هن تصوير تي غور ڪريو!

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، هن تصوير ۽ انجي هيٺان لکيل جملي تي غور ڪيو، آءُ ته جيترو غور ڪريانٿو، اوترو الائجي ڪٿان کان ڳالهه ڪٿي ٿي وڃي پهچي ۔۔۔ ممڪن اوهان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔

    [​IMG]


    فيسبڪ تان ورتل ؛
    مترجم؛ نثار ابڙو
    دوست مخدوم طارق جي ٿورن سان
     
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    بس سائين هن ماڻهون کي پاڻ ڪونه پڄنداسين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    الله!
    ۽ اسان سنڌين وٽ ڪيڏا نه وسيلا آهن!!!
    افسوس جو اسان کي استعمال جو ڍنگ ڪونه آهي،، افسوس
    سائين وڏي ڳالھ ڪئي اٿو!!
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    سنڌ ملڪ وسلين سان مالا مال آهي پر اسان سنڌين جي نالائقيءَ سبب اهي وسيلا ڌارين جي هٿ وس آهن يا وري اسان وٽ آهن ته انهن جو استعمال اهڙو ته بڇڙو آهي جو انجي فائدي بجاءِ نقصان ۽ مسئلا ڳيڄيءَ ۾ پون ٿا ...
    مثال؛
    سنڌ ۾ ايترو ڪوئلو آهي جو جيڪڏهن صرف سنڌ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ڪي صديون اسين سنڌ کي روشن ۽ خوشحال رکي سگهونٿا، پر جاهلن جا وسيلا بجاءِ فائدي جي نقصان ڏين ٿا ...
    سنڌ جو پئٽرول ... سنڌ جي گئس ... سنڌ جو درياهه ... سنڌ جو سمنڊ ۽ سنڌ جي معدنيات
    ڪنهنجي استعمال ۾ آهي ۽ ڪير ٿو فائدو وٺي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو فائدو ٿيو آهي؟
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    "لا تقنطوا من رحمة الله"​


     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين بلڪل توهان سچ پيا چئو۔اسان وٽ انهن معدنيات جا تمام وڏا ذخيره هجڻ جي باوجود به اسان کي تيل۔گيس ۽ ڪوئلي جي لاء ٻين جي اڳيان هٿ ٿو ڦهلائڻو پوي۔شل الله پاڪ اسان جي صاحب اقتدار کي هدايت ڏئي ته اسان پنهنجي انهن معدنياتي سورسن مان ڪو فائدو وٺي ملڪ کي ترقي ڏياريون۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    توهان جي هن تصوير مان هڪ ڳالهه ته واضح آهي، وسيلا به اسان جا آهن پر اسان کي انهن جي استعمال توڙي قدر جي خبر ناهي، غير انهن مان فائدو وٺي رهيا آهن، هڪ هڪ ڪري هر وسيلي تي قبضو ڪري رهيا آهن اسان خاموش رڍن جي ڌڻ وانگر انهن وسيلن کي غائب ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، تان جو اهو وقت ايندو جو هڪ وسيلو به نه بچندو يا وري اسان انهن وسيلن منجهان بي دخل ٿي وينداسين۔۔۔​
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرين
     
  9. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    ادا تمام وڏي دل رکڻ وارن ماڻهن جي تصوير آهي جيڪا اسان کي سبق سيکاري ٿي ته توهان ڪهڙا به آيو خوش آهيو ۽ خوش رهو ٻئي ڪنهن ڪمزور کي توهان ڪمزور نه چئو
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن تصوير تي غور ڪريو!

    بس سائين ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ هٿن مان نڪرندي وئي ۽ اسان ڪجهه نه ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ اها صورتحآل 1947 کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري آهي۔ سڀ وسيلا ٻين جي هٿ آهن ۽ انهن سنڌ جي وسيلن جو خوب فائدو ورتو آهي۔ پر اسان اڃآن پاڻ ۾ پيا وڙهون۔

    سائين نثار مونکي ڪمينٽ ڪرڻ لاء لفظ ڪونه پيا ملن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!!!!!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو