سنڌ جا اھي باشعور نوجوان جيڪي سنڌ جيجل جي سونهن کان وٺي سنڌ جي سياسي، سماجي، توڙي سائنسي مسعلن کي هڪ ليک جي صورت ۾ منظر عام تي آڻڻ چاهين ٿا ته، بي بي سي سنڌي جيڪو نوجوانن جي حوصلاه افزائي جو هڪ خاص ادارو آھي. ڪرنٽ افيئرس تي لکندڙ نوجوان پنهنجو مضمون، ڪالم، آرٽيڪل، لکي ان سان گڏ هڪ عدد پنهنجو فوٽو، مڪمل ائڊريس ۽ اصل نالو لکي اسان کي هن اڊريس تي ايميل ڪري موڪليو bbcsindhi@hotmail.com نوجوانن جي سوچ کي روشن ڪندڙ ”بي بي سي سنڌي
جواب: بي بي سي سنڌي جو هڪ نئو ڪارنامو بهترين ڪوششون ۔۔۔ دوستن جي اهڙي ڪاوشن تي کين سلام ڪجي ٿو جيڪي اهڙي ڪمن کي جاري رکيو اچن۔
جواب: بي بي سي سنڌي جو هڪ نئو ڪارنامو سائين عرفان ديشي صاحب سدا سکيا رهو ۔ پنهنجي ڌرتي لاءِ ٻولي لاءِ ماروئڙن لاءِ جا به ڪاوش ڪئي وڃي سا ساراهه جوڳي آهي ۔ توهانجي اڄوڪي صورتخطي ۾ ٻه چڪون آهن ۔ مسئلن کي اوهان مسعلن ۽ ائڊريس کي اڊريس لکيو آهي انٽرنيٽ تي صورتخطي جي درستگي اهم آهي ۔
جواب: بي بي سي سنڌي جو هڪ نئو ڪارنامو پيارا سائين سليمان وساڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي خدمت ڪرڻ اسان جو قومي فرض آھي۔۔۔ بس جيجل سنڌ ۽ مٺڙي ٻولي لا سدا جاکوڙيندا رهنداسين۔۔۔
جواب: بي بي سي سنڌي جو هڪ نئو ڪارنامو پيارا جمالي صاحب سڀ کان اول ته اوهان جون مهربانيون جو اوهان سان جي ڪم جي سنڌيت جي حوالي سان ساراھ ڪئي۔ ٻي ڳالھ ته مان اوهان کي پنهنجو استاد چوڻ پسند ڪندس اهو ان لا جو اوهان منهنجي ليک مان منهنجون غلطيون چونڊ ڪيون آهن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آھي جو تڪڙ ۾ ٻيو لفظ ناهي ملندو ته ان سان ملندڙ لفظ کي گڏائي لکي ويندا آهيون اوهان جون مهربانيون۔۔۔ سدا خوش ھجو