سريل يعني سرينهن

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2012۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    سريل ،سرينهن
    [/JUSTIFY]
    عربي سلطان الاشجار
    فارسي درخت زڪريا
    اردو هندي :سرس
    مرهٽي چچوا چي چولا
    گجراتي: شريش، شرشرو
    تامل واگھي،
    بنگالي سريش
    سنسڪرت : ڪيسينا سوڪا پشپا
    انگريزي Sirs tree Esttern Indian walnut
    لاطيني Albezia labbek
    خاندان Leguminosae
    تاريخ
    هي مشهور وڻ آهي جنهن کي هر ماڻهو سڃاڻي ٿو هي 13 ميٽر کان 70 ميٽر تائين ڊگھو ٿئي ٿو هن جو ڇوڏو منو سينٽي ميٽر ٿلهو ٿئي ٿو ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو . اسان وٽ هن جا ٻه قسم ٿين ٿا هڪ جا ٻج خاڪي ته ٻي جا ٻج ڪارا ٿيندا آهن. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو قسم به ٿيندو آهي جيڪو يورپ ۾ ٿيندو آهي پر فائدن ۾ ڪوخاص فرق نه هوندو آهي ان ڪري هن جي قسمن جي فائدن تي ڪو گھڻو اثر نه آهي عجيب ڳالهه هي آهي ته لاڙ ۾ هن کي سريل چونداآهن پر اتر ۾ وري هن کي سرينهه چوندا آهن. قرابادين لطيفي ۾ هڪ نسخو ڏنو هوم جنهن جو اهم جز سريل جا ٻج هئا سنڌ جي اتر واري پاسي کان سوالن جي وٺ وٺان ٿي ته سريل ڪهڙي بلا آهي. ايستائين جو سائين حڪيم غلام رسول لاکو صاحب چوڻ لڳو ته مون کي اتي سرينهه جو ٻج لکڻ کپي ها جيئن آئون لاڙ جو ماڻهو هوس سو مونکي پاڻ اها خبر ئي نه هئي ته ڪو سريل کي سرينهه به چيو وڃي ٿو.بهرحال هينئر جڏهن ٻوٽين تي ڪم ڪري رهيو آهيان ته خبر پئي آهي ته بلوچستان ۾ ته مرڳو هر ضلعي يا هر سرداري ۾ هر شئي جا جدا جدا نالا آهن. ايستائين جو بلوچستان ۾ هڪ ئي ٻوٽي جا نالا ڏهن تائين به وڃي پڄندا آهن انهيءَ ڪري اها ڳالهه ذهن تي رکڻ گھرجي ته ڪٿي ڪٿي مختلف نالا هوندا آهن
    مزاج:گرم خشڪ، گھڻو ڪري هن کي سرد خشڪ سمجھيو وڃي ٿو. پر سندس فائدن کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن جو مزاج سرد هجي ها ته خنازير ۾ هي فائدو نه ڪري ها .هاڻ اها تحقيق ٿي چڪي آهي ته مائيڪو بيڪٽريم جراثيم گرم دوائن سان ئي ختم ٿئي ٿو. ان ڪري منهنجي نظر ۾ هن جو مزاج گرم خشڪ آهي.
    مقدارو خوراڪ : پن 10 گرام، ڇوڏو 5کان 6گرام پاڙ هڪ کان 3 گرام
    فائدا:هي مصفي خون آهي مغلظ۽ ماده منويه کي گھاٽو ڪري ٿو.اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي خاص ڪري شب ڪوري ۽ نظر جي گھٽتائي ۾ ڪارآمد آهي هن جي ڇوڏي جي ڪاڙهي ۾ گرڙيون ڪرڻ سان مهارن ۽ ڏندن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو.هن جاپن کائڻ سان شب ڪوري ختم ٿي وڃي.مصفى خون هئڻ ڪري چمڙي جي بيمارين۾ مفيد آهي ويد جذام ۾ به ڏيندا آهن هن جي ڇوڏي جو ڪاڙهو پيڻ سان ورم زائل ٿي وڃي ٿو.جيڪڏهن هن جو گل سونگھيو وڃي ته درد شقيقه ۾ مفيد آهي هن جا ٻج خنازير ۾ انتهائي مفيد آهن انهيءَ حساب سان هي ٽي بي ۾ به ڪارگر ٿي سگھي ٿي هن جي پنن کي کائڻ سان شب ڪوري ۾ فائدو ٿي وڃي ٿوهن جي پنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ان سا گرڙيون ڪرڻ سان مهارن جو سور ۽ سوڄ ختم ٿي وڃي ٿوپراڻي زماني ۾ ويد هن کي جذام ۾ استعمال ڪندا هئا منهنجي خيال ۾ انهيءَ تي مڪمل پروسو نٿو ڪري سگھجي پر جديد تحقيق ۽ حڪيمن جي تحقيق مطابق هي خنازير ۾ اڪسير آهي انهيءَ حوالي سان هن جو جذام يعني ڪوڙه ۾ مفيد هجڻ جو شڪ ڪري سگھجي ٿو اهو انهيءَ ڪري ته خنازير جا جراثيم ۽ ڪوڙه جا جراثيم هڪئي خاندان جا آهن انهيءَ حساب سان سريل هڪ اهم مصفى خون دوا آهي انهيءَ ڪري خارش پراڻن ڦٽ ڦروڙين ۾ مفيد آهي. هي فالج لقوو استرخا ۽ خدر ۾ انتهائي مفيد آهي هن جي سڀني جزن جو ٽي آتشو عرق ڪڍي پيارڻ سان دماغي بيمارين ۾ ڪارآمدآهي ۽ ٻارن جي خارش ۽ زخمن ۾ به هن جا فائدا مشاهدي ۾ آيا آهن هي هرحال ۾ انساني بدن جي ورمن جي مفيد دوا آهي هن جاپن گھوٽي اکين جي سور ۾ ليپ ڪرڻ سان فائدو ٿي وڃي ٿو اهومشاهدو ويدن جو آهي هن جا ٻج به دوائن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن انهن جا فائدا به لڳ ڀڳ ساڳيا هونداآهن پر اهي ٻج جريان سرعت انزال ۾ به استعمال ڪيا وينداآهن باقي خنازير ۾ ٻج جو ڪردار اهم آهي هن جي ٻجن کي سنهو پيهي ناس ڪرڻ سان مٿي جو ۽ دردشَقيقه ۾ فائدو ٿي وڃي ٿوانهيءَ کان علاوه حڪيم عبالوحيد سليماني هڪ شگر جي نسخي جي انتهائي تعريف ڪئي ته ان سان نه صرف شگر گھٽ ٿئي ٿي پر مرض ختم ٿي وڃي ٿو ان جو جز به سريل جو ٻج هو. مون اهو ڪافي مريضن تي استعمال ڪرايو پر ڪو خاص فائدو نه ٿيو ڪنهن ڪنهن کي عارضي سٺو فائدو ٿئي ٿو انهيءَ کان علاوه ٻج خوني بواسير ۾ به ٻج ستعمال ڪيا ويندا آهن.حڪيم علي محمد موريجو جو چاچو ڪينسر جي عرق ۾ هن جا گل وجھندو هو جديد سائنسي ريسرچ ۾ سريل ڪينسر جي بعض قسمن ۾ انتهائي مفيد آهي
    جديد سائنسي ريسرچ
    هي دافع تعفن ، بيڪٽرا جي خلاف مؤثر آهي . هي اينٽي الرجڪ به آهي دستن ۾ مفيد هجڻ سان گڏ کنگهه ۾ مفيد آهي ۽ ان جا ٻج بواسير ۾ مفيد آهن پاڙ هيمي ڪرينيا ۾ گل کنگھ ساه جي نالين جي ورم کا علاوه تنفسي ايسنو فيليا ۽ دمه ۾ مفيد آهي هن جون ڦرهيون اينٽي پروٽوزول آهن آيورويدڪ جي جديد تحقيق جي ڪري هن مان نزلي درد شقيقه جو دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون
    ڪيميائي جز
    هن وڻ جي جزن جي جڏهن اناليسس ڪئي وئي ته هن ۾ ڪافي فلوونائڊ لڌا ويا جيڪي ٽرائيٽرپينائڊ ،سيپونين،اوليئونولڪ ايسڊ البيجينڪ ايسڊ،البي جينين۽ اڪيسڪ ايسڊ سندس ٿڙ ۾ 7_8 ڪنڊينسڊٽينن،۽ پڻ ڊي ڪيٽيچن۽ ڊي ليڪوسائينيڊن، آهن
    هن جي کل جي ڪاڙهي سان هسٽامن گھٽجي وڃي ٿو،۽ سورن ۾ساه جي نالين کي ويڪرو ڪري ٿو،هن جي الڪوحلڪ ايڪسٽريٽ ۾ ڪارڊينولائيڊ گلائيڪو سائڊهوندو آهي جنهن جا فائدا ڊجاڪسين جھڙا هوندا آهن.هي چمڙي جي بيمارين ۾ به جراثيمن جي خلاف مؤثر آهي.اينٿاڪوئينون گلائيڪوسائڊ بيڪٽريا جي خلاف ڪم ڪن ٿا.ٻجن مان نڪتل سيپونين منيءَ جي جراثيمن جي فعاليت ۾50 سيڪڙو اضافو ڪن ٿا .جڏهن ته سندس ڦرهين جي رب سان صرف 2 سيڪڙو اضافو ٿيو .
    انهيءَ سان گڏ سائنسدانن هن جي قسمن تي به ريسرچ ڪئي ته سنڌ جي سريل ۽ٻين قسمن ۾ فائدي جي لحاظ سان ڪو فرق نه هو
    مفرد علاج
    1 اڌرنگ ، لقوي ۾ هن جو ڇوڏو ڇانو ۾ خشڪ ڪري سفوف ٺاهيو هڪ گرام سفوف 50 گرام مکڻ ۾ ملائي کارايو ڪجھ ڏينهن کارائڻ سان ڪافي فائدو ٿي وڃي ٿو
    2 بواسير سريل جي ٻجن کي پيهي سفوف ٺاهيو هر روز صبح و شام 500 سئو ملي گرام کائڻ سان بواسير جو رت بند ٿي وڃي ٿو
    3 سريل جي ٻجن جو سفوف 2 گرام صبح و شام کائڻ سان چند ڏينهن ۾ بواسير جو رت بند ٿي وڃي ٿو
    4 سريل جي ٻجن جو سفوف ٺاهي 2 گرام صبح و شام پاڻيءَ سان پيارڻ سان جريان احتلام ۽ سرعت انزال ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو
    5 خنازير ۾ هن جا ڇوڏا ٻج پن سڀئي بالخاصه مفيد آهن
    6 هن جي گلن کي سڪائي برابر کند ملائي پيارڻ سان احتلام ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو
    هڪ حصو سريل جا ٻج ٻه حصا ماکي ۾ ملائي هفتو کن زمين ۾ دفن ڪري هفتي کان پوءِ 10 گرام روزانو کائڻ سان خنازير ۾ مفيد آهي هي دوا بدبودار هوندي آهي ان جو خيال نه ڪجي
    مجربات
    سريل جي ٻجن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي رات جو رکي صبح جو پتال جنتر جي ذريعي تيل ڪڍي سنڀالي رکو.
    فائدا
    هي تيل بواسير ۾ انتهائي مفيد آهي روزانو ڪاڪوس ڪرڻ کان پوءِ موڪن تي لڳائجي چند ڏينهن ۾ موڪا خشڪ ٿي ويندا 3 کان 7 قطرا روغن ٻڪري جي کير جي لسي ۾ کارائڻ سان پرميل ۾ فائدو ٿي ويندو
    مرڪبات حب بواسير جديد ذيابيطس ڪيپسول.معجون سرس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو