• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

My Collection

WASEEM

سينيئر رڪن
شاعر راشد جاگيراڻي

درد دل جي دوا ٿو گهران
بيوفا کان وفا ٿو گهران

تو ڏي سرهاڻ ٿي مان اچان
ٿورڙي بس هوا ٿو گهران

قيد ڪر پنهنجي نيڻن ۾ تون
هر گهڙي هيءَ سزا ٿو گهران

ڪيڏو آهيان چريو پياس کان
برسندڙ ڪا گهٽا ٿو گهران

مون تي برسڻ لڳن ٿا پٿر
جي گلن جي دعا ٿو گهران

تو ڪئي پيار جي انتها
مان وري ابتدا ٿو گهران

لڙڪ بڻجي پيا لفظ هِنِ!
مان اکين سان دعا ٿو گهران

زندگي اُسَ جو آهي سفر
ڇانو ٿي ڪاردا ٿو گهران

جي ڪرڻ پيار آهي خطا
پوءِ ما اهڙي خطا ٿو گهران

مان ڪري توکي سڏڙا ٿڪس
موٽ ۾ ڪا صدا ٿو گهران

ناهي "راشد" ڪا ٻي آرزو
ٿيڻ توتي فدا ٿو گهران۔
 
جواب: My Collection

ادا وسيم اسلام عليڪم۔توهان جي سليڪشن جيڪا محترم راشد جاگيراڻي جي خوبصورت احساسن تي مبني شاعري تي مشتمل آهي کي پڙهي اسان کي ڏاڍو لطف آيو۔هٺين لائينن جي ته جيڏي به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔

مون تي برسڻ لڳن ٿا پٿر
جي گلن جي دعا ٿو گهران

تواهان جون مهربانيون جو هڪ بهترين شاعري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو۔
 
Back
Top