ناليواري شاعره رخسانه پريت جون بي تڪلف ڳالهيون ڳالهه ٻولهه ساجد سنڌي/رضوان گل • ادبي سڃاڻپ؟ • هڪ شاعره ۽ ڪالم نويس جي حيثيت سان. • ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟ • في الحال هڪ ئي ڇپيل ڪتاب آهي (پياسي ساڀيان جل ٿل خواب). • اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟ • ٻن ڪتابن جيترو. • مڃتا ايوارڊ/سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهن جي طرفان مليا؟ • پڙهندڙن طرفان ملندڙ موٽ ئي اسان لاءِ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ آهن. • لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟ • 89-1988 کان لکڻ جي شروعات ڪئي، پهرين تخليق عوامي آواز اخبار ۾ ڇپي هئي. • لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ • عشق، درد ۽ استحصال. • مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ • آئون مزاجن جذباتي آهيان پر ٻئي طرف هڪ سياسي ڪارڪن هجڻ ناتي پاڻ تي ڪافي ظابطو آهي. • پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟ • سچائي ۽ ان جي شعور جي سطح جو. • اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟ • ڪابه نه. • توهان جو قابل فخر ڪم؟ • ڪوبه نه. • دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟ • مون هميشه پنهنجي زندگيءَ ۾ محبتن کي باقي ٻين شين تي اوليت ڏني آهي. • زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟ • پنهنجي تمام پياري ڊاڪٽر دوست جو 32 سالن ۾ موت. • مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟ • ڪوبه تخليقڪار مڪمل ٿي ئي نٿو سگهي. • ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟ • بلڪل نه. • زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟ • مڪمل سچ لکي نه سگهي آهيان ۽ نه ڳالهائي سگهي آهيان. • گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟ • آسپاس گهڻي رش ٿي وڃڻ ڪري (سياسي ۽ ادبي ميڙاڪن کانسواءِ). • ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟ • منهنجي نظر ۾ سماجي تبديلي آڻڻ. • لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟ • جيئن پنهنجو پاڻ سان جهيڙيندڙ ماڻهو جي هوندي آهي. • نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟ • سٺو ادب سرجي پيو صرف صحيح ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي. • زندگي توهان جي نظر ۾؟ • هڪ وهه ڳڙي، مسلسل نڙيءَ اندر لاهڻ جي ڪوشش. • ڏک توهان جي نظر ۾؟ • پيڙا جو پل، جلد ڀلائجي ته بهتر. • خوشي توهان جي نظر ۾؟ • خوشي اسان کي ڀانءِ ئي ڪاٿي، درد آهن ڄڻ جاڙا سانڍيا. • پيار توهان جي نظر ۾؟ • پيار کي پاپ سڀ چون، مون کي (پريت) آئي هن مان ثواب جي خوشبو. • دوستي توهان جي نظر ۾؟ • وڏو آٿت وڏو دلاسو. • عورت اوهان جي نظر ۾؟ • سماج جو مسلسل جهاڳيندڙ ڪردار. • ڪنهن کان نفرت آهي؟ • ڪانئرن، غدارن ۽ عورت دشمن ڪردارن کان. • اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ • چانهه پيئندي آهيان، ڪتاب پڙهندي آهيان ۽ سٺي موسيقي ٻڌندي آهيان. • زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟ • اهڙي ڪا حاصلات ٿي ته ٻڌائينديس. • ڪا رهجي ويل خواهش؟ • ڀارت جو سفر. • ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟ • آئون ڪنهن کان به هاڻي متاثر ناهيان ٿيندي. سٺن ماڻهن جون ڪجهه ڳالهيون Adopt ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. • زندگيءَ جي سڀ کان پياري شيءَ؟ • همير ۽ قيصر منهنجا ننڍڙا ٻار. • جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟ • جيون سڄو ئي کل جهڙو آ اگر سوچجي ته. • ڪنهن سفر جي تمنا؟ • ڀارت جو سفر. • ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟ • شيخ اياز جي جدائي تي تمام گهڻي تڪليف پهتي هئي، آهي. • اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟ • اهڙو ڪوبه ناهي. • اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟ • خوبين جي ته خبر ناهي باقي خاميون الاهي آهن. • ٻيهر زندگي ملي ته؟ • آئون هڪ تخليقڪار ٿيڻ ئي پسند ڪنديس. • شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان هئڻ گهرجي؟ • پنهنجي پسند جي. • ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟ • جدوجهد ڪرڻ تي دل چوندي آهي، جيڪا پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪندا رهيا آهيون. • مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟ • آئون مستقبل ۾ دنيا جو اهڙو نظام ڏسڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي لٽي، اٽي ۽ اجهي جي ذميواري رياستن جي هجي، بک جو احساس ڪٿي به نظر نه اچي، منافعي خورن کان پاڪ سماج. • اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟ • هڪ آدرشي سماج جو خواب جنهن ۾ سڀني ماڻهن جون بنيادي گهرجون پوريون هجن. • سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟ • جدوجهد سان (مسلسل ۽ منظم جدوجهد). • زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟ • ڪاش اهو ڪڙو سچ لکي سگهجي. • جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندئو؟ • زندگي موت جي قريب آ پر، ڪوئي محبوب درميان آهي-شيخ اياز. • وڻندڙ موضوع؟ • محبت. • اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟ • آخري شب ڪي همسفر، ليڊي چيٽريز لور. • موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟ • مهدي حسن، ڪشمور ڪمار، لتا، شفيع فقير، منظور سخيراڻي، سينگار علي سليم ۽ ٻيا الاهي فنڪار مون کي پسند آهن. • پسند جا نثر نگار؟ • دوستو وسڪي، قرت العين حيدر، آغا سليم، امر جليل، ڪرشن چندر، موهن ڪلپنا، بانو قدسيه. • پسند جا شاعر؟ • شاهه سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، عطيه دائود، اياز گل، ادل سومرو ۽ ٻيا ڪافي سارا. • وڻندڙ لباس؟ • ساڙهي، جينس، شلوار قميص ۽ ٽائوزر شرٽ. • وڻندڙ خوشبو؟ • ڪافي آهن. • آٽو گراف؟ • جان جيئن تان جل ڪانهي جاءِ جلڻ ري • تتي ٿڌي هل ڪانهي ويل وهڻ جي (شاهه سائين). روزانه سُڪار جي ادبي صفحي ڏات تان ورتل رضوان گُل ۽ ساجد سنڌي جي ٿورن سان