• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرينء جي نانء

سنڌي نور

سينيئر رڪن

پرين کي چيم اڄ پيار ڪندڙن جو ڏهاڙو آهي
تون مونکي وش نـ ڪندين؟
چيائين چري تون تـ صفا نادان آهين
محبت اهڙو احساس آهي،
جيڪو بنا سوچڻ سمجھڻ جي
ڏينهن ، وقت مهل ۽ ڪنهن عمر جو
محتاج نٿو هجي،
پيار ۾ تـ پنهنجي هڪ ڪشش ٿئي ٿي،
۽ اهي هڪٻئي سان نـ ٽٽڻ وارن احساسن
سان جڙيل رهن ٿا.
جيئن گل کان سندس خوشبوءِ ڪڏهن ڌار نٿي ٿي سگھي..
ڪوھ ميلن جا پنڌ ڪري بـ ندي پنهنجي
محبوب سمنڊ سان وڃي ملي ٿي.
جيئن سج ايترو پري رهي بـ
پنهنجي معشوق ڌرتيءَ تي پنهنجو چاھ ۽ تاءُ
برقرار رکيو پيو اچي
۽ جيئن مٽي ۽ پاڻيءَ جي ميلاپ جي سڳند ڪڏهن بـ ناهي گھٽڻي
تيئن ئي پيار ڪرڻ وارن جا احساس ڪڏهن بـ گھٽ ناهن ٿيڻا
پيار جا احساس ڪنهن وقت جا غلام نـ آهن هوندا
تيئن ئي چاهت، پريت، محبت، هن دنيا جي رهڻ
هلڻو آهي...
سنڌي نور
 
جواب: پرينء جي نانء

واه ڇا ته سوچ آهي۔۔۔ بهترين خيال ۽ انهن جو اظهار۔۔۔
توهان صحيح چيو ۔۔۔ محبت جو ڪو پئمانو نه ٿيندو آهي۔۔ جي سمجهجي ته سمنڊ پر سوچجي ته سمنڊ کان به گهري۔۔ سمنڊ جو ڪو ڪنارو ته هوندو پر محبت جو ڪو ڪنارو نه آهي۔۔۔ انسان رهي نه رهي پر محبت هئي ۔۔۔۔۔۔ محبت آهي ۽ محبت رهڻي آهي۔۔۔۔
 
جواب: پرينء جي نانء

هي انسان به الاء ڪهڙي بلا آهي جي خوشي جي ڏينهن ڀلي سڃي دنيا وش ڪري پر جي پرين وش نه ڪري ته ائين لڳندو آهي ته ڪا خوشي اڌوري آهي زندگي اڌوري آهي پر جي پرين وش ڪري ۽ اسان سان گڏ اسا ن جي خوشين ۾ شريڪ هجي ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسان ڪاينات جو پيار پاتو هجي ۽ مون کي ڪنهن شاعر جون ڪجه سٽون ٿيون ياد اچن ته ها مان تهنجي بنا ڪجه به ته ناهيان تون جي گڏ گڏ هجين پوء مان آهيان محبت ۽ عاشقن جي عالمي ڏهاڙي تي اوهان جون محبت ۽ عشق سان ڀريل هي سٽون جن جي هر هڪ سٽ ۾ پيار محبت اڪير ۽ عشق جا موتي لڳل آهين يقينن اسان کي جهومائڻ لاء ڪافي آهين شال جڙيا هجو تمام بهترين ڪوشش
 
جواب: پرينء جي نانء

محترم سنڌي نور صاحب،بهترين احساسن تي مشتمل شاعري جنهن ۾ تواهان اهو پيغام ڏنو آهي ته محبت جو خاص ٽائيم نه هوندو آهي،اها ته دل جي نازڪ ڪفيت هوندي آهي ڪيڏي مهل به ظاهر ٿئي سگهي ٿي کي پڙهي سچ ته اسان کي ڏاڍو لطف آيو ۽ اسان جي دل ۾ جڳه ٺاهي۔توهان جي شاعري جا هي بيت اسان کي تمام گهڻا پسند آيا۔

۽ جيئن مٽي ۽ پاڻيءَ جي ميلاپ جي سڳند ڪڏهن بـ ناهي گھٽڻي
تيئن ئي پيار ڪرڻ وارن جا احساس ڪڏهن بـ گھٽ ناهن ٿيڻا
پيار جا احساس ڪنهن وقت جا غلام نـ آهن هوندا
تيئن ئي چاهت، پريت، محبت، هن دنيا جي رهڻ
هلڻو آهي...

مهرباني ڪري ان فڪر کي جاري رکندا۔آلله پاڪ هميشه اوهان کي خوش رکي۔
 
جواب: پرينء جي نانء

ڀيڻ نور صاحبه سلام

اوهان جي من جا احساس پڙهيم جن کي اوهان خوبصورت لفظن ۾ پيش ڪيو آهي۔ محبت ۽ نفرت ٻئي اهڙا احساس آهن جن کي نه ته ماپي سگهجي ٿو نه وري انهن جي ڪا انتها ٿيندي آهي۔ جيتوڻيڪ محبت ۽ پيار جا پل ڪنهن هڪ ڏينهن تي مخصوص نه ٿا ڪري سگهجن پر پوء به محبت جو ڏهاڙو هڪ سيمبول طور ملهايو ويندو آهي۔

تمام سهڻا احساس ۽ جذبا جن کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ ڇو ته مان نه ته شاعر آهيان ۽ نه وري ڪو اديب تنهنڪري مونکي اهڙا لفظ ۽ اظهار ڪرڻ ڪونه ٿو اچي جهڙي اوهان شاعري هن نظم ۾ پيش ڪئي آهي۔
 
جواب: پرينء جي نانء

تون تـ صفا نادان آهين
محبت اهڙو احساس آهي،
جيڪو بنا سوچڻ سمجھڻ جي
ڏينهن ، وقت مهل ۽ ڪنهن عمر جو
محتاج نٿو هجي،
"""""""""""""""""""""""""

واھ واھ ڇا ته خيال آهن انتهائي سهڻا لفظ بهترين محبت کي ڀيٽا۔۔۔ واھ زبردست """ نور
 
جواب: پرينء جي نانء

پيار جا احساس ڪنهن وقت جا غلام نـ آهن هوندا
تيئن ئي چاهت، پريت، محبت، هن دنيا جي رهڻ
هلڻو آهي...
ادي تمام خوبصورت احساس
 
جواب: پرينء جي نانء

مهرباني سڀني جي جو منهنجو نظم پسند ڪيو
هڪ ننڍڙي ڳالھ ته ادا عرفان جو ڪمينٽ مونکي ڏکيو لڳو،

واھ واھ ڇا ته خيال آهن انتهائي سهڻا لفظ بهترين محبت کي ڀيٽا۔۔۔ واھ زبردست """ نور
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

منهنجي خيال ۾ عرفان منهنجو ننڍو ڀاء آهي هن جو صرف نور لکڻ مونکي سٺو نه لڳو

باقي ادا عاشق سولنگي، ڀاء سليمان وساڻ، ڀاء جاويد نواز، ڀاء واحد سومرو،۽ ٻين سڀني جا لک ٿورا منهنجي نظم پسند ڪرڻ لاء
 
جواب: پرينء جي نانء

ادي اوهان منهنجي ڪمينٽ جو غلط مطلب نه وٺو " نور" مان شاعر جو نالو لکيو آھي، اوهان ان کي غلط محسوس نه ڪيو۔
 
Back
Top