• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا ويبسائيٽ هوسٽنگ ۾ مدد گهرجي۔۔۔۔

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
دوستو جيئن ته گذريل ٻن مهينن کان مان هڪ تنظيمي ويبسائيٽ جو ڊومين ورتو آھي، جنهن کي ”سي پينل“ تان وڃي گهڻي ڪوشش ڪئي اٿم ته ان کي ڊزائين ڪري ان ۾ ڪجھ مواد شامل ڪجي پر اھو مواد ان ۾ نٿو وجهي سگهان مونکي سمجھ نٿي اچي، جيڪي دوست ڪمپيوٽنگ، ويب ڊزائيننگ سان لاڳاپو رکن ٿا مهرباني ڪري مدد ڪن ۔
فقط اوهان جي دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي
 
جواب: ادا ويبسائيٽ هوسٽنگ ۾ مدد گهرجي۔۔۔۔

ادا توهانجو سوال وضاحت طلب آهي۔۔
جيڪڏهن توهان ويب سائيٽ ٺاهڻ ٿا چاهيو يا وري ڊيزائننگ سکڻ ٿا چاهيو ته اهو الڳ موضوع آهي ۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان پنهنجا تيار ڪيل ويب سائيٽ جا فائيل اپلوڊ ڪرڻ گهرو ٿا ته ان جا ٻه طريقا آهن ۔۔
پهرين طريقو۔۔
سڀ کان پهريان پنهنجي سي پينل کاتي تي لاگ ان ٿيو۔۔

cpanel.png

لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ File Manager تي ڪلڪ ڪريو۔۔

cPanel-File.jpg

هاڻي چاهيو ته روٽ لوڪيشن يعني /Public_html/ تي فائيلز اپلوڊ ڪيو يا وري نئون فولڊر ٺاهي ان ۾ فائلز اپلوڊ ڪريو۔۔۔

cPanel-NewFolder1.jpg

cPanel-NewFolder2.jpg

مٿي ٽولبار ۾ ئي موجود اپلوڊ بٽڻ دٻايو۔۔

cPanel-Upload.jpg

۽ نئين کليندڙ ٽيب منجهان برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنهنجون فائلز اپلوڊ ڪندا وڃو۔۔

cPanel-UploadFiles.jpg

هي ساڳيو عمل سکڻ لاءِحاضر آهي وڊيو۔۔۔


جڏهن ته ٻئي طريقي موجب توهان سي پينل واري پاسورڊ سان ئي ايف ٽي پي سافٽويئر ذريعي پڻ ويب سائيٽ جا فائيل اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جنهن جو طريقو ڏسڻ لاءِ هي وڊيو حاضر آهي۔۔۔

 
جواب: ادا ويبسائيٽ هوسٽنگ ۾ مدد گهرجي۔۔۔۔

ادا اوهان جي مهرباني لک قُرب۔۔۔ اوهان جي ڏنک طريقي کي مان آزمايان ٿو
 
Back
Top