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ سونهه متعلق ٻڌايو ته آئون مسلسل سونهه جي باري ۾ئي سوچيندو رهيو هئس ۽ منهنجي دل جي بي چيني وڌندي ئي رهي،
    آخر راشد کان سونهه منهنجو نمبر ڇو ورتو آهي ؟
    اگر سونهه نمبر ورتو آهي ته ڪال ضرور ڪندي
    ڇا سونهه جو آواز اڄ به اهوئي ساڳيو هوندو ؟
    هن جي چنچل آواز ۾ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙي مٺاس به ساڳي ئي هوندي يا نه !؟
    صرف سونهه جي باري ۾ سوڇيندو رهيو هئس هن جو آواز ٻڌڻ لاءِ منهنجي اندر ۾ عجيب بي چيني وڌي رهي هئي من ۾ خيال آيو ته سونهه کي هيئنر ئي فون ڪريان ڪهڙي خبر ته هو مونکي فون نه ڪري ،!
    ڪٿي يارهان سال گذري وڃڻ کان پوءِ ته هو مونسان اظهار نٿي ڪرڻ چاهي !؟
    نه نه آئون غلط پيو سوچيان ! پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ لڳو هئس
    پنهنجو پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳو هئس ۽ پاڻ ئي جواب ڏيئڻ لڳو هئس.
    ائين ڪينئن ٿو ٿي سگهي ته منهنجن نيڻن ۾ سونهه پنهنجي لاءِ محبت نه ڏسي سگهي هجي،
    يونيورسٽيءَ ۾ گذاريل پنجن سالن اندر منهنجي من مان هر سائت دوران محبت ڦاٽي ٻاهر نڪرندي هئي ،
    سونهه جي هر ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۽ فرمان برداريءَ سان عمل ڪرڻ ، نه وڻندڙ ڳالهه به خوشيءَ سان قبول ئي ڪندو رهيو هئس پوءِ ڪيئن ممڪن آهي جو سونهه منهنجي محبت کي محسوس نه ڪيو هجي ،،،!
    سوچيندي سوچيندي سمورو ڏينهن گذري ويو پر سونهه جو فون نه آيو ، بي چيني پيڙاهه بڻجي وئي منهنجون اڱريون بار بار موبائل جي ڪي پيڊ تي گهمڻ لڳيون هڪ اهڙي نمبر کي ڊائل ڪرڻ لاءِ جيڪو نمبر مون وٽ هو ئي ڪونه،
    بغير دستڪ ڪرڻ جي خيال منهنجي ذهين ۾ ايندا رهيا ۽ مونکي تنگ ڪندا رهيا .
    ڪهڙي خبر سونهه مونکي فون نه ڪري ،،،،؟
    نه نه ضرور ڪندي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ، اگر اهيا ڳالهه هجي ها ته هو منهنجو نمبر ئي نه وٺي ها
    نه ڄاڻ ڇو وقت هو جو چيگم جيان ڇڪجندو پي ويو رات پنهنجن آخري پساهن ۾ هئي پر ختم ٿيئڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي هئي منهنجا نيڻ ننڊ کان انڪاري هئا سموري ماحول اندر خاموشي ڇائيجي چڪي هئي ۽ خاموشيءَ ۾ مونکي هزارين خيال ڊڄاريندا رهيا .
    بغير دستڪ جي ذهين اندر داخل به ٿيندا رهيا ته واپس به ويندا رهيا منهنجو پاڻ مٿان ڪو به اختيار نه هو بس هڪ زنده لاش مثل بستري مٿان پيو هئس نه ڄاڻ ڪنهن پل ننڍ پنهنجي ڀاڪر ۾ مونکي وڪوڙي وئي
    موبائل جي بيل وڄي رهي هئي ۽ مون اڌ ننڊ ۾ ئي ڪال رسيو ڪئي ۽ آواز آيو ،،،،،،
    هيلو!،،،
    هي سارنگ جو نمبر آهي نه ،،،،
    منهنجي زبان ته چُري رهي هئي پر لفظ منهنجي زبان ۾ ئي اٽڪيل هئا.
    ٻيهر آواز آيو
    هي نمبر سارنگ جو آهي نه!؟
    تڏهن ڳلي مان اٽڪندو آواز ٻاهر نڪتو ۽ مون چيو ها سونهه ،،،،.
    ها سونهه آئون سارنگ ئي آهيان ،
    سونهه کلندي جواب ڏنو
    سارنگ مونکي ياد آهي هڪ وارو تو چيو هو ته دير دير تائين سمهڻ ۾ مونکي تمام گهڻو سڪون ملندو آهي،
    شايد تون اڃان تائين سمهيو پيو آهين جو تنهنجو آواز ايترو ڀاري ڀاري آهي.
    سونهه بغير فل اساپ ڏيئڻ جي ڳالهائيندي رهي
    ڄڻ اسان يارهن سالن کان پوءِ نه بلڪ يارهن منٽن کان پوءِ ڳالهائي رهيا هئاسين ۽ سونهه مونکي مزاق ڀريئي انداز ۾ چوڻ لڳي ،
    منهنجا پيارا سارنگ مزدور سياست ڪندڙ ڪارڪن ڪڏهن به آوارا ۽ غير ذميدارانا عمل کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو ناهن بڻائيندا پوءِ توکي تنهنجي دل اجازت ڪينئن ڏني آهي جو تون اڃان تائين ننڊ ۾ آهين، بستري سان چِهٽو پيو آهين،،،!
    وراڻيو هئم،،،.
    سونهه،،،،،!
    اسان جي دل تمام گهڻين ڳالهين جي اسان کي اجازت ناهي ڏيندي پر حالات هميشه دل جي فيصلن کي دل ۾ ئي دٻائي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اسين ان بوج کي برداشت نه ڪندي به پاڻ سان گڏ ئي کڻي هلڻ تي مجبور هوندا آهيون.،
    آئون چند گهڙيون پهرين ئي سمهيو آهيان ، اڃان منهنجي اک ئي لڳي هئي جو تنهنجي ڪال تي منهنجي موبائل مونکي اٿاريو آهي
    سونهه ڪو به جواب نه ڏنو ، نه هن ڳالهايو نه وري مون ،
    ڄڻ اسين هڪ ٻئي جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ،،.
    ڪجهه گڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ سونهه ڳالهائڻ لڳي .
    تنهنجي تمام گهڻي ياد ايندي آهي سارنگ،!
    جواب ڏيندي چيو هئم ،
    سونهه ڪجهه يادون عذابن جهڙيون هوندي به تمام دلچسپ ٿينديون آهن پوءِ انهن ۾ ڪيتري به پيڙاهه ڇو نه هجي،
    ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته مون جهڙا نسان صرف درد ئي برداشت ڪري سگهندا آهن پوءِ اهو درد ڪيتري به شدت سان ڇو نه هجي
    سونهه منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ،
    سارنگ ،، وقت مونکي به تبديل ناهي ڪري سگهيو، ۽ هو کلڻ لڳي
    مونکي هن جي ٽهڪن مان محسوس ٿيو ته سونهه زبان تي ايندڙ ڪنهن ڳالهه کي ٽهڪن ۾ لڪائي رهي آهي
    سونهه جي مسلسل ٽهڪن جي آواز ۾ انيڪ سوال هئا جن جو مون وٽ ڪو به جواب نه هو مون ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر سونهه چوڻ لڳي،
    دراصل مون توکي انهيءَ لاءِ ڪال ڪئي آهي ته اڄ کان ٽي ڏينهن پوءِ “ آچر” تي منهنجي گهر ۾ تمام دوستن جي گڏجاڻي رکيل آهي ۽ تون ضرور اچجان اسين عورتن مٿان ٿيندڙ ڏاڍاين جي خلاف هڪ تحريڪ هلائڻ ٿا چاهيون ۽ انهيءَ لاءَ سڀني دوستن کي دعوت ڏني اٿم ،
    هينئر مونکي تمام گهڻو ڪم آهي انهيءَ ڪري پاڻ گهڻو ڳالهائي نه سگهندا سين مونکي توسان تمام گهڻيون ڳالهيون پڻ ڪرڻيون آهن يارهن سالن ۾ تو مونسان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي ان جي سزا به توکي ڏيئڻي آهي سمجهئي !
    سونهه ڪهڙي پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهين ؟ مون پڇا ڪئي
    يار اسين هڪ اين جي او هلائي رهيا آهيون جيڪا عورتن جي حقن جي تحفظ جي ذميدار آهي ۽ اسان ايمانداريءَ سان ان کي نڀائي رهيا آهيون ،
    تون آچر تي اچ توسان گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو اٿم،
    ڇا ڳالهائڻو آهي ؟
    سارنگ تنهنجا سوال هاڻ بي معنى آهن جڏهن توکي سوال ڪرڻا هئا تڌهن تو نه ڪيا هاڻ صرف تون منهنجي ڳالهه ٻڌ ۽ عمل ڪر ،
    مزيد روبرو ڳالهائينداسين هينئر مونکي ضروري ڪم سان ڪڏهان وڃڻو آهي ،
    سونهه ته پنهنجي ڳالهه ڪري ورتي پر منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به اچي نه سگهيو.
    آخر ايترو بي حجاب ٿي هو مونسان ڪيئن ڳالهائي رهي هئي ؟
    ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هن منهنجي اکين ۾ پنهنجي لاءِ بي انتحا محبت ڏسي به اڻ ڏٺي ڪري ڇڏي هئي ۽ هيترن سالن کان پوءِ ايترو بي حجاب ٿي هو مونسان کليل اظهار ڪري رهي هئي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي،،،!
    هو پنهنجي مزاج کان مڪمل مختلف لڳي رهي هئي ،
    جيترو آئون هن کي سڃاڻا هو بلڪل حجابن ۾ رهڻ واري هئي تڏهن ته آئون چاهيندي به هن سان پيار جو اظهار ڪري نه سگهيو هئس جڏهن ته اسان جي وچ ۾ جيڪا دوستي هئي ان ۾ ايترو حجاب نه هو پر پوءِ به مونکي هن جي نيڻن جي اشارن هميشه روڪيو هو .
    حيدر چوڪ تان مون سونهه کي فون ڪيو ۽ پڇا ڪئي مانس ته يار مونکي ڄاڻ ناهي ته تنهنجو گهر ڪٿي آهي ۽ آئون هيئنر حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي بيٺو آهيان
    سونهه مونکي پنهنجي ايڊريس ٻڌائي ته هو المصطفى ٽائون گلي نمبر ڇهه بنگلو نمبر 132 ۾ رهيندي آهيان،
    جڏهن بنگلي تي پهچي گهنٽي وڄائي هئم ته هڪ نوجوان ڇوڪرو ٻاهر آيو،

    سونهه جو بنگلو هي ئي آهي نه؟
    هن جواب ڏيندي چيوته بلڪل سائين اهيوئي آهي .
    توهان اندر هليا اچو، ڇوڪري مونکي اندر اچڻ جي دعوت ڏني
    جئين ئي بنگلي جي ورانڊي ۾ پهتس ته سامهون ديوار تي هڪ پينافلڪس جو بورڊ لڳل هو جنهن تي لکيو پيو هو ته “عورتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آهي”
    نوجوان مونکي ڪانفرس روم ۾ وٺي ويو ۽ مونکا پڇا ڪيائين ته سائين توهان ٿڌو پيئندا يا چانهه .
    نوجوان جي چهري ۾ ڏسندي وراڻيو هئم ته صرف پاڻي جو هڪ گلاس ،
    سونهه ڪٿي آهي ؟ نوجوان کان پڇا ڪئي هئم
    ميڊم ٿوري دير ۾ اچي ويندي،
    نوجوان هليو ويو شايد پاڻي کڻڻ ،
    آئون ديوارن تي ٽنگيل تصويرن کي ڏسڻ لڳو هئس ،
    سامهون واري ديوار تي هڪ گروپ فوٽو لڳل هو جنهن ۾ هڪ ٻهراڙيءَ جي عورت چلهه تي ماني پچائي رهي هئي ۽ هن سان گڏ ٽي نو جوان ڇوڪريون ۽ ٻه ننڊيون ٻارڙيون ويٺل هيون سڀني جي چهري جو رخ ڪئميرا طرف هو محسوس ٿي رهيو هو ته هنن کي ائين ويهاري فوٽو ڪڍيو ويو هو ،
    پاسي واري ديوار تي چار تصويرون لڳل هيون ۽ هال ۾ ويهن ڪرسين واري ڊگهي ميٽنگ ٽيبل رکيل هئي هر ڪرسي اڳيان گلاس ڪجهه ڪورا ڪاغذ ۽ بال پين پڻ رکيون ويون هيون.
    سائين پاڻي ،،،! نوجوان مونکي مخاطب ٿيو
    هن جي هٿ ۾ منرل واٽر جي ٿڌي بوتل هئي پاڻي جي بوتل وٺندي ئي پڇا ڪئي هئم ،
    سونهه ڪيتري دير ۾ ايندي ؟
    هن گهڻو نه ڳالهائيندي صرف ايترو چيو ته ميڊم پهچڻ واري آهي ،
    پاڻي گلاس ۾ لاهيندي سوچڻ لڳو هئس،
    ميٽنگ جو وقت ته ٿي ويو آهي پر اڃا تائين ڪير به ناهي پهتو ڪهڙي سنجيدگي آهي هنن ۾ جو وقت جي اهميت ئي ناهي،،،!
    دروازي تي گاڏي جي هارن جو آواز آيو ۽ نوجون تکو تکو دروازي طرف وڃڻ لڳو دروازو مڪمل کولي ڇڏيائين هڪ ڪاري رنگ جي ڪرولا ڪار اندر داخل ٿي، جنهن مان پهرين هڪ وڏي ڄمار جو ٻڍو پر نوجوانن جيان پاڻ کي تيار رکندڙ، هوبهو نوجوان پوڙهو گاڏي کان ٻاهر نڪتو ۽ڊرائيونگ سيٽ جو دروازو کليو ته سونهه ٻاهر نڪرندي مونکي نظر آئي گلابي رنگ جو وڳو پهريل ۽ وار ڪلهن تائين ڪٽيل بدن ۾ پهرين کان تمام گهڻي ٿولهه اچي چڪي هئي سونهه ۾ ،
    نوجوان گاڏي جو پويون در کولي ان مان هڪ بيگ ڪڍي ۽ ڪجهه فائل به .
    سونهه پوڙهي نوجوان شخص سان ڳالهائيندي اندر داخل ٿي ۽ پويان نوجوان سامان کڻي اچي رهيو هو آئون ميٽنگ هال جي دري مان انهن کي ڏسي رهيو هئس سونهه جي جسم سان گڏ هن جو چهرو به تبديل ٿي چڪو هو پر نڪشن مان سونهه لڳي رهي هئي .
    يارهن سالن کان پوءِ سونهه کي ڏسي رهيو هئس.
    منهنجو به ته چهرو تبديل ٿي چڪو آهي مٿي ۾ گڻي مقدار ۾ اڇا وار آهن ۽ چهري جو رنگ به سانورو ٿي ويو آهي بدن ٿولهه نه ڪئي آهي پر پوءِ به آئون ساڳيو ناهيان ،
    پوڙهو شخص ۽ سونهه ڳالهائيدي ميٽنگ هال جي پاسي کان گذري ويا پر اندر داخل نه ٿيا شايد برابر واري ڪمري ۾ هليا ويا ڇو ته دروازي جي کلڻ جو آواز آيو ۽ وري بند ٿيو ته تمام آواز ختم ٿي ويا
    مونکي اڌ ڪلاڪ گذري ويو اڪيلو ئي ويٺو رهيو هئس نه سونهه آئي نه وري ٻيو ڪير آيو سوچي رهيو هئس ته هاڻ بغير ڪنهن کي ٻڌائڻ جي هليو وڃان !
    هي ڪهڙي قسم جي سنجيدگيءَ جو مظاهرو آهي؟
    ڪير به ناهي پهتو ۽ سونهه آئي آهي ته هيتري دير گذرڻ جي باوجود مونسان ناهي ملي ،
    سوچيندي اٿي بيٺو هئس ۽ ٻاهر اچڻ لڳو هئس ته اچانڪ دروازي مان سونهه هال ۾ داخل ٿي مونکي ڏسندي مسڪرائي چيائين سارنگ تون پهچي وئين!؟ سونهه جا لفظ پنهنجائپ مان ٽم ٽار هئا پر هن جي چهري تي هڪ مسنوعيعت هئي
    آئون سونهه جي چهري ۾ ڏسندو رهيو هئس هن جي اکين جي هيٺان ڪارا داغ هئا مون ڪنهن کان ٻڌو هو ته گهڻوشراب استعمال ڪرڻ واري جي اکين هيٺان ڪارا داغ ٿي پوندا آهن ،
    سونهه مزاڪ ڪندي چيو ته مون ۾ پراڻي واري سونهه کي ڳولهي رهيو آهين ڇا؟
    سونهه جي مزاق ۾ نه ڄاڻ ڇو مونکي پنهنجائپ محسوس نه ٿي ڄڻ هن فرضي جملو ڳالهايو هو بلڪل ائين جيئن ڪا آڙيڪاپ عورت پنهنجو شڪار ڦاسائڻ وقت پنهنجائپ ڏيکاريندي آهي
    سونهه اوريان اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ مونکي ڏسڻ لڳي ، آئون به هن جي چهري ۾ ڏسندو رهيو هئس
    کلندي چيائين ويهه ڏسڻ لاءِ تمام گڻو وقت آهي پاڻ وٽ
    مون هن جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ،،
    اڃان تائين ڪير به ناهي پهتو ؟
    چيائين ته يار اڄ ميٽنگ ملتوي ڪري ڇڏي اٿئون پر توکي ان ڪري نه ٻڌايو هئم ته مونکي توسان ملاقات ڪرڻي هئي توسان ڳالهائڻو هو تما گڻو وقت گذري چڪو آهي اسان کي روبرو ويهي ڳالهائيندي،

    سونهه ڳالهائيندي رهي ۽ آئون خاموشيءَ سان هن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو هئس ،
    يار موجوده حالتن اندر عورتن سان تمام گڻو ظلم ٿي رهيو آهي پر عورت جي دانهه ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي، هِن دڪيانوسي سماج اندر عورت کي اڄ به غلام ئي تصور ڪيو ٿو وڃي ۽ اسين اهيا ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عورتن کي ڪجهه نه ڪجهه رليف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
    مون سونهه جي ڳالهه ڪٽيندي پڇا ڪئي مانس ته ڪامريڊ ساوڻ جي خبر ڏي طبيعت ڪيئن اٿس ؟
    هن منهنجي چهري ۾ ڏسندي چيو ته توکي خبر ناهي !؟
    ڪهڙي ؟
    بابا سائين جو قتل ٿي ويو ،
    ڪنهن ڪيو ...!؟
    اهيا ڄاڻ ته ناهي ،،،.
    پر باباسائين کي پنج سال پهرين قتل ڪيو ويو ،
    ڪراچيءَ ۾ مزدورن طرفان سڏايل احتجاجي مظاهري ۾ ويو هو ۽ مظاهري جي ختم ٿيئڻ کان پوءِ دوست جي گهر طرف ويندي ڪنهن هن کي رستي ۾ گوليو هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، گهٽيءَ ۾ ئي تڙپندو رهيو پر ڪير به نه هو جيڪو هن کي اسپتال تائين پهچائي گهڻو رت ذيان ٿي وڃڻ جي ڪري هن جو جسم هميشه لاءِ ٿڌو ٿي ويو ،
    سونهه منهنجي ڪامريڊ ساوڻ سان هڪ ئي ملاقات هئي توکي ياد هوندو اسين سڀ گڏ هئاسين جو هن سان گفتگو ٿي هئي، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته هو اين جي اوز جي خلاف هو ان ڏينهن هو چٽن لفظن ۾ چئي رهيو هو ته سرمائيدارن موجوده احد اندر هڪ نئي سازش سان سياسي رستي لاءِ رڪاوٽ کڙي ڪرڻ لاءِ خيرات ڏئي اين جي اوز جهڙين نام نهاد تنظيمن جي جوڙ جڪ ڪري سياسي عمل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي محنت ڪش طبقي کي خيرات ڏئي بغاوت واري سوچ کي زاياڪري جديد غلام بڻائي رهيا آهن اهڙي قسم جي عمل ۾ سماج جي وچيئن طبقي کي اخلاقيات جي درس سان گڏ عام عوام ۾ لاٿو ويو آهي جيڪو اڳيان هلي سياسي عمل اڳيان عارضي رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو بلڪِ بڻبو
    سونهه ڪامريڊ توسان اهڙي نموني جي اگر ڪڏهن اڪيلائپ ۾ گفتگو ناهي ڪئي ته پوءِ منهنجا خيال ڪاميڊ لاءِ يقينن درست نٿا ٿي سگهن
    ها سارنگ بابا سائين اڪثر مونکي به اهڙا ئي ليڪچر ڏيندو رهندو هو ،،،،،،، سمورو جملو سونهه بغير ساه کڻڻ جي چئي وئي ،
    سونهه جي انهيءَ انداز مان مونکي محسوس ٿيو ته سونهه ڪامريڊ ساوڻ جي عزت منهنجي ذهين ۾ برقرار رکڻ ٿي چاهي ،
    مون سونهه کان پڇا ڪئي ته پوءِ توکي تنهنجي دل اهيا اجازت ڪيئن ڏني جو تون اين جي اوز کي هلائڻ لڳي آهين،
    ٺيڪ آهي سياسي عمل سست آهي سماج اندر اها سگهه ناهي جو عام عوام وقت جو انتظار ڪري سگهي،
    اسان جي سوچ جو سفر بلڪل سست ۽ آهستگيءَ َ سان چري رهيو آهي ۽ اڳيان وڌي رهيو آهي، اسان حالات ۽ واقعات جي تناظر ۾ سوچڻ کان ڪاسر آهيون نٿا سمجهي سگهون ته اسان کان وقت ڪهڙي عمل جي گهر ڪري رهيو آهي پر ان جو مقصد اهيو ته بلڪل ناهي جو جيڪي سمجهي رهيا آهن اهي ئي خاموشي اختيار ڪري ويهي رهن،
    ساڳئي سسٽم جي مرمت ڪري خوبصورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن اهيو ڄاڻندي به ته هي سسٽم بلڪل سڙي راخ ٿي چڪو آهي هاڻ هن سسٽم مان ڪا به بهتري جي اميد باقي ناهي بچي اگر اسان سمجهون ٿا ته هي سسٽم بهتر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسين پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهيون.
    سونهه منهنجي ڳالهه ٻڌندي رهي ۽ آئون فل اسٽاپ ڏيئڻ بغير ڳالهائيندو رهيو هئس
    جڏهن خاموش ٿيو هئس ته مونکي خيال اچڻ لڳا،
    آئون شدت سان سوچڻ لڳو هئس منهنجي اندر ۾ جيڪا محبت هئي جيڪا شدت هئي اها شدت آخر ڪڏهان وئي!
    مونکي سونهه جي نيڻن ۾ اها ڇِڪ ڇو نه محسوس ٿي!؟
    جيڪا اڪثر يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ مونکي ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندي هئي ۽ آئون سونهه جي غلط ڳالهه کي به صحيح چوڻ لڳندو هئس ،
    مونکي تمام گهڻي بيچيني محسوس ٿي رهي هئي دل چاهيو ته اٿي هليو وڃان هڪ پل لاءِ به ويهڻ تي دل نه پي چاهيو.
    مونکي سونهه جي هر ڳالهه مسنوعي لڳي رهي هئي سونهه جي نيڻن ۾ ڪشش نه هئي، هن جا نيڻ منهنجي دل جي دڙڪن جي حرارت کي وڌائي نه رهيا هئا،
    آئون اها تڙپ محسوس نه ڪري رهيو هئس جيڪا هن جي نيڻن کي ڏسڻ کان پوءِ مونکي محسوس ٿيندي هئي، نه ڄاڻ ڇو سونهه کي ڏسڻ به نه پي چاهيو مون .
    سونهه جي آواز ۾ به اهو سر نه هو هر شئي مسنوعي هئي هر ڳالهه دوکو، مختلف نالن ۽ شڪلن ۾ لڪيل ابليس جا انيڪ روپ هئا.
    اٿي بيٺو هئس ته سونهه پڇيو ڪڏهان!؟
    مرڪي جواب ڏنو هئم،
    ڪڏهن ڪڏهن وڃائجي ويل خواب انسان کي تڙپائيندا آهن ۽ انسان ان جي تلاش ۾ نڪري جڏهن حقيقت جي ديوار سان ٽڪرائجي پوندو آهي تڏهن خواب ۽ حقيقت جي وچ ۾ موجود فرق ان انسان کي چٽو نظر ايندو آهي ،
    سونهه جڏهن سُراپ پٺيان ڊوڙڻ کان پوءِ سچ جي سمجهه ٿيندي آهي تڏهن انسان پنهنجي وڃائجي ويل وقت کي ڳولهيندو ناهي پر موجوده وقت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ،آئون ان وقت جي بهتري لاءِ وڃي رهيو آهيان ،
    . هاڻ شايد ڪڏهن پٺيان مڙي ڏسڻ جي خواهش به باقي نه رهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽٽل يادون

    محترم سارنگ سائين سلام

    تمام سهڻي ڪهاڻي، خوبصورت احساسن ۽ خيالن سان ٽمٽار۔ معاشري ۽ ماڻهن جي تبديلي بابت هڪ پُر اثر ڪهاڻي آهي۔ مون صبح کان هن ڪهاڻي کي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر مصروفيت سبب پڙهي ڪونه پي سگهيس۔ لنچ ٽائيم ۾ وقت مليو ته ڪهاڻي پڙهي خوشي ٿي۔

    اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔۔۔ اوهان کي هڪڙو عرض ته سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تفصيلي تعارف ڏيندا ته لک ٿورا ٿيندا۔ اوهان سان سڀني دوستن جي ڄاڻ سڃاڻ به ٿي پوندي۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽٽل يادون

    محترم سارنگ مصطفى کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻي تي ڀليڪار سندس اها ڪهاڻي سندس زباني ڪالهوڪي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي ۾ ٻُڌي چڪو آهيان ، محترم سارنگ منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جو بهترين ڪهاڻيڪار آهي، منهنجي پاڙي جي پاڙيسري پاڙي ۾ رهندو آهي، تمام بهترين شخصيت جو مالڪ آهي، ڪنهن اخبار سان تعلق رکي ٿو، سندس ڪهاڻي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي ساٿ ساٿ کڻي هليو آهي ڪهاڻيءَ جو ڀرپور پلاٽ پڙهي ان ڳالهه ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ ڪونهي ته اسان جي سنڌ سلامت تي هڪڙو بهترين ڪهاڻيڪار اچي ويو آهي۔

    [​IMG]
    سارنگ مصطفى​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽٽل يادون

    سائين نثار ناز مهربانيون جو اوهان هڪ ڀلي ڪهاڻيڪار جو تعارف ڪرايو۔

    کيس ٻيهر ڀليڪار ڪجي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو