سنڌ يونيورسٽي سميت سموري سنڌ جون يونيورسٽيون هڪ مهينه کان به وڌيڪ عرصي تائين بند پيل آهن، پر ڪنهن تي ڪو به اتر نه پيو پوي. چوندا آهن ته جنهن قوم کي برباد ڪرڻو هوندو آ، ان قوم کي تعليم جهڙِي زيور کان محروم ڪيو ويندو آ، اسان سان به شايد ڪجه ائين پيو ٿئي ، صرف هڪ شخص جي ڪري هزارين شاگردن کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. اسان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لا ڪوششون جلسا جلوس ڪيون ٿا، پر اسان کي اها ڳاله سمجھڻ کپي ته جنهن قوم وٽ علم نه آهي اها قوم تباه آهي ، اسان کي پهريان پنهنجي ٻولي کي بچائڻو پوندو پوء ته قومي ٻولي ٿيندي، ۽ ٻولي علم کان سواءُ بچائڻ ناممڪن آهي .
جواب: بند يونيورسٽي هي ٻيو دفعو موقعو مليو آهي اسان جي قومپرست پارٽين کي ته هو پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪن۔(سنڌ ۾ ِآيل مها ٻوڏ ۾ سندن لا پرواهي ڪنهن کان به ڳهُجهي ناهي ۽ هاڻي تعليمي ادار بند آهن۔) ڇو ته هنن جي ڪري سدائين يونيورسٽي بند ٿيندي رهي پر هنن پاڻ تي ڏوهه نه آندو نه آڻڻ ڏنو۔ اسان جا ڪجهه ساڃاهه وند دوست سندن اڃان به حمايتي آهن۔ پر منهنجي ذاتي ايپروچ فقط سندن نظرئي سان متفق هُجڻ تائين آهي۔ عملن هو گهڻو گهڻو پوئتي بلڪه اُبتي ڏِس ڏي آهن۔ پر هن وقت جڏنهن هڪ فرد جي ڪري گورنمنٽ مادر علمي کي بند يونيورسٽي جي خطاب ملڻ تي سمجهوتو ڪري ويٺي آهي ۽ استاد پنهنجي مطالبي يا مطالبن مڃجڻ تائين ڪلاس وٺڻ لاءِ تيار ناهن ته ڪو حل ڪڍڻ لاءِ قومپرست ڌرين کي اڳتي اچڻ کپي۔ پر شايد هو پنهنجن مفادن ڪري خاموش آهن يا کين پرواهه ئي ناهي۔ ڇو ته هو ڳالهيون ته سنڌ ۽ سنڌ وارن جي سُورن ۽ فڪر جي ڪن ٿا پر سنڌ ٻُڏي ته به هو غائب، سنڌ مان تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو وڃي ته به هو چُپ۔ ۔ ۔ ۔ ۔آخر ڪيئن مڃجي ته هو سنڌ لاءِ درد رکن ٿا؟
جواب: بند يونيورسٽي ادا حفيظ لغاريءَ سان 1110 فييصد متفق ٿيندي چئبو ته سنڌي قومپرست پارٽين کي اڳتي اچي پنهنجي دعوا ته هو سنڌ جا سڄڻ آهن يا سنڌ جي خوشحالي چاهن ٿا يا سنڌين کي آزاد ۽ خودمختيار ڪرائيندا ته هو عوامي مسئلن کان منهن موڙي صرف پنهنجن ذاتي مفادن واري سياست ڇو ٿا ڪن ۔۔۔ سنڌ جي تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي آهي، آهي ڪو مانجهي مرد يا آهي ڪا سنڌ جي سڄڻ جماعت جيڪا سنڌ جي وارثي ڪري ۔۔۔ ياد رکو ته اوهان جيستائين سنڌي پرست نه ٿيندا تيستائين اوهانجي سنڌپرستي ڪنهن به ڪم جي ناهي ۔۔ قومپرست ٿيڻ ۽ ڌرتي پرست ٿيڻ ۾ فرق آهي، جيڪي پاڻکي قومپرست چون ٿا سي سنڌين جي مسئلن ۾ پاڻ ملهائن ته خبر پوي ۔۔۔ الله ڏاهي مَ ٿيان