تو سان رقص ڪندڙ جي نانءُ

سلطان

سينيئر رڪن
پروين شاڪر



تو سان رقص ڪندڙ جي نانءُ
جنهن جي ڪلهن تي
ڪنڌ لاڙي تون رقص ڪري رهي آهين
آئون به۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن
سندس ڀاڪرن ۾ رقص ڪندي
جهومندي هُئس
سکي!
اسان ٻنهي ۾
صرف- اهو ئي فرق آهي
جو آئون
رات کان اڳ ئي تنها ٿي ويس
۽ تون
پره تائين پيار جي ڌوڪي ۾ رهندينءَ


 
Back
Top