فيس بوڪ پنهنجي استعمال ڪندڙن کي مسلسل ۽ بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ مسلسل تبديليون آڻي رهيو آهي ۔۔ ان سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ئي فيس بوڪ طرفان ٽائيم لائين پروفائيل متعارف ڪرايو ويو هو۔۔جنهن کي فيس بوڪ جي ايڊوانس استعمال ڪندڙ تمام بهترين عمل سمجهيو هو۔۔۔ پر ان ٽائيم لائين کي تيزي سان آڻيندي اڃان فيس بوڪ پيج تائين به نه پهتو ٿيو ته عام استعمال ڪندڙن ۽ خاص طور مختصر وقت لاءِ فيس بوڪ تي ايندڙن طرفان ٽائيم لائين کي پسند نه ڪرڻ جا اعلان ٿيڻ لڳا۔۔ ان جو اهم سبب ٽائيم لائين پروفائيل کي درست طريقي سان نه سمجهڻ به ٿي سگهي ٿو۔۔۔ بحرحال مختلف دوستن طرفان ٽائيم لائين تي اچڻ کان پوءِ الجهندي واپس ورڻ جا مشورا گهرڻ شروع ڪيا۔۔ پر بدقسمتي سان فيس بوڪ طرفان واپس ڪلاسڪ پروفائيل ورائڻ جو ڪو به آپشن موجود نه مليو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي ته مختلف اسڪرپٽس تي ڪم ڪندڙن ڏانهن مسلسل پيغام وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مختلف اسڪرپٽ ڪم ڪندڙ سائيٽس تي ٽائيم لائين پروفائيل کان واپس ورڻ جا اسڪرپٽ متعارف ٿيڻ شروع ٿيا۔۔ پر انهن اڪثر ٺڳي جا ٺاهه يا وري وائرسز تي مشتمل هيا۔۔ ان ڪري مون فيصلو ڪيو ته سنڌ سلامت تي ايندڙ ساٿين لاءِ ڪو بهتر ۽ وائرس کان پاڪ حل پيش ڪجي۔۔۔ ان سلسلي ۾ پهريان دوستن اڳيان فيس بوڪ ٽائيم لائين جي ٻه ڪالمي ڏيکاء کي هڪ ڪالمي بنائڻ سيکاريو ويو۔۔ پر ڪافي دوستن جو اسرار رهيو ته هو مڪمل طور فيس بوڪ پروفائيل پراڻي لي آئوٽ تي آڻڻ گهرن ٿا۔۔۔ اهڙن دوستن جي درخواستن تي غور ڪندي هڪ آزمايل اسڪرپٽ پيش ڪجي ٿو۔۔۔ جيڪو وائرس کان پاڪ ۽ بهترين حل آهي۔۔ اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ کان اڳ فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو نظارو۔۔۔ اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ فيس بوڪ ڪلاسڪ پروفائيل جو نظارو۔۔۔ اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقي ڪار۔۔۔ گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ڪروم ايڪسٽينشن انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔ فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ايڊون انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔ انٽرنيٽ ايڪسپلورر برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ايڪسٽينشن انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو مان به اهو ئي چاهيان پيو ته پراڻو ڪيئن ڪيان۔مهرباني سائين توهان جي
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو مهربانيون سائين رشيد ڪڏهن ڪڏهن تبديلي سولائي سان قبول ڪانه ٿيندي آهي۔ تنهنڪري فيسبوڪ جي استعمال ڪندڙن سان به ساڳيو مسئلو آهي۔ اڃان هڪ شيء کي سمجهن به مس ٿا ته نئين تبديلي اچيو وڃي۔ فيسبوڪ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس کي پٺيان ڇڏيندو وڃي۔ پر يار پاڻ ته فيسبوڪ ئي ڇڏي چڪا آهيون۔ تنهنڪري ان نئين ۽ پراڻي جي چڪرن ۽ ٽائيم لائين مان به جند ڇٽي پئي آهي۔
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو محترم رشيد سمون صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان ٽائيم لائين مان جان ڇڏائي ، شال سدا خوشيون ماڻيو ۔
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو لڳي ٿو فيس بڪ وارن کي مهنجي ڳاله پهنچي وئي ته مون کي ٽايم لاين بلڪل پسند نه آهي
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو سائين آئون فيس بوڪ ٽائم لائن مان تنگ ٿي چڪو آهيان مهرباني ڪري اها رموو ڪري ڏيندا ته مهرباني! اوهان جو دعاگو محمد ابراهيم دعا جو طلبگار
جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو مٿيان ايڪسٽينشن برائوزر مطابق انسٽال ڪريو۔۔۔ ۽ فائدو حاصل ڪريو۔۔
ادا رشيد صاٍحب ٽائيم لائين کي ختم ڪرڻ کان پو ڪو دوست جڏهن اسان جي پروفائيل کي چيڪڪري ٿو ته ان وٽ ته اسان جي پروفائيل ٽائيم لائين هي پيو ڏيکاري۔۔۔۔!
اسلام عليڪم ادا رشيد جيئن ته توهان ٽائيم لائين کان نڪرڻ لا بهترين حل ٻڌايو آهي۔ هن سافٽويئر انسٽال ڪرڻ سان ٽائيم لائين ختم ٿي وڃي ٿي۔ پر اگر اسين پنهنجو اڪائونٽ ڪنهن ٻئي سسٽم تي کوليون ٿا ته ساڳي ٽائيم لائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ ان جو ڪو مڪمل حل آهي ته ضرور ونڊ ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔