
”مومل۔۔۔“ مڙس زال کي سڏ ڪندي چيو۔۔۔ ”اڄ مون پنهنجي دوست کي مانجهندي لاءِ گهر اچڻ جي دعوت ڏني آهي۔۔۔“
”اڙي۔۔۔!“ زال ڪاوڙ ۾ ويلڻ ڏيکاريندي جواب ڏنو۔۔۔ ”گهر جي حالت ڏٺي اٿئي۔۔۔ لڀي ڪو ڍنگ جو ٿانءُ نه ٿو ۽ هليو آ دعوتون ڏيڻ۔۔۔ ۽ گهر کي ٻهارو ڪير ڏيندو ۽ ٿانوء ڪير ڌوئندو۔۔۔ مان ڪونه ڪنديس اهو ڪم“
”مومل ۔۔۔! آ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو۔۔“
”پوءِ به دوست کي گهرائين ٿو۔۔۔۔“
”اصل ۾ هوُ شادي ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي۔۔ ۽ مان کيس پنهنجا حال ڏيکارڻ ٿو چاهيان۔۔۔“