ڪوڙ جو ڪاروان ۽ سچ جي منزل

'مقالا' فورم ۾ سارنگ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2012۔

  1. سارنگ

    سارنگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر ( مهاوار ڪنڌي ميگزين)
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    ڪوڙ جو ڪاروان ۽ سچ جي منزل

    سارنگ مصطفى
    عمومي طور تي انساني تاريخ جي هر عهد ۾ طاقتور نظريو حڪمرانن جو ئي رهيو آهي غلامانا دوئور هجي ،جاگيردارنا دئور يا سرمائيدارانا دوئور پر عوام کي صرف حڪمران طبقي جي بهادري ۽ سچائي جا قصا پڙهايا ۽ ٻڌايا ويندا آهن درباري ليکڪن جي مهاڪاريگري سان ڪوري ڪاغذ جي سيني مٿان ڪوڙ جي مهر لڳائي محنت ڪش عوام کي ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو درس ڏنو ويندو آهي ۽ اهيو غمان پڻ ڪرايو ويندو آهي ته تاريخ تي تنقيد جو اختيار ڪنهن کي به ناهي
    نه چاهيندي به توهان کي قبول ئي ڪرڻي پوندي ڇو ته اهيوئي توهان جو مقدر آهي
    اڄ اسان جو پيارو ملڪ خدادادِ پاڪستان جنهن سماجي معاشي ۽ سياسي بحران ۾ مبتلا آهي اهيو بحران ڪو حادثو ناهي پر هڪ مسلسل ڪرپشن جو نتيجو آهي
    پاڪستان جي 63 ساله تاريخ جو مرڪزي ڪارنامو ئي ڪرپشن،دوکو ۽ دولاب رهيو آهي ايمانداري، سچائي ۽ مخلصيءَ سان هن ملڪ جي حڪمرانن يا وري فوجي رهنمائن جو ڪڏهن ڪو تعلق رهيو آهي ۽ نه وري ايندڙ وقت ۾ نظر ٿو اچي .
    گذريل ڪجهه مهينن کان اخبارن جي زينت بڻيل ذوالفقار علي ڀٽي جي موجوده سياسي گادي نشين محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو ور آصف علي زرداري ئي آهي جنهن جي ڪرپشن جي ڪارنامن جو ذڪر ڪرڻ ۾ مختلف ٽي وي اينڪرز خاص طور تي اڙدو زبان جي ڪالم نگارن لاءِ انتحائي اهم ڪم بڻجي چڪو آهي ۽ اهو محسوس پڻ ٿي رهيو آهي ته اهي دوست پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان نڀائي پڻ رهيا آهن .
    جيڪي دوست اليڪٽرانس ميڊيا سان تعلق رکن ٿا اهي جڱي ريت ڄاڻن ٿا ته اينڪرز حضرات پنهنجي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر کان سواءِ ڪنهن به پروگرام کي پهنهنجي مرضيءَ سان پيش نٿا ڪري سگهن انهن جو هر هڪ سوال انهيءَ پروگرام جو حصو هوندو آهي جيڪو اسڪرپٽ انکي پهرين ٻڌايو ۽ سمجهايو ويندو آهي زبان اينڪر جي هوندي آهي پر لفظ ڪنٽرول روم ۾ بيٺل واڳ ڌڻي جا هوندا آهن
    زبان مان لفظ اوچاريندڙ ته پنهنجي معاشي حالاتن کي بهتر ڪرڻ خاطر ڪئميرا اڳيان اها اداڪاري ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي ۽ هن سرمائيدارانا نظام ۾ هر وڪامندڙ جنس جيان پنهنجن لفظن کي وڪڻي عياشيءَ جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي جستجو ۾ مصروف هوندو آهي.
    حقيقت ته اهيا آهي هن بازاري معيشت ۾ هر شيءَ بازار ۾ وڪامندي آهي قانون کان وٺي انساني جسمن جي قيمت لڳندي آهي ، هتي ضمير ،اصول، رشتا ۽ جذبا نيلام ٿيندا آهن ،تعليم ۽ علاج جو به ڪاروبار ٿيندو آهي
    هي ڪرپشن پاڪستان ۾ موجود معاشي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي نظام جي خرابيءَ جو ڪارڻ ناهي پر هن سرمائيدارانا نظام جي ضرورت آهي .
    هڪ اندازي مطابق پاڪستان جي غير سرڪاري يا غير تصديق شده informal) ) معيشت سرڪاري تعين شده ۽ حساب ڪتاب ۾ موجود ( formal) کان ٽي گناه وڌيڪ آهي ٻيئن لفظن ۾ پاڪستان جي مجموعي معيشت ۾ غير سرڪاري يا ڪاري ناڻي جي موجودگي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ آهي ، جنهن ۾ رشوت خوري، بدعنواني، ٺيڪن جي ڪميشن، خردبرد، منشيات جو ڌنڌو ۽ ٻيئن مجرمانا طريقن سان حاصل ڪيل دولت ، وسائل ۽ جائيدادون شامل آهن ، اهيو ڪارو ناڻو دراصل پاڪستان جي معاشي سائيڪل کي هلائيندو ۽ متحرڪ ڪندو رهيو آهي اگر اهيو ڪارو ناڻو ختم ٿي وڃي ته پاڪستان جا معاشي حالات هڪ رات اندر گهرو ويڙهه جو سبب بڻجي سگهن ٿا جيڪا گهرو ويڙهه آخري نتيجن ۾ هن ملڪ جي حڪمران طبقي لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندي ۽ انهيءَ حالات کان هتي جا حڪمران چڱي ريت واقف آهن انهن جو اهيو سوچڻ يا گوڙ ڪرڻ ته بدعنوانيءَ جو خاطمو ڪيو وڃي دوکي ۽ فريب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي
    هن سماجي ۽ رياستي نظام ۾ رهندي اهيو ممڪن ئي ناهي ڇو ته هن سرمائيدار معاشري ۽ رياست ۾ رهندي هن ڪرپشن ۽ لٽ مار جي بقا ئي هن نظام جي بقا ۽ وجود سان جڙيل آهي
    جيستائين هي نظام رهندو تيستائين ڪرپشن ۽ لٽ مار جو سلسلو نه صرف جاري رهندو پر وڌيڪ شدت پڻ اختيار ڪندو رهندو
    هتي جومحنت ڪش عوام جنهن جي زندگي مسلسل عذاب آهي، هر نئو سج هڪ نئي پريشانيءَ جو ڪارڻ آهي.
    رات جو سمهڻ کان پهرين ننڊ جي گوري خريد ڪرڻ جي سگهه نه رکندڙ سموري رات جي لوڇ پوڇ کان پوءِ چند گهڙيون اگر ننڊ جو ذائقو حاصل ڪرڻ جي سعادت ماڻي به وٺي ته صبح جي سج جا پهريان ڪرڻا هڪ نئي عذاب جو سنهيو کڻي حاضر ٿيندا آهن ، محنت ڪش لاءِ ته جيون ڪينسر وارڊ کان به ڀيانڪ بڻجي چڪو آهي.
    هن ملڪ جو 20 سيڪڙو کان به گهٽ عوام اخبار پڙهندو آهي ۽ 40 سيڪڙو کان گهٽ عوام ٽي، وي جهڙي انوکي شيءَ ڏسي سگهندو آهي ٻهراڙي ۾ مشڪل سان ڪو 25 گهرن ۾ هڪ ٽي وي موجود هوندو آهي ۽ اهو به خبرون لاءَ نه بلڪِ فلمن ۽ ڊرامن ڏسڻ تائين محدود ، حالت ته اهيا آهي جو هن ملڪ جا اندازن 30 سيڪڙو ڳوٺ ته بنيادي سهولتن کان ئي محروم آهن مطلب ته انهن وٽ اڃان تائين لائيٽ به اڻ لڀ آهي پر اسان جا اينڪر حضرات ۽ ڪالم نگار جڏهن لکندا ۽ بيان ڪندا آهن ته ڄڻ پوري قوم انهن سان متعفق هوندي آهي
    1967۾ جڏهن پاڪستان جي محنت ڪش عوام حڪمران طبقي کان بغاوت ڪري پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ سموري ملڪ جو ڪار وهنوار بند ڪري هڪ انقلابي ڌارا ۾ شامل ٿي وقت جي طاقتور آمر ايوب خان ۽ سرمائيدارانا نظام خلاف رنگ، نسل، ذات پات کان مٿاهون ٿي ذاتي ملڪيعت جي تصور کي للڪاري رهي هئي ان زماني ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ايوبي آمريت زهر اوڳاڇيندي رهي ، ميڊيا جا حملا،ٽيليوزن کان ريڊيو طرفان خاموش نه ٿيندڙ مسلسل گوڙ هو ، تهمتن ۽ ڪفر جي فتوائن جي انتها هئي سوشل ازم خلاف مولوين کان وٺي لبرل ڊيموڪريٽن جي هڪ واويلا هئي ، حڪمرانن وٽ رياستي طاقت کان وٺي بي پناه مالي وسائل هئا ، فو ج پوليس ۽ جيلون هيون، عدالتن ۽ تمام رياستي جبر جو سامان هو ، ۽ پيپلز پارٽي وٽ انهن جا اسٽيڊي سرڪل هئا جتي مارڪس ۽ لينن جي فلاسافي ۽ دنيا جي مختلف انقلابن تي بحث ڪيو ويندو هو ۽ پاڪستان ۾ هڪ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ جي تياري ۽ طربيت ڏني ويندي هئي ، تڏهن پارٽيءَ ۾ دوکو ،دولاب ،ڪوڙ ۽ ڪرپشن جو نالو نشان به نه هو پر پارٽيءَ وٽ هڪ عظيم مقصد ، هڪ سوشلسٽ انقلاب جي منزل هئي ،
    هڪ اهڙو نظام جيڪو نظام محنت ڪش عوام جي زندگيءَ ۾ غير معمولي تبديليءَ جو ڪارڻ بڻيو ، جيڪا مخصوص تبديلي اڄ ڏينهن تائين محنت ڪش عوام کي پنهنجي روايتي پارٽيءَ کان الڳ ٿيئڻ نٿي ڏي تمام ڪوششن جي باوجود اڄ به محنت ڪش عوام جا خواب انهي پارٽيءَ سان ئي جڙيل آهن ، اهيا الڳ ڳالهه آهي ته اڄ جي هن احد ۾ عوام جي زندگيءَ ۾ اها تبديلي نٿي اچي سگهي ڇوته موجوده پيپلز پارٽي پنهنجي ان بنيادي منشور تان دستبردارٿي چڪي آهي پارٽي جي قيادت هڪ طويل عرصي کان بنيادي سوشلسٽ پروگرام پويان ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ته اهي ذوالفقار علي ڀٽي جي نيشلائيزيشن واري پاليسي جي مذمت ڪرڻ تي لهي آيا آهن انهي جو انجام اسان جي سامهون آهي .
    بک، بدحاليءَ ۽ افلاس جي زندگي گذاريندڙ عوام جي بنيادي مسئلن تان توجا هٽائڻ لاءِ حڪمران طبقي جا سياستدانن واحيات ناٽڪ رچائي رهيا آهن ۽ نان اشوز تي کيڏي رهيا آهن ، ۽ عوام لاءِ انهن سياست کي هڪ بي هودا ۽ نفرت آميز تماشو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عوام جي سياسي بي حسي وڌي رهي آهي پر انهن حڪمران سياستدانن جو اهيوئي قردار محنت ڪش عوام جي لاءِ هڪ متبادل جي جستجو ۽تلاش ۾ به شدت پيدا ڪري رهيو آهي ، ڇوته تمام مسلم ليگون ۽ ٻيون ساڄي پاسي جون پارٽيون ته هن ڪرپشن جي نظام جون علمبردار آهن انهن کي محنت ڪش نه ڪڏهن پنهنجو سمجهو آهي ۽ نه وري ڪڏهن پنهنجو سمجهندا ، اهي ته صرف وچولي طبقي ،تاجرن ،دڪاندارن تائين حمايت رکندڙ آهن ، ميڊيا ۽ سياسي آشرواد جي ڪري مسلط آهن
    هن عهد تمام سياستدانن ،صحافين ۽ دانشورن کي عوام اڳيان ننگو ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان جي هڪ نجي اڙدو چيئنل جي معروف صحافي افتخار احمد جي پروگرام جواب دي ۾ 12 نومبر 2008 تي مها ڏاهي صحافي شاهد مصعود کان انٽرويو ڪيو ۽ 24 نومبر 2008 تي ساڳئي چيئنل جي هڪ ٻئي معروف صحافي ڪامران خان جي پروگرام ۾ شاهد مصعود کي ڪوڙ ڳالهائيندڙ صحافي ثابت ڪيو ويو ڇو ته افتخار کي هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد مصعود چيو هو ته زرداري سان پي ٽي وي جي چيئر مين شب ڇڏڻ لاءِ مون معروف صحافي شاهين صباحي ۽ انصار عباسي سان گڏجي ملاقات ڪئي جڏهن ته ڪامران خان جي پروگرام ۾ انهن ٻنهي حضرات شاهد جي ان ڳالهه کي بي بنياد ۽ غلط چيو ، افتخار جو هڪ ٻيو سوال جيڪو هن ريت هو ته ڪجهه سال اڳ شاهد مصعود طرفان پروگرام” ڊائيلاگ “ ڪيو ويو ان ۾ فارين مان آيل مهمانن جو خرچ ڪنهن برداشت ڪيو؟ جنهن تي شاهد جو چوڻ هو ته انهن پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪيو هو پر ڪامران خان جي رابطي ڪرڻ تي ٻه واشنگٽن ۽ هڪ ڪراچي جي پارٽي سپيٽ ڪندڙن جو اهيو چوڻ هو ته اسان کي دعوت نامه به شاهد مصعود ڏنا هئا ۽ ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن سميت جهاز جا ٽڪيٽ پڻ شاهد مصعود طرفان ئي مليا هئا
    ايڏو وڏو ڪوڙ آخر ڇو ؟ ۽ ڇالاءِ
    ڇا شاهد مصعود کان پڇاڻو نه ٿيئڻ گهرجي ته آخر توکي پيسه ڪير ٿو ڏي جو تون لکين رپيا ٿو خرچ ڪرين ۽ ڪوڙ به ٿو ڳالهائين ، آئون ڄاڻان ٿو ته 12 نومبر ۽ 24 نومبر 2008 جو اهو پروگرام اسان جي عوام کي ياد نه هوندو ڇو ته سياستدانن جيان اسان جا صحافي به اهيوئي سمجھندا آهن ته عوام کي ته هر ڳالهه وسري ويندي آهي ، عوام ته پريشاني ،بدحالي ۽ بک ۾ سواءِ مانيءُ جي ڳڀي کان ٻيو ڪجهه به ياد ناهي رکي سگهندو اهيوئي ڪارڻ آهي جو انسان جي هر عهد ۾ طاقتور نظريو حڪمرانن جو ئي رهيو آهي پر تاريخ مان اهيو به ثبوت ملي ٿو ته محنت ڪش عوام هميشه اگهور ننڊ ۾ ناهي رهندو ۽ هيئنر به نه رهندو ڪو انقلابي فيض جو گيت جهونگاري عوام کي بيدار ضرور ڪندو
    بول، بول، بول ڪي لب آزاد هين تيري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوڙ جو ڪاروان ۽ سچ جي منزل

    مهربانيون سارنگ سائين

    هن ملڪ جو نظام ئي اهڙو آهي ۽ هن وقت صحافين خاص ڪري اردو ميڊيا جي اينڪر پرسن جي ته ٻيگهي متل آهي۔ هنن وٽ نه ته ڪي صحافتي قدر باقي بچيا آهن نه ئي وري سماجي قدرن جي ڪا رتي بچي آهي۔ جيوڪو جيڏو گهڻو ڪوڙ ٺاهي ۽ حڪومت خلاف ڳالهائي اهو ايڏو وڏو اينڪر پرسن ٿو سڏائي۔ بلڪل گهٽ ڪي صحافي وڃي بچيا آهن جيڪي حق سچ جو آواز پيا اٿارين۔

    اوهان خوبصورت طريقي سان سچائي کي سامهون آندو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو