[/CENTER][/IMG] اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ناوڪ نگاهُن جا سڌا سامهون هڻي، دل جا ڌڻي. ڪهڙي سبب ڪاتي مُڏي سان ٿو پرين ڀاڱا ڪرين، واضح ڪري چئو ڳالهه ٿئي ڪهڙي ڳڻِي، دل جا ڌڻي. اي جانِ من جنهن ڏينهن توسان اک اڙي ۽ دل جڙي، اُن ڏينهن کان پوءِ چيز ڪا ناهي وڻي، دل جا ڌڻي. والله مان سچ ٿو چوان، هاڻي جدا ٿيندي نه سا، جا اک سان ٻکجي آ وئي اک جي اڻِي، دل جا ڌڻي. کائڻ، پيئڻ، مرڪڻ، کِلڻ ۽ زندگي جي هر خوشي، سڀ ڪجهه لُٽي وئين ديد سان ڌاڙو هڻِي، دل جا ڌڻي. تيئن تيئن ڪري ٿو قيد ۾ قابو ڪڙي، جانب جڙي، جيئن جيئن سنوارين وار ٿو ڏئي ڦڻي، دل جا ڌڻي. مجبور هن ”مدهوش“ سان ٿي بي حَذر ليکا نه ڪر، ڇاڪاڻ جو آهي سندءِ پيرن پڻِي، دل جا ڌڻي. مدهوش
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ ابا عرس رحم ڪر بابلا، ڇو ٿو پرديس ۾ تڙپائين، سعودي جا قانون به ڏکيا آهن ۔۔۔ الامان ۔۔۔ مدهوش جي شاعري ته پنهنجي جا تي واه واه اصل هڻ کڻ پر اوهان ته مايون اهڙيون هنيون آهن جو هو مٿو ، ٻيا دوست ته هڪ اڌ مائي جي تصوير لڳائيندا آهن پر اوهان ته اصل ڌڻ مائين جو لڳايو آهي ۔۔۔ هل ته صحي، عرس ايترو عاشق مذاج ۔۔۔!!!! رحم ،،، رحم
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ سائين شاعري ئي مدهوش جي اهڙي آهي جو ڌڻ هڻجي ته به گهٽ آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ ادا عرس پريو اسلام عليڪم۔هڪ ته محترم مدهوش جي شاعري واري مٿان توهان جي ڊيزائن ڪيل ،جنهن ۾ عورتن جي ناز نخري واري انداز،اصلي مڏي ڪاتي سان ڪهڻ جهڙو ڪري ڇڏيو،ادا مدهوش صاحب جي شاعري جي محور ته ڌاڙن جي ڀرمار ڪري ڇڏي آهي توهان پاڻ ڏسو: کائڻ، پيئڻ، مرڪڻ، کِلڻ ۽ زندگي جي هر خوشي، سڀ ڪجهه لُٽي وئين ديد سان ڌاڙو هڻِي، دل جا ڌڻي. اسان جي قانون ۾ هن قسم جي ڌاڙن لاء ڪا سزا نه رکي ويئي صرف افسوس ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪجه نه ٿو چئي سگهجي۔ماشالله ان شوق کي جاري رکندا۔
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ لڳي ٿو عرس کي ڊيزائين سيکاري غلطي ڪيم۔۔۔۔ جي اهڙي ڊيزائين ٿئي ته پوءِ واقعي بس آهي۔۔ ادا منهنجا ڊيزائين اهڙي نموني ڪيو جو اکر ڏسڻ ۾ چٽا ۽ پڙهڻ ۾ صاف اچن۔۔۔ ۽ شاعري جو عڪس پس منظر ۾ ڌنڌلو نظر اچي ۔۔ جنهن سان شاعر جا مدهوشي ۾ چيل لفظ هوش وارن کي سمجهه اچن۔۔۔ بحرحال اميد ته هن خوبصورت شاعري کي ڪو بهتر رنگ ڏئي هن ئي موضوع ۾ ٻيهر ونڊ ڪري مون کان به واهه واهه حاصل ڪندا۔۔۔ لک لائق
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ واهه ۔۔۔ تمام سهڻي چونڊ ۽ سهڻي تصوير سان گڏ دلڪش ڊزائن عرس به مدهوش لڳو پيو آهي، مدهوش جي شاعري ۾
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ تمام سٺي شاعري آهي مدهوش پر ان سان گڏ ڊزائين به سٺي آهي۔
جواب: اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي، ۔۔۔۔ دل جي تندن کي تپائڻ لاءََِ تمام سٺو ۽ سستو طريقو موڪليو اٿو۔