ڇا توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا انسان کي پاڻ کان به وڌيڪ ڪا شيء وڻندي آهي۔۔۔؟
    موت کان وڌيڪ به ڪنهن شيء جو ڊپ موجود آهي۔۔۔؟
    اها ڪهڙي شيء آهي جيڪا غريب وٽ ته آهي پر امير کي به گهرجي۔۔؟
    ڪنجوس ڇا خرچ ڪندو آهي۔۔ جيڪو فضول خرچ بچائيندو آهي۔۔۔؟
    اها ڪهڙي شي آهي جيڪا هر ڪو قبر ۾ کڻي ويندو آهي۔۔۔؟


    تڪڙي جواب جو منتظر۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔؟

    ادا رشيد هر سوال ايترو اهم ۽ وڏو آهي جو انهن جا مختصر جواب ممڪن ڏئي نه سگهجن، پر پوءِ به پنهنجي سمجهه آهر، ڪجهه جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي ۔۔۔۔ عقل ڪل صرف رب جي ذات آهي ۔۔۔

    ها!
    تاريخ گواهه آهي ته ماڻهن پنهنجي جان جون قربانيون ڏنيو آهن، پنهنجي پسند ۽ پيار خاطر، اهو پيار ڪڏهن ڪنهن رشتي جي صورت ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن گڏيل قومي صورت ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن مافوق الفطرت هوندو آهي ۔۔۔ انسان پيار ۾ پنهنجي جان به ڏئي ٿو ڇڏي، جنهن مان ثابت ٿيو ته انسان کي پاڻ کان علاوه به ڪيترين شين کي اهميت ڏئي ٿو۔
    ها!
    انساني تاريخ جا اڻ ڳڻيا واقعا گواهي ڏين ٿا ته انسان پنهنجي موت کان وڌيڪ ڪيترين ئي شين کي اهميت ڏني آهي ۽ انهن جي ضايع ٿيڻ جي خوف ۾ پاڻ قربان ڪيو آهي، ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ به اهڙا ڪئي واقعا پيش اچنٿا جنهن ۾ انسان ڪنهن شئي کي نقصان رسڻ جي خوف ۾ پنهنجو موت قبول ڪري ٿو ۔۔۔
    هوش محمد شيديءَ پنهنجن سردارن جي موت جي ڊپ ۾ ۽ سنڌ جي حاڪميت بچائڻ لاءِ آخري ساهه تائين وڙهي جان ڏني ۔۔۔
    هيمون ڪالاڻيءَ وطن جي غلاميءَ جي ڊپ کان پنهنجو پاڻ ارپيو ۽ ڦاهي قبول ڪئي۔
    روپلي پڻ انگريزن جي حڪمرانيءَ جي ڊپ ۾ ويڙهه کي ترجيح ڏيندي پنهنجي هٿن جي آڱرين کي سڙندي ڏٺو
    مخدوم بلاول، پنهنجي فڪر کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي گهاڻي ۾ پيڙجندي ۽ پنهنجن هڏن جي ڀڃڻ جا ٽڙڪاٽ ٻڌندو رهيو ۔۔۔
    اهڙا ڪئي واقعا آهن
    ڪيتريون ئي شيون آهن، مال و اسباب کان علاوه جيڪي غريبن وٽ آهن ۽ انهن جا خواهشمند امير به آهن۔
    مثال؛
    سڪون ۽ اطمينان جي ننڊ
    پٽ تي سمهي ساٿ نڀائڻ واري زال
    لالچ کان بغير عزت ۽ پيار
    بخيل يا ڪنجوس پئسو بچائيندو آهي ۽ عزت خرچ ڪندو آهي،فضول خرچ سڀ ڪجهه وڃائيندو آهي ۔۔۔ فضول خرچي ۽ ڪنجوسي ٻئي اوگڻ آهن، انڪري اسانجو دين اسانکي ميانه روي سيکاري ٿو

    نالو (برو يا ڀلو) جنهنکي اسين اعمال چوندا آهيون

    مونکي به ڏاهن دوستن جي جوابن جو بي صبريءَ سان انتظار رهندو، ڇاڪاڻ ته هي دنيا آهي ئي هڪٻئي جي عقل مان سکڻ لاءِ ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔؟

    ادا رشِد ڪالهه کان وٺي سوچي رهيو آهيان پر ڪو جواب ڪونه سمجهه ۾ آيو۔

    ٻن ڏينهن کان دماغ پيو ڦري ۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري ڏاهپ وارا جواب ڏئي ڇڏ ته بهتر رهندو۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔؟

    ڪو ايجوڪيشن اسڪول ۾ پڙهڻ دوران اڪثر استاد جي طرفان اهڙا عنوان ملندا هئا جن تي هڪ طرف شاگردياڻيون ۽ هڪ طرف اسان شاگرد ان عنوان جي ڪاٽو ۽ واڌو پهلو تي بحث ڪندا هياسين۔۔۔

    مون هتي هي موضوع آڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته مٿين سڀني سوالن جو جواب۔۔ دراصل ”ڪجهه به نه آهي۔۔
    ان ڪري اسان کي گهرجي ته اهڙي ڪنهن به شيء جي جستجو يا خواهش ئي نه ڪريون جنهن جو وجود ئي نه هجي۔۔۔
    پر توهان طرفان مفصل جواب پڙهي خبر پئي ته جواب موجود به آهن ۽ انهن جو سبق آموز پهلو پڻ آهي۔۔۔

    تمام بهترين ۔۔۔ هر سوال غور طلب ۽ توهان طرفان هر جواب سمجهه وارن لاءِ سبق آهي۔۔۔ مهرباني
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔؟

    سائين نثار صاحب جن جي جواب کان پوءِ ڪا گنجائش نه رهندي آهي، بحرحال سائين رشيد صاحب اوهان جي سوالن اسان ذهنن کي هلائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي، مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو