• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

سنڌي نور

سينيئر رڪن

هڪڙي ڳالهڙي ٿي جانيئڙي کي چيم
پنهنجو روحن جو ناتو آهي جڙيل
نه ان جو ڪو نانء آهي پرينء !!!!!
پنهنجو اهڙو جو رشتو آهي پرينء
جنهن ۾ ماء جي ممتا به آهي پرينء
۽ ڀيڻ جي ڀوڳن ڀري چاھ به
ان ۾ ڌيء جي نوڙت ڀري نظر به
جنهن ۾ محبوبه جي ڪا اڻ ڇوهيل چاهت به
پنهنجي رشتي جو ڪو نانء نه آهي پرينء !
هي آهي ڪو صدين کان روحن جو رشتو پرينء!

سنڌي نور
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

تمام بهترين احساس نور جا ڪجه رشتا اهڙا هوندا آهين جن جو ڪوبه نالو نه هوندو آهي
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

مهرباني علي ظفر پر تفصيلي جواب ڏيو ها ته سٺو لڳي ها۔
اڄ توهان جو ماڳ ڏسي تمام سٺو لڳو (خيالن جي دنيا) واھ
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

پنهنجي رشتي جو ڪو نانء نه آهي پرينء !
هي آهي ڪو صدين کان روحن جو رشتو پرينء!


ڀيڻ نور اوهان جا خوبصورت احساس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا رشتا به جڙندا آهن جن ڪو رشتوئي ناهي هوندو ۔۔۔۔۔ بس احساس ۽ جذبا هوندا آهن۔

تمام سهڻي شيئرنگ ، لفظن کي نظم ۾ پيش ڪرڻ جو اهو خوبصورت انداز وڻيو ۔۔۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

مهرباني ادا سليمان توهان منهنجي احساسن کي هن ننڍڙي نظم ۾ سمجهو خوشي ٿي ڀاء
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

پر نه ته ان نظم جي سمجهاڻي ڪنهن دوست ڏني نه نور

احساس ته ڀلا ۽ لفظ به سهڻا ۽ سادا استعمال ٿيل آهن پر هن ڳجهارت نما نظم ۾ ڳالهه ڪنهنجي ۽ ڪهڙي ڪيل آهي، جي ڪو سمجهائي ته واه واه ۔۔

ممڪن ادي نور ئي سمجهائي ته اهو ڪهڙو حساس رشتو آهي جنهن ۾ ممتا جي جهلڪ به هجي، ڀيڻ جي ڀوڳن جهڙي چلولائي به هجي ته ڌيءَ جي جهڙي معصوميت ۽ احترام به هجي ۔۔۔

ادي نور جي عمر ته الائجي ڪيتري آهي ۽ الائجي انهن رشتن جو ڪو تجربو به اٿس يا نه، پر ڳالهه وڏي راز جي ڪئي اٿس ۔۔۔

اوهان به ڀائرن جا ڀوڳ ۽ حجت برداشت ڪنديون ڪريو۔۔۔۔ لک ٿورا ڀيڻ
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

ادا نثار منهنجي سادڙن لفظن کي توهان سمٍجهاڻي پڇي وڌيڪ اهميت ڏني آهي،مونکي سٺو لڳو۔
باقي منهنجي عمر جو هن نظم سان ڪهڙو تعلق آهي نه سمجهم ته به ڪنهن کي ڪو اهڙو سوال ذهن آهي ته منهنجي سنڌ سلامت ۾ ڏنل تعرف پڙهي سگهي ٿو، ۽ مان رت جي رشتن کان وڌيڪ هڪ ٻئي جي ذهنن ۽ احساسن کي سمجهڻ وارن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان ۾ مان رشتن کي ًگهٽ اهميت نه ٿي ڏيا پر هڪ اهڙو دوست هجي جنهن ۾ هر قسم جي پهجائپ هجي پيار هجي ۽ هو اسان جي احساسن کي سمٍجهي سگهي ته اهو هڪ ٻن روحن جو انوکو ۽ انمول رشتو پيدا ڪري ٿو، جنهن جو شايد نانء اڃا تائين ايجاد ٿيو ئي نه آهي
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
اوهان به ڀائرن جا ڀوڳ ۽ حجت برداشت ڪنديون ڪريو۔۔
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
ادا مان هر ان ماڻهو جو ڀوڳ برداشت ڪري سًگهان ٿي جنهن سان ڪا هجت هجي بنا ڄاڻ نه سڃاڻ
مان تنهنجو مهمان پسند نه ڪندي آهيان،
۽ خاص ڪري عورتن تي اجائي تنقيد برداشت نه آهيان ڪندي۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

ادا نثار منهنجي سادڙن لفظن کي توهان سمٍجهاڻي پڇي وڌيڪ اهميت ڏني آهي،مونکي سٺو لڳو۔
باقي منهنجي عمر جو هن نظم سان ڪهڙو تعلق آهي نه سمجهم ته به ڪنهن کي ڪو اهڙو سوال ذهن آهي ته منهنجي سنڌ سلامت ۾ ڏنل تعرف پڙهي سگهي ٿو، ۽ مان رت جي رشتن کان وڌيڪ هڪ ٻئي جي ذهنن ۽ احساسن کي سمجهڻ وارن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان ۾ مان رشتن کي ًگهٽ اهميت نه ٿي ڏيا پر هڪ اهڙو دوست هجي جنهن ۾ هر قسم جي پهجائپ هجي پيار هجي ۽ هو اسان جي احساسن کي سمٍجهي سگهي ته اهو هڪ ٻن روحن جو انوکو ۽ انمول رشتو پيدا ڪري ٿو، جنهن جو شايد نانء اڃا تائين ايجاد ٿيو ئي نه آهي
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
اوهان به ڀائرن جا ڀوڳ ۽ حجت برداشت ڪنديون ڪريو۔۔
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
ادا مان هر ان ماڻهو جو ڀوڳ برداشت ڪري سًگهان ٿي جنهن سان ڪا هجت هجي بنا ڄاڻ نه سڃاڻ
مان تنهنجو مهمان پسند نه ڪندي آهيان،
۽ خاص ڪري عورتن تي اجائي تنقيد برداشت نه آهيان ڪندي۔

اوهان پاڻ ئي هن ليک ۾ ان رشتي جو نالو لکيو آهي ۽ مٿان وري اهو به چيو آهي ته ” جنهن جو شايد نانء اڃا تائين ايجاد ٿيو ئي نه آهي“،

هر رشتي ۾ دوستيءَ جو عنصر هجڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ اهو رشتو صرف رشتو ئي رهندو آهي ۔۔۔

دوستي ڪهڙي رشتي ۾ اهم ناهي؟ آءُ چوانٿو ته دنيا جي هر انساني رشتي ۾ دوستي هجڻ لازم آهي، ” دوستي “ هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو سڀني رشتن کي مضبوط ۽ سهڻو ڪري ٿو، سڀني رشتن ۾ پائداري اچي ٿي ۔۔۔

منهنجيون ڌيئر منهنجيون دوست آهن، آءُ پنهنجي هر حالت انهن سان ونڊ ڪندو آهيان ۽ هو پنهنجي هر تڪليف مونسان ونڊ ڪنديون آهن۔ جيڪڏهن آءُ صرف پيءُ ٿي پوان ته ممڪن ايترو انصاف نه ڪري سگهان پر جڏهن آءُ پنهنجين نياڻين جو دوست آهيان ته ممڪن انهن کي صحيح سمجهي سگهان ۽ انهن جي رهنمائي ڪري سگهان ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهان ۔۔۔ ڪئي اهڙيون حالتون پئدا ٿيون آهن جڏهن مونکي منهنجي ڌيئرن دوستيءَ جي ناتي سان مونکي سڌي راهه ڏيکاري آهي۔

اسان سڀني جي اها خواهش آهي ته اسانجي هر رشتي ۾ سمجهه ۽ پيار پئدا ٿئي ۽ دوستيءَ جهڙيون خاصيتون پئدا ٿين ۔۔۔

معاف ڪجو منهنجي ڀيڻ ۔۔۔ منهنجو اوهان سان ڀوڳ ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه وري اوهانجي عمر سان ڪو واسطو، بس رشتن جي ڳالهه نڪتي ته ڪجهه رشتا عمر گذرڻ سان سمجهه ۾ اچي ويندا آهن يا وري عمر گذرڻ سان وڌيڪ سگهارا ٿيندا آهن، ٻي ڳالهه ته عورت هجي يا مرد اسانکي هر سهڻي انسان لئه احترام آهي، ۔۔۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

مهرباني ادا مان توهان جي شڪر گذار آهيان شايد مان غلطي نه پئي ڪيا ته توهان فيس بڪ تي مونکي ڪمينٽ ۾ سمٍجهائيندا آهيون
جنهن سان منهنجي رهنمائي ٿيندي رهي ٿي، اگر مان غلط نه آهيان ته توهان نثار احمد ابڙو آهيون۔
پر شايد پنهنجي رت جي رشتن سان دوستي غلط نه ٿي هجي پر جي اسان ڪنهن غير جي رشتي کي دوستي جو نانء ڏيو،(خاص ڪري اسان عورتون)
ته ان کي سماج اخلاقي طرح غلط سمجهندو، تڏهن اهڙي رشتي کي مان ڪو نانء نه آهي ڏنو، توهان کي سمجهاڻ لاء مون دوستي جو نالو ڏنو
مان هر اهڙي رشتي جي خلاف آهيان جيڪو ڪنهن کي بنا سمجهڻ جي زبردستي ڳنڍيو وڃي، جنهن جي ڪا اهميت ئي نه هجي۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

جي منهنجي ڀيڻ فيسبڪ تي احمد جي واڌاري سان آهيان پر آهيان اهو ئي ”نثار“،

منهنجي ادڙي معاف ڪجو صرف اوهان ئي نه آءُ سنڌي فيسبڪ يا سنڌ سلامت تي پنهنجي مختصر سمجهه ۽ علم آهر پنهنجيون ڳالهيون ڪندو رهندو آهيان، پوءِ ڪي دوست ان کي تعريف جي نگاهه سان ڏسندا آهن ته ڪي وري شايد ڪاوڙجندا به هجن، خاص ڪري جڏهن آءُ سنڌ ملڪ جون ڳالهيون ڪندو آهيان ته ڪجهه ديني دوست ڪاوڙجي به ويندا آهن، جن کي به آءُ اهو ئي سمجهائيندو آهيان ته دين ۾ قوم جي خدمت ڪرڻ ايمان جو حصو آهي ۔۔۔ پر پوءِ به ڪاوڙجي ويندا آهن ۔۔۔

مٿان وري جيڪي دوست مذهب جي هروڀرو مخالفت ڪندا آهن انهن کي به سمجهائيندو آهيان ته مذهب جو قومي غلامي يا سماجي ظلمن سان ڪو واسطو ناهي ۔۔۔ هي انساني رنگ آهن ۔۔۔ اهي انسان ظلم کي قانوني يا مذهبي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪڏهن ڪليسا ته ڪڏهن مندر ته ڪڏهن مسجد جي ڇانوَ ۾ وڃي لڪندا آهن ۔۔۔ ۽ پوءِ اسانکي اهو لڳندو آهي ته مذهب ئي انسان جا دشمن آهن ۔۔۔ جڏهن ته انساني تاريخ جاچي ڏسبي ته مذهب انساني وحشي پڻي کي لغام ڏنو آهي ۔۔۔ ۽ وري ڪجهه انسانن مذهب کي ئي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي ۔۔۔

خئير اهي ڳالهيون گهڻيون آهن ۔۔۔ پر هڪ ڳالهه ته ” دوست “ هر انسان ٿي سگهي ٿو، اڄ جي ترقي يافته دور ۾ جڏهن عورت گهر کان ٻاهر نڪري تعليم پرائڻ وڃي ٿي يا ڪنهن ڪم سانگي، نوڪريءَ سانگي يا ڪيترن سببن خاطر سفر ڪري ٿي ته سندس واسطو مردن سان پوي ٿو ۔۔۔۔ ڀلا مرد ۽ عورت ئي ته سماج جا ٻه ڦيٿا آهن، جڏهن هلندا ته سماج هلندو ۔۔۔

هاڻ جيڪڏهن تعليم دوران، ڪم دوران، هلندي گهمندي ڪنهن مرد يا عورت جو پاڻ ۾ واسطو ٿي پوءِ اهو هم خياليءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪا برائي ناهي ۔۔۔ ها برائي تڏهن پئدا ٿئي ٿي جڏهن ان هم خياليءَ ۾ بي راه روي هجي ۽ صرف جسماني لذت جو عنصر غالب هجي، جڏهن ته سماجي يا مذهبي قانونن ۾ جسماني لڳ لڳاپن ۾ پاڪائي ضروري آهي ته جئين انساني نسل سهڻو سٺو ۽ صاف پئدا ٿئي ۔۔۔ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته نوجوان ڇوڪرا يا ڇوڪريون صرف ” جسماني لاڳاپن “ جي رشتي کي سڃاڻن ٿا پر دوستي ۽ خلوص واري رشتي کي سمجهن ئي نٿا ۔۔۔

آءُ زماني جو ماڻهون آهيان ڪيترن ئي حالتن مان گذريل آهيان ۔۔ انڪري اهڙيون ڳالهيون ڪريانٿو ۔۔۔ آءُ پنهنجي نوجوان ڌيئرن کي اهو ئي سمجهائندو آهيان ته ” ڌيءَ، اوهان دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وڃڻ چاهيو ته وڃي سگهو ٿيون، دنيا جي ڪنهن به مرد سان رابطو ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿيون، دنيا ۾ ڪهڙي به منزل تي پهچڻ گهرو ٿيون ته آءُ اوهان سان گڏ آهيان، پر ها! عزت، ڪردار ۽ جسم جي پاڪائي رکڻ انتهائي ضروري آهي“

هڪ اڳواڻ چيو هو ته مونکي سٺيون مائون ڏيو ته آءُ اوهانکي سٺي قوم ڏيان“، آءُ ڪوشش ڪريانٿو ته دنيا کي ته نه بدلائي سگهندس پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي قوم کي سٺيون مائون ضرور ڏيندس پنهنجيين ڌيئن جي روپ ۾ ۔۔۔

اوهان سنڌيت جي ناتي منهنجي ڀيڻ به آهيو ۽ عمر جي لحاظ سان منهنجي ڌيءَ پڻ ۽ سنڌ سلامت جي ناتي دوست پڻ ۔۔۔ انڪري حجت ڪري اوهانکي سمجهائيندو آهيان ۔۔۔ معاف ڪجو جي اوهانکي ڪٿي ڪا تڪليف يا ڏک ڏنو هجيم ۔۔۔ رب العالمين اسانکي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ۔۔۔

واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

ادا توهان ايتري عزت ڏني ۽ ڌيء جي رشتي سمٍجهايو مونکي خوشي ٿي، مان به هميشه ذهن کي سمجهڻ ۽ ڪنهن جي
احساس کي ترجئي ڏيندي آهيان ۽ جيڪو مان ۽ عزت سان ڳالهائيندو آهي ته ڏهوڻ تي مون مان به آهي ئي احساس ۽ پهجائپ
ضرور ملندي هوندن منهنجي سوچ مطابق، مان هميشه اهڙن ماڻهن کي اهميت ڏني آهي جيڪي عام دنيا جي نظر ۾ تڙيل هجن
۽ شايد اهو ئي ڪارڻ سنڌي نور جي غير اخلاقيت ڪري مشهور آهي، مان اهڙن ماڻهن کي نه آهيان پسند ڪندي جيڪي پاڻ کي
ٻين کان بهتر ٻڌائن مان انهن کي دوست ڪندي آهيان جيڪي مون وانگي سماج جا باغي هجن انهن جو اندر پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

ادي نور جا بهترين خيالات (پلس) مٿان وري سائين نثار صاحب جن جون شفقت ڀريل نصيحتون (برابر، ايڪويل ٽو) ادي نور جي شخصيت وڌيڪ واضح ۽ نروار ٿي سامهون آئي آهي۔
 
جواب: جنهن رشتي جو ڪو نانء نه آهي۔!!!!!

ساائين اسان ان قابل ته ناهيون جو سائين نثار صاحب جي هوندي يا ان موضوع تي ايتري بهترين سمجهاڻي جي هوندي پنهنجي ڪا راءِ ڏيون پر وري به هن بهترين موضوع ۾ ثواب خاطر شريڪ ٿيڻ جي هجت ڪري رهيا آهيون اميد ته اسان جي تصحيح و اصلاح ڪئي ويندي۔

ادي نور ۽ سائين نثار صاحب اسان زندگي ۾ ڪجھ اهڙا رشتا پڻ ڏٺا آهن جي انهن کي نالو ڏجي ته انهن تي حدون لڳي وينديون آهن ۔ انهن رشتن جو تعلق احساسن سان هوندو آهي نالي جو تعلق الفاظن سان هوندو آهي جڏهن ته الفاظ احساس جي تشريح نه ٿا ڪري سگهن ۔
سو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا احساس جاڳي پوندا آهن جي انهن کي نالو ڏجي ته اهي نالا انهن رشتن جي عڪاسي ناهن ڪري سگهندا ۔ اهي رشتا ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿا لازم ناهن ته اهي رشتا مرد و عورت جا هجن هم جنس سان به ٿي سگهن ٿا ۔
يقين ڪريو اسانجو هڪ دوست اهڙو به آهي جي ان کي دوست چوان ته به لفظ ننڍو ٿو لڳي ڀاءُ چوان ته به لفظ ننڍو ٿو لڳي ۔ هو بي نياز آهي جنهن بدلي ۾ مونکان ڪڏهن ڪا طلب ناهي رکي ۔
هڪ سالڪ آهي جنهن سان روحاني الائي ڪهڙو رشتو آحي جنهن کي مُرشد چوان ٿو ته اهو لفظ به ان سان محبت و پاڪائي جي تشريح نه ٿو ڪري ان رشتي جي تشنه لبي پنهنجي جاءِ تي قائم ٿي رهي ۔ شايد ڪي اهڙا احساس ادي نور به چوڻ ٿي چاهي ۔
وسلام
 
Back
Top