21 فيبروري
مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن
---------------------------------
مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي اچو ته پنهنجي امڙ جي ٻوليء لاء خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪيون۔
اڄوڪي ڏينهن سماجي ميڊيا تي شاعري ۽ نثر ذريعي مادري ٻوليء جي ترقي ۽ محبت جو اظهار پنهنجي پيغام ذريعي ڪيون۔
اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي امڙ جي ٻوليء جي ترقي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسون۔
اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين ۽ ان ڪتاب تي پنهنجي راء ڏينداسون۔
اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي ماء جي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين۔
اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان چيٽ روم ۾ ۽ ايس ايم ايس ۾ سنڌي ميسيج لکنداسون۔