• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت موضوعن کي تفصيلي پڙهڻ لاءِ محفوظ رکو ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ دفعي منهنجو سائين رحيم بخش جن ڏانهن وڃڻ ٿيو ۔۔ جتي سائين جن وٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر سان گڏ گوگل ڪروم ته انسٽال هيو ئي پر اوپيرا برائوزر پڻ انسٽال هيو۔۔ سائين جن ٻڌايو ته جلدي ۾ نماز تي وڃڻ لاءِ يا وري ڪمپيوٽر کي بند ڪندي سنڌ سلامت جا ڪافي موضوع يا اهي موضوع جيڪي ڊگها ٿين جن کي تفصيل سان پڙهڻو ۽ جواب ڏيڻ مناسب خيال ڪندا آهن ته انهن کي اوپيرا برائوزر ٽيب ۾ کليل رکندا آهن۔۔ (ياد رهي ته اوپيرا برائوزر کي ٻيهر کولڻ سان اڳ جا بند نه ڪيل ٽيب پاڻمرادو کلي ويندا آهن۔۔) ۔۔ مون کين چيو ته اهو ڪو پائدار حل ته ناهي ۔۔۔ ائين ڪرڻ سان ڪئي دفعا برائوزر پراڻا ٽيب نه کولي سگهندو آهي۔۔۔
خير ٿوري ڳولا سان مون کي اهڙو ٽول ملي ئي ويو جيڪو مختلف کليل ٽيبس کي برائوزر ۾ ئي محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي۔۔۔ اهو به بهتر طريقي سان ۔۔
جي ها دوستو جيڪڏهن جلدي ۾ ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻو پوي، بجلي هلي وڃي يا وري سنڌ سلامت جي ڪجهه موضوعن کي بعد ۾ تفصيل سان پڙهڻ چاهيندا هجو۔۔۔ ته يقينن توهان کي پريشاني ٿيندي هوندي ان جو سبب سنڌ سلامت جو مسلسل اپڊيٽ ٿيڻ آهي جو ان سان ڪافي موضوع پڙهڻ کان گسي وڃن ٿا ۽ انهن کي ٻيهر ڳولڻ توهان لاءِ ڏکيو عمل هجي۔۔ پر اهو ڪم آ توهان لاءِ آسان ڪرڻ آيو آهيان۔۔۔ هاڻي اهڙن موضوعن کي توهان برائوزر ۾ ئي محفوظ رکي سگهو ٿا۔۔ ۽ بعد ۾ فرصت ۾ کولي پڙهي سگهو ٿا۔۔
سيشن مينيجر Session Manager نالي هن ٽول جو ڪم ئي اهڙو آهي جو توهان جي برائوزر ۾ جيترا به ٽيب کليل هجن انهن کي ياد رکي ۽ بس هڪ ڪلڪ سان تڪڙو کولي سامهون رکي۔۔۔
اهڙي طرح توهان کان سنڌ سلامت جا سمورا موضوع هاڻي نظر کان گُسي نه سگهندا ۔۔ جو توهان هن ٽول کي استعمال ڪندي کين سولائي سان محفوظ به رکي سگهو ٿا ۽ ڪنهن به وقت انهن کي ٻيهر کولي سگهو ٿا۔۔۔

يقينن هي هڪ ڪارآمد عمل آهي۔۔ ان ڪري هر دوست کي پنهنجي برائوزر ۾ انسٽال ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔

chrome_extension_10.jpg

گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري هن ٽول جو ايڪسٽينشن انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔

61156.png

فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري هن ٽول جو ايڊون ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔

iesm_image_90b.png

اٽرنيٽ ايڪسپلورر استعمال ڪندڙ هن جو ورجن هتان ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔

screenshot_1.2-0.png

سفاري برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري هن ٽول جو ايڪسٽينشن انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔

operatabs4.png

جڏهن ته اوپيرا برائوزر ۾ بلٽ ان اهو فنڪشن موجود آهي۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت موضوعن کي تفصيلي پڙهڻ لاءِ محفوظ رکو ۔۔۔

ماشاءَ الله سائين اهو تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو، لک لائق، مون انسٽال ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت موضوعن کي تفصيلي پڙهڻ لاءِ محفوظ رکو ۔۔۔

ابا واهه جو ڪم ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄڪلهه اسان واري گوگل ڪروم کي به ڪا بيماري لڳي آهي جو هر هر ڪرش جو ارر ڏئي بند ٿي وڃي ٿو۔

خير هي ڪم سولو ٿي ويو جو هاڻي سنڌ سلامت سان گڏ فسبوڪ جا نوٽيفڪيشن به هڪ ئي وقت مختلف ٽيبس ۾ کولي انهن تي ڪمينٽ ڪندو آهيان۔ هاڻي جي نيٽ بند ٿيو يا ڪروم ڪرش ٿيو ته ڪم سولو ٿي ويندو۔
 
جواب: سنڌ سلامت موضوعن کي تفصيلي پڙهڻ لاءِ محفوظ رکو ۔۔۔

جيڪڏهن توهان فائر فاڪس برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو ته هن وڊيو کي ڏسو جيڪا يقينن مددگار هوندي۔۔

 
Back
Top