• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هڪ ڪوئو شراب جي گلاس ۾ ڪري پيو۔ گهڻين ڪوششن باوجود هو ٻاهر نڪري نه سگهيو۔

ايتري ۾ اتان کان هڪ ٻلي جو گذر ٿيو جيڪا ڪوئي کائڻ لاء گلاس ڏانهن ڊوڙي۔

ڪوئي ٻلي کي عرض ڪيو ته پهريان مونکي گلاس کان ٻاهر ڪڍ ۽ پوء آرام سان ويهي مونکي کاء ، اهو منهنجو واعدو آهي۔

ٻلي ڪوئي تي اعتبار ڪندي گلاس کي ڪيرايو ته ڪوئو پنهنجي ٻر ۾ ڀڄي ويو۔

ٻلي ڊوڙندي ڪوئي جي ٻر مٿان آئي ۽ چيائينس ته ڌوڪيباز تون مونسان ڌوڪو ڇو ڪيو ۽ واعدي تان ڦري وئين۔۔۔؟؟

ان تي ڪوئي کِلندي چيس ته "جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس"۔
 
جواب: جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس

ها ابا جيڪو شراب جي نشي ۾ هجي ۽ وڻ تي چڙهيل هجي انجي واعدي تي ڪهڙو اعتبار ۔۔۔

اسانجي دور ۾ ٽي وي تي جيڪي ڪارٽون هلن ٿا خاص ڪري ٽام ۽ جيري ڏسي ڪوئي ۽ ٻلي جون رانديون ۽ مذاح اصل ڪمال چئجي ۔۔۔ منهنجي ته جڏهن به طبيعت بي چين ٿيندي آهي ته آ ٽام ۽ جيري ڏسندو آهيان ۔۔۔

سهڻو ونڊ
 
جواب: جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس

واهه ادا واهه سليمان وساڻ صاحب ڇا ڪجي شرابي تي اعتبار ڪرڻ اجايو آهي۔
 
جواب: جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس

ٻلي ويچاريءَ جا ارمان اڌورا رهجي ويا۔۔۔ هههههههههه
 
جواب: جان ان وقت مان شراب جي نشي ۾ هئس

هاهاههاهاهاهاهاهاها
اصل ۾ ٻلي ايڏي بيوقوف ناهي هوندي جو ڪوئي تي اعتبار ڪري۔۔۔ هاهاهاها
 
ڇا ڳالھ ڪجي ڪئي جي حاضر دماغي جي۔چوندا آهن ته شراب پيڻ سان ماڻهون آپي مان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۽ هر شي جي تميز وساري ڇڏيندو آهي ان سان گڏ بي وقوفي جون ڳالهيون ڪندو آهي،پر هتي ته ڪئي شراب پيڻ کانپوء عقلمندي جون ڳالهيون ڪري پنهنجي جان بچائي، ڪٿي شراب جو ابتو اثر ته نه ٿيو ڪئي تي،لڳي ٿو ان راز کي معلوم ڪرڻ لاء هڪ ڪميٽي ويهارڻي پوندي۔وه ۔ڪئا وه۔ (ههههههههههههه هههههههههههههههه هههههههههههههههههههههههههههه)
 
بس سائين ڪوئو جان بچائي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي زندگي، زندگي بچائڻ لاء ماڻهو ڪيڏا جتن ٿا ڪن، اتي جانور به پوئتي ناهن۔
 
Back
Top