• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏس دوست منهنجا تون ڇا ٿو ڪرين۔۔۔

مست

سينيئر رڪن
شايد هي شاعري مون سنڌ سلامت تي اڳ ۾ به مون موڪلي هئي۔۔۔
مارچ 2011ع تي لکيل هن شاعري ۾ گذريل سال سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪم ڪرڻ دوران منهنجي اکين جيڪو ڏٺو، مشاهدو ڪيو، دماغ جيڪو سوچيو، ان کي مون تڏهن هنن لفظن ۾ سرجيندي سنڌي قوم کي خبردار ڪيو هو، سنڌورسٽيءَ جي شاگردن کي خبردار ڪيو هو. پر طاقت جي نشي ۾ چور اسان جي سنڌي ڪامريڊن ڳالهه نه سمجهي، هر سيمسٽر ۾ ڪنهن شاگرد جي مارجڻ کان پوءِ وري پروفيسر بشير چنڙ جهڙي ارڏي پروفيسر کي ڪنهن قاتل پنهنجي گوليءَ جو نشانو بڻايو... هاڻي نتيجو اهو آهي جو 50 ڏينهن کان اسان جي پياري مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ، سنڌي حڪومت جي ڏاڍ، استادن جي ضد ۽ اسان سڀني جي لاپرواهي سبب بند پئي آهي. ڪاش اسان جا سنڌي شاگرد هٿيارن جي بدران قلم کي پنهنجي طاقت سمجهي وهائين ها ته هي ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها۔۔۔۔

.
flw01i.jpg
 
جواب: ڏس دوست منهنجا تون ڇا ٿو ڪرين۔۔۔

اسان پڻ هن پهرين سنڌي پليٽ فارم سنڌ سلامت تان سڀني وس وارن کي به اپيل ڪريون ٿا ته خدارا مادرِ علمي بچايو، سنڌ بچايو، سنڌي بچايو۔
 
Back
Top