سنڌي انگريزي آن لائين ڊڪشنري۔۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان هڪ جامع ۽ بهترين آن لائين سنڌي انگريزي ڊڪشنري آڻي۔۔ سمورين سنڌين لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي۔۔ پر هن ڊڪشنري مان صرف اهي ئي لاڀ ماڻي رهيا آهن جيڪي يا ته ڪمپيوٽر ڄاڻن يا وري انٽرنيٽ۔۔۔ گڏو گڏ انهن کي انٽرنيٽ پني تي سنڌي لکڻ به ايندو هجي۔۔۔
    يقينن اهڙن ماڻهن جو تعداد گهٽ جڏهن ته آف لائين يا وري هارڊ ڪاپي تي ويهي فائدو وٺندڙن جو تعداد گهڻو آهي۔۔
    پر ان جو به حل سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن ڏنو آهي جو هن ڊڪشنري کي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پڻ ٺاهي سائيٽ تي رکيو ويو آهي۔۔۔ پر ان جي لنڪ کي واضح نه ڪرڻ ڪري اڪثر سائيٽ تي ايندڙ دوست اهڙي لنڪ کي ڏسي نه سگهندا آهن۔۔۔
    اهڙن دوستن جي سهولت لاءِ مون سوچيو ته هن پائدار لنڪ ۽ بهترين ڪم کي سنڌ سلامت تي ئي ڇو نه وائکو ڪجي۔۔۔ ان ڪري ان پي ڊي ايف لنڪ جو سڌو لنڪ آڻڻ سان گڏ ان پي ڊي ايف کي آن لائين هتي پڙهڻ جو پڻ انتظام ڪجي ٿو۔۔۔


    [PDF]http://www.sindhila.org/PDF/all%20books/Comprehensive%20English%20Sindhi%20Dictionary.pdf[/PDF]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي انگريزي آن لائين ڊڪشنري۔۔۔

    سنڌي ٻوليءَ جي اداري جيڪا ڊڪشنري ڏني آهي ان ۾ ٻئي سهولتون آهن ۔۔۔ انگريزي لفظ لکي ڳولها ڪريو يا سنڌي لفظ لکي ڳولها ڪريو ۔۔۔ نتيجو سامهون ، انڪري هن ڊڪشنري کي سنڌي ٽو انگريزي ٽو سنڌي ، چئي سگهجي ٿو ۔۔۔ تمام گهڻي ڪم جي شئي آهي ۔۔۔ لک ٿورا سهڻا دوست
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌي انگريزي آن لائين ڊڪشنري۔۔۔

    الله تعالي کين اڃان وڌيڪ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
    بهترين معلومات ۽ پائيدار لنڪ ونڊ جي مهرباني۔

    دعا ۾ ياد
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي انگريزي آن لائين ڊڪشنري۔۔۔

    ادا رشيد صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاء هر اها ڪو شش ڪريو ٿا جنهن ۾ توهان سنڌ ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو جو فائدو هجي، ادا رشيد صاحب توهان سنڌي ٻولي کي جديد ٽيڪنالاجي جي هر صحولت مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيو پيا جنهن لاء توهان آفرين، شابس لهڻو۔ ادا سنڌي لغت-نويسيءَ تي تمام سٺو ڪم ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن جي محنت شامل آهي، خاص ڪري ڊاڪٽر بلوچ ۽ سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد صاحب ( جنهن سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ۽ بقاء لاء سنڌي عوام کي سڄاڳ ڪيو ۽ همٿايو ) مگر هاڻ ان جي ضرورت آهي ته ان سڄي ڪم کي جديد صحولتن سان متعارف ڪرائجي،

    ادا رشيد صاحب ( سنڌي لئنگئيج اٿارٽي۔۔۔۔ سنڌي ٻولي اٿارٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اٿارٽيءَ جو هڪ بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اٿارٽيءَ جي مقصدن لاءِ پاليسيون جوڙيندو رهندو آهي. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو. موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين تاريخ 2008-05-28 کان هن اداري جي چيئرپرسن طور چارج ورتي آهي ) ان ئي ساڳي اداري اسان لاء هي به صحولت ڏني آهي ته توهان پنهنجي سنڌي ٻولي جي الفاظن کي به سنڌي جي تفصيلي معني سان ڏسي سگهو ٿا، جنهن کي سنڌ جي عظيم عالم اديب ۽ سنڌي ادب جي محسن جناب محترم علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رح جن مرتب ڪيو آهي ، جنهن کي سهيرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ڪئين سال لڳي ويا هئا، جنهن جي سڌو سنئون لنڪ پڻ هت ڏجي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ( جامع سنڌي لغات ) سنڌي ٽو سنڌي ڊڪشنري۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو جنهن کي پڻ توهان پنهنجي سسٽم ۾( پي ڊي ايف جامع سنڌي لغات ) جي صورت ۾ لوڊ ڪري سگهو ٿا جنهن لاء پڻ هت لنڪ ڏجي ٿي، جنهن کي ڪلڪ ڪري توهان اها لوڊ ڪري سگهو ٿا

    سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: مختصر تعارف

    19 نومبر 1990ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي ائڪٽ 1972ع ۽ ترميمي ائڪٽ 1991ع موجب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام، فيبروري 1991ع ۾ عمل ۾ آيو. اداري جو پهريون ۽ باني چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٿيو، جنهن اداري جا قاعدا قانون تيار ڪرائي منظور ڪرايا ۽ انهن موجب اداري جو ڪم ڪار هلايو.
    اٿارٽيءَ ۾ هن وقت تائين مقرر ٿيل چيئرپرسن:نمبر نالوڪڏهن کان ڪيستائين جملي مدو1 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ5 فيبروري 1991ع کان 6 مارچ 1994ع تائين3 سال، هڪ مهينو، هڪ ڏينهن2ڊاڪٽر نواز علي شوق6 مارچ 1994ع کان 3 اپريل 1995ع تائينهڪ سال، هڪ مهينو3ڊاڪٽر نبي بخش قاضي3 اپريل 1995ع کان 17 نومبر 1996ع تائين هڪ سال، 6 مهينا، 15 ڏينهن4جناب ممتاز مرزا (واڌو چارج)17 نومبر 1996ع کان 6 جنوري 1997ع تائين1 مهينو، 20 ڏينهن5جناب امر جليل (اعزازي)7 جنوري 1997ع کان 5 مئي 1997ع تائين4 مهينا، 2 ڏينهن6جناب عبدالحميد سنڌي6 مئي 1997ع کان 22 جولاءِ 1998ع تائين1 سال، 3 مهينا، 20 ڏينهن7ڊاڪٽر غلام علي الانا22 جولاءِ 1998ع کان 31 جولاءِ 2001ع تائين3 سال، 1ڏينهن8ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو1 آگسٽ 2001ع کان 15 فيبروري 2005ع تائين3 سال، 5 مهينا، 15 ڏينهن9جناب اين ڊي جتوئي (واڌو چارج)16 فيبروري 2005ع کان 15 سيپٽمبر 2005ع تائين7 مهينا10جناب عبدالقادر جوڻيجو
    15 سيپٽمبر 2005ع کان 10 مئي 2008ع تائين2 سال، 5 مهينا، 25 ڏينهن11ڊاڪٽر فهميده حسين28 مئي 2008ع کانهلندڙ28 مئي 2008ع کان سنڌي ٻوليءَ جي اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ چارج ورتي. چارج وٺڻ کان پوءِ اداري جي انتظامي ڪاروهنوار ۽ مالياتي ڊسيپلين کي بهتر بڻايو ويو، فنڊن جي واڌ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ غير فعال شعبن کي متحرڪ ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحبه اڳين متحرڪ چيئرمينن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي شروع ڪرايل اهم علمي رٿائن مان ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڪم کي فعال بڻايو ۽ ’دفتري لغت‘ جهڙي اهم دستاويز کي تيار ڪرائي شايع ڪرايو. ان کان سواءِ ڪيترائي ڪتاب ۽ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جا 10 پرچا تيار ڪرائي ڇپرايا ويا آهن. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ڪراچيءَ، مٺيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ درست استعمال جي ڏس ۾ ڪيترائي سيمينار، ورڪشاپ،ڪانفرنسون ۽ ادبي پروگرام ڪرايا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ هڪ اهم ڊرافٽ تيار ڪرائي، قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير ثقافت ۽ مرڪزي وزير ثقافت کي ڏنو ويو. سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ کي تاڪيدي خط لکيا ويا. ترجمي ۽ ٽرانسليٽريشن لاءِ نئون شعبو قائم ڪيو ويو آهي. سنڌي ڊڪشنري بورڊ جي قيام لاءِ سرڪار سان لکپڙهه ڪئي وئي ۽ ’سنڌي ڊڪشنري سيل‘ قائم ڪري ڪم شروع ڪرايو ويو آهي. سنڌي ڪمپيوٽنگ سسٽم کي بهتر بنائڻ، سنڌيءَ ۾ مختلف سافٽ ويئرن جي تياريءَ لاءِ ’سنڌي انفرميٽڪس شعبي‘ کي ترقي ڏياري وئي. ٻارن جي ادب واري شعبي کي فعال ڪري، ٻارن جي ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ نصابي ڪتابن ۾ موجود ٻارن جي گيتن ۽ نظمن جون آڊيو سي ڊيون تيار ڪرايون ويون، حيدرآباد جي مختلف علائقن: لطيف آباد، ڦليلي (پريٽ آباد) ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي نه ڄاڻندڙ شهرين لاءِ ’سنڌي سکيا جا ڪلاس‘ هلايا ويا، جيڪي بدستور هلي رهيا آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان "آئیے سندھی سیکھیں"پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ ساڳئي پروگرام جو ڪتاب ڇپايو ۽ سي.ڊي تيار ڪرائي وئي. اداري اندر ’اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ‘ جي سهڪار سان سائونڊ اسٽوڊيو تيار ڪرائي، رڪارڊنگ جي لائق بڻايو ويو آهي، لائبريريءَ لاءِ نون ڪتابن جي خريداري ڪئي وئي آهي، جيڪا وقت به وقت جاري آهي. بائينڊنگ سيڪشن قائم ڪرائي، پراڻا ڪتاب ۽ اخبارون جلد بند ڪرايون ويون آهن ۽ وڌيڪ جلدبندي جاري آهي. اٿارٽيءَ جي ڪتابن سان گڏ ٻين ادارن جي ڪتابن جي وڪري کي بهتر بڻايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت مختلف شعبن جي جوڙجڪ بهتر بڻائي وئي آهي. اٿارٽيءَ جي ملازمن جي مستقل مفاد ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ بورڊ آف گورنرس کان سندن پينشن ۽ گرئجوئيٽي منظور ڪرائي لاڳو ڪيون ويون آهن ته جيئن هو دلجمعيءَ سان پنهنجون ذميداريون نڀائي سگهن ۽ ادارو پنهنجا مقصد ماڻي سگهي.

    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظامي جوڙجڪ

    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي آئيني جوڙجڪ موجب چيئرپرسن اداري جو/ جي اعليٰ منتنظم (Chief executive) هوندو/ هوندي آهي. کيس اُن جي عملي ۽ انتظام، ماليات ۽ ٻين سمورن شعبن تي اختيار هوندو آهي. چيئرپرسن جي مقرري سنڌ جو وزيراعليٰ ڪندو آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جو نظام هلائڻ لاءِ هڪ بورڊ آف گورنرس پڻ مقرر ڪندو آهي، جنهن جي جوڙجڪ هن ريت هوندي آهي:
    (الف) سربراهه: چيئرپرسن
    (ب ) علمي ادبي شخصيتن مان ٻارهن (12) غير سرڪاري ميمبرَ، جن جون علم، ادب، سماج ۽ ثقافت لاءِ خدمتون هجن.
    (ٻ) پنج سرڪاري ميمبر : (1) پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو چيئرمئن، (2) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، (3) سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ (4) سيڪريٽري ڪلچر، حڪومت سنڌ، (5) سيڪريٽري ناڻو کاتو، حڪومت سنڌ.
    بورڊ آف گورنرس جي هن ڄاڻايل (ٽه سالا) مُدي دوران پنجن سرڪاري ميمبرن سان گڏ هيٺيان ميمبر نامزد ٿيا:

    (1) جناب محمد ابراهيم جويو (2) جناب سرفراز راڄڙ (3) ڊاڪٽر غلام علي الانا (4) پروفيسر قلندر شاهه لڪياري (5) سيد حاڪم علي شاهه بخاري (6) ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (7) ڊاڪٽر پروين شاهه (8) امداد حسيني (9) جناب لعل بخش منگي (10) محترمه نذير ناز (11) نورالهدى شاهه (12) ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو.
    چيئرپرسن

    28 مئي 2008 کان اداري جي چيئرپرسن نامياري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين آهي، جنهن وٽ ٽيهن سالن جي ادب ۽ لسانيات پڙهائڻ ۽ ٻارهن سالن جي انتظامي تجربي سان گڏ ڪيترن ئي ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف، ترجمي ۽ ايڊيٽنگ جو تجربو هئڻ سبب، هن اٿارٽيءَ ۾ انقلابي تبديليون آڻي، ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي عوام ۾ ان کي هڪ مانائتو ادارو بڻايو آهي. سيڪريٽري سيڪريٽريٽ ۽ اداري جا سمورا شعبا چيئرپرسن جي، هدايت، رهنمائي ۽ منظوريءَ سان نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. چيئرپرسن سيڪريٽريٽ ۾ هڪ پي اي/ سينيئر ڪلرڪ، هڪ اسٽينو گرافر ۽ ٻه نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن
    سيڪريٽري
    اداري جي انتظامي معاملن کي هلائڻ ۽ چيئرپرسن جي رهنمائيءَ ۾ مالي، اشاعتي، ادبي ۽ تربيتي پروگرامن، سيمينارن ۽ ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ اداري جي سموري سرگرميءَ جو ذميوار اداري جو سيڪريٽري هوندو آهي. اداري جي سيڪريٽريءَ جي مقرري چيئرپرسن جي سفارش تي ثقافتي کاتي معرفت وزيراعليٰ سنڌ ڪندو آهي. سيڪريٽري اداري جو DDO به هوندو آهي، جيڪو هر مالي توڙي انتظامي معاملي جي چيئرپرسن کان منظوري حاصل ڪندو آهي. هن وقت اداري جو سيڪريٽري ناليوارو اديب ۽ دانشور تاج جويو آهي، جنهن کي هن ئي اداري ۾ هن کان اڳ پنجن سالن جو انتظامي تجربو حاصل هو. هو گذريل ٽن سالن کان اداري جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ احسن طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. سيڪريٽريءَ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اسٽينو ٽائپيسٽ، هڪ ڪمپويٽر آپريٽر، هڪ جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻه نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن.
    ان سان گڏ اداري جي سموري مالي ڪاروبار سنڀالڻ جو ڪم ”اڪائونٽس شعبي“ جي حوالي آهي، جنهن ۾ هڪ اڪائونٽس آفيسر احسان ميمڻ، هڪ اڪائونٽس سپرنٽينڊنٽ فدا حسين سومرو، ٻه سينيئر ڪلرڪ، هڪ جونيئر ڪلرڪ ۽ هڪ نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن. هي شعبو چيئرپرسن ۽ سيڪريٽريءَ جي نگرانيءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ اداري جي سالياني بجيٽ ٺاهڻ، پگهارن جا بل ٺاهڻ، مختلف شعبن جي ادائگين، اداري اندر مختلف اسمن جي پرچيزنگ ڪميٽيءَ ذريعي خريداري ڪرڻ ۽ سالياني آڊٽ ڪرائڻ، گرانٽون جاري ڪرائڻ وغيره جو ڪم ڪندو آهي

    ان کان سواءِ ”ائڊمن شعبو“ اداري جي سموري لکپڙهه يعني روانگي ۽ آمد جو رڪارڊ رکندو آهي. هن شعبي جي ڪمن ۾ ملازمن جا سروس بڪ تيار ڪرڻ، مخفي رپورٽون (ACRs) سنڀالي رکڻ، پڪين، ريزڪي ۽ طبي موڪلن جو حساب ڪتاب رکڻ وغيره شامل آهي. هن شعبي جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر محترم هارون عباسي، آفيس سپرنٽينڊنٽ سيد بخشل شاهه ۽ آفيس اسسٽنٽ ڪريم پاشا آهن، جڏهن ته هن ئي شعبي کي هڪ نائب قاصد به ڏنل آهي.
    اهڙي طرح اداري جي پبليڪيشن آفيسر محترم خالد آزاد وگهيو کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل (ائڊمن) جي چارج ڏئي، ڌار آفيس ڏني وئي آهي ته جيئن هو اداري جي سيڪريٽريءَ کي انتظامي ۽ دفتري ڪمن ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ ”ٻارن جي ادب شعبي“ کي به سنڀاليندو آهي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بشڪريه وڪيپيڊيه ، سنڌي ٻولي اٿارٽي۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي انگريزي آن لائين ڊڪشنري۔۔۔

    سائين رشِيد مهربانيون

    تمام سٺو ڪم جو اوهان اها ڊڪشنري پي ڊي ايف ۾ ونڊ ڪئي آهي۔ اوهان کي عرض ته ساڳي ڊڪشنري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ الڳ ٿريڊ ذريعي ونڊ ڪرڻ گهرجي۔ اجازت هجي ته اتي به شيئر ڪيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو