• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر هڪ تائين اها ڳالھ پهڇايو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هر هڪ تائين اها ڳالھ پهڇايو
جي نه ٿا سمجهو مونکي سمجهايو

بي ضميرن جو هي دٻدٻو آهي ڇو؟
ظلم خلاف بند زبانون اُڪلايو

ظلم سهڻ سان ظالم جي مدد
اُٿو ظالم کان نه گهٻرايو

وجود کان قيمتي آهي عزت
وجود خاطر سا نه وڃايو

آزادي جو سجدو لتاڙي خواهشون
لا الا جو واعدو نڀايو

زندگي ڇار گهڙيو وينديون وهي
متان پوءِ سڀاڻي پاڻ پڇتايو

جي وسامي ويو آهي ضمير جو ڏيئو
همت ڪري سو وري ٽمڪايو

سچ چوندي نه ٿيو شرمسار
ڪوڙ لعنت تنهن کان لنوايو

نه جهڪي غير اڳيان ڏاڏل
سو آدمي آهي سير کان سوايو

جواب: هر هڪ تائين اها ڳالھ پهڇايو

وجود کان قيمتي آهي عزت
وجود خاطر سا نه وڃايو
ادا سائين تمام سهڻا خيال، معاشري ۾ ٿيندڙ رياستي ظلم خلاف هڪ ڀرپور وڪالت ۔۔ جس هجي اوهانکي ۔۔۔

ڪالهه ادي رشيد ڪجهه سوال ڪيا هيا ته ڇا اوهان ڄاڻو ٿا؟ ان ۾ هڪ سوال هو ته ڇا انسان جي جان کان به وڌيڪ ڪا شئي آهي ۔۔؟ ته ادا رشيد هي ڏاڏل جي نظم ۾ جواب موجود آهي ته انسان جي عزت سندس جان کان وڌيڪ قيمتي هوندي آهي ۔۔۔

لک ٿورا
 
سائين اها مهرباني ادا رشيد جي ئي هئي جنهن هن نظم جو خيال ڏنو اسان کان اُبتا سُبتا الفاظ جُڙي آيا ۔
دنيا ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته انسان کي دولت سڀ کان پياري آهي حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان آهي ته اولاد جي مرڻ تي ماڻهن جي اڪثريت صبر ڪري ويندي آهي پر دولت جي وڃڻ تي صبر ناهي ڪري سگهندي ۔ پر جان اهڙي شي آهي جنهن تي جي ڪا مُشڪل بڻجي اچي ته انسان پوري دنيا ان تي قُرباني ڪري ڇڏيندو آهي پر عزت اهڙي شي آهي جنهن تي انسان جان به قُربان ڪري ڇڏيندو آهي ۔ ان کان به هڪ قيمتي ميراث آحي جنهن مٿان عزت به قُربان ڪري سگهجي ٿي اها ڇا آهي ان تي سوڊسڪس ڪريو۔”
وسلام

جواب: هر هڪ تائين اها ڳالھ پهڇايو

سائين مجيب صاحب و سائين ڪورائي صاحب اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: هر هڪ تائين اها ڳالھ پهڇايو

ڏاڏل سائين سلام

هميشه وانگر غور طلب سٽون ۔۔۔۔۔ اوهان جي شاعري ۾ سمايل سبق ڏي ڏسندو آهيان، اوهان پاران پيش ڪيل احساسن ۽ جذبن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ، سٺو آهي جو ڪو شاعر يا اديب ناهيان نه ته رديف ۽ قافيي جي چڪر مان ٻاهر نه نڪران ها ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سائين سليمان صاحب اوهان جي هميشه جيان همت افزائي جون مهربانيون جو اوهان اسان جهڙن ماڻهن جي ٽٽل الفاظن تي شاباسون ڏيندا آهيو۔
اوهان جا وڏا وڙ ادا۔
 
Back
Top