(ڊائري جو ورق) ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، ........مرڪ جي ڳولا........ مرڪ؛ لفظ ڪيڏو نه پيارو آهي ان ۾ خوشي جي خوشبو ۽ هڪ گلاب جي گل جي من موهڻي ۽ اڻ ڇوهيل سکي جيان آهي، پر اڄ ڪلھ ته سنڌ ۾ مرڪ نالي ڪا شيء ئي نه آهي رهي، لڳي ٿو ان کي به ڪو لُٽيرو اغوا ڪري فري لٽي بس وس بنائي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هجي. ڇو ته هو ڳولڻ سان به نه ٿي ملي ۽ جي اگر ان جي ئي ڪا نڳي ڀيڻ ڪٿي ملي به وڃي ٿي ته اها به وڏيرن، پيرن ۽ ميرن وٽ ملندي،،،،، انهيء لاء جو هو ان مرڪ کي هڪ بندي( رکيل) جيان قيد ڪيو ويٺا آهن، مرڪ نه چاهيندي به پنهنجا ڏک سور انهن اڳيان لڪائي نه ٿي سگھي پوء اها مرُڪ، مرُڪ نه آهي رهندي پوء اها هڪ ناسور وارو نه ختم ٿيندڙ هڪ ڦٽ بڻجي هن جهان ۾ پئي رلندي آهي. سنڌي نور...
جواب: مرڪ جي ڳولا ،،،،!!!!! مختصر لفظن ۾ تمام وڏو قصو بيان ڪيو آهي، ادي سنڌي نور ۔۔۔ اها منهن جي مرڪ آهي يا سنڌ جي سرتي ۔۔۔ آهن ٻئي بيوس ۽ باندي، ڪجهه اسانجي جهالت سبب، ۽ گهڻو ڪري موجوده نظام ۽ رياستي حالتن سبب ۔۔۔ ڀلا جنهن ملڪ ۾ انصاف نالي جو پکيئڙو قيد ۾ هجي ته ان سان گڏ مرڪ هجي يا سرتي، پٽ هجي يا ڌيءُ ڪير سکيو رهي سگهي ٿو ۔۔۔۔ ڀيڻ نور، ڪجهه سال اڳ منهنجي پتنيءَ (منهنجي ساٿياڻيءَ) هي مختصر آکاڻي لکي هئي ۔۔۔ پڙهي ڏسجو، لنڪ هيٺ ڏيانٿو ۔۔۔ ڀوڳنا
جواب: مرڪ جي ڳولا ،،،،!!!!! سوچيان ٿو ڇا لکان اوهان جي احساسن جي اظهار جي بدلي ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔ اچو سورن واريون ڪيون سور پچار ۔۔۔۔۔ سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن کوڙ واقعن کي ياد ڪندي مرڪ ته اسان جي مُک تان به غائب ٿي وئي آهي۔ سوشل ميڊيا جي دور ۾ هلندي جڏهن هي سڀ پڙهان ٿو همت جواب ڏئي ٿي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي حوصلي ۽ همت کي داد ڏيان ٿو۔
جواب: مرڪ جي ڳولا ،،،،!!!!! ادي نور بلڪل اوهان جي ڳالھ سچ آهي ته مُرڪَ الاجي ڪٿي هلي وئي آهي، ان مُرڪ جي وڏي اهميت آهي، ان ڪري ته پان ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته: ڪنهن سان مُرڪي ملڻ ڄڻ صدقو ڪڍڻ آهي، يعني ان ۾ انسان کي ته ڪابه تڪليف نه هئڻ گهرجي، ساٿي به خوش ته ثواب به ملي وڃي ٿو. ۽ ها جيڪڏهن اوهان سنڌياڻي مُرڪ جي ڳالھ ڪريو ته اتي به ڀيڻ جتي هن معاشري جي نا انصافي آهي، اتي عورت جو مقام به دين اسلام ۾ وڏو اهم آهي، عورت کي دين اسلام هن جي معاشري ۾ وڏي اهميت رکندڙ ڪردار جي ڪري وڏو مقام عطا ڪيو آهي. تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان مُرڪ جا انيڪ ڪردار ٿا نظر اچن. بحرحال عورت هجي يا مڙد، سڀني لاءِ دين اسلام تي هلڻ سان ڪاميابي آهي.
جواب: مرڪ جي ڳولا ،،،،!!!!! مانواري نور صاحبه ادي ڀيڻ شال سدا سکيا رهو ۔ مرڪ جي ڳولا اُها به سنڌ جي نياڻي ڪري ؟ عجيب ٿو لڳي سنڌ جي نياڻي ته مرڪ پيدا ڪندي آهي ها مان ٻيهر ورجايان ٿو ته سنڌ ڄائي مرڪ پيدا ڪندي آهي ڪنهنجا ڪنهنجا مثال ڏجن جن هن عذابي وقت ۾ ظلمن جي حالتن ۾ مرڪ مرڪون نه صرف پيدا ڪيون پر ورهايون به پڻ ۔ ڏاڍا وڏا نالا آهن جيجي زرينه بلوچ ، مهتاب چنياڻي ، آپه افروز ،آپه شمس عباسي ، دادي ليلان ۔ ڀيڻ ڪلپنا ، نذير ناز ، آپه مريم مجيدي ، آپه امينا خميساڻي ۽ ڪئي اهڙا ٻيا نالا آهن جن هيٺين طبقي مان پنهنجي عزت غيرت شجاعت قائم رکندي هن گُهٽيل ٻوساٽِيل ماحول ۾ مرڪون پيدا به ڪيون ۽ وکيريون به ۔ اميد اٿم ته منهنجي ڀاڻيجي نور اوهان به مرڪ جي ڳولا ڇڏي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۔ اسين هن راهه تي هلندي اڃا تائين رنا ناهيون اها ٻي ڳالهه آهي جو منزل کي پُنا ناهيون
جواب: مرڪ جي ڳولا ،،،،!!!!! مُرڪ سنڌ ڌرتي جي هجي يا هن ڌرتي تي رهندڙن جي هجي واقعي انمول آهي ۔ ائين ناهي هوندو ته مُرڪ سورن هٿان وڃائي ويندي آهي پر ادي اسان ته سالڪن کان اهو سکيو آهي ته سُور ئي مرڪ جي سونهن هوندا آهن جنهن مُرڪ جي پٺيان سُور ناهن هوندا اها مُرڪ مُرڪ ناهي هوندي۔ وسلام