جيئن ته هن وقت سنڌ جي تبديلي جو جيڪو اهم ترين ذريعو آهي سنڌ يونيورسٽي اها لڳاتار ڌيڊ مهيني کان بند آهي ته هن وقت سنڌ جي تبديلي پسند ۽ تبديلي پسندن جو سرواڻ علي قاضي صاحب ڪٿي آهي ڇا ريليون ڪڊڻ يا ڀٽ شاه تي گڏ ٿيڻ سان تبديلي ايندي مون کي شرم ٿو اڄي اهڙن ٺڳن تي جيڪي ڪڌهن سنڌ ٽوپي جو ڏينهن ته ڪڌهن تبديلي جو سفر ڪري سنڌ جي اسڪولن ۾ موڪل ڪرائي انهن معصوم ٻارن جي تعليم بند ڪري انهن سان اها به هڪڙي قسم جي زيادتي ڪن ٿا هي وقت آهي تبديلي جو هن وقت جيڪڌهن سنڌ قوم نه اٿي ته ڪڏهن به نه ترقي ڪري سگهندي سنڌ جون يونيورسٽيون بند ڪرڻ هڪڙي سازش آهي ڱو ته جڏهن سنڌ سنڌ جا نوجوان تعليم حاصل نه ڪري سگهندا ته اهي ترقي به ڪونه ڪندا ۽ ان سازش ۾ انهن تبديلي پسندن جو گهڻو هٿ ملوث ڏسڻ ۾ ٿو اچي اسان جي حڪومت کي اها ئي گذارش آهي ته خدارا سنڌ جون يونيورسٽيون کولرائي سنڌ جي تعليم ۽ ترقي جو ذريعو تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي محمد رمضان منڌرو بدين ڪلاس يارهون پروگريسو پبلڪ ڪاليج بدين
جواب: ڇا ائين تبديلي ايندي؟ اٺ ويري، اوٺار وير، ويري ٿيڻم ڏير دوست رمضان، هاڻ ته سنڌ ۽ سنڌيت جا دشمن ايترا ٿي پيا آهن جو ڳالهه سمجهه کان ئي چڙهي وئي آهي ۔۔۔ حڪومت ۾ ويٺل سنڌي يا ٻاهر ويٺل اڳواڻ ۔۔۔ سنڌ يونيورسٽي جا استاد يا شاگرد انتظاميه يا وري سازشي عنصر ڌاريا يا پنهنجا پئسو يا لالچ ڪهڙا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن سنڌ ائين ڪون سڌرندي جيستائين ڪو وڏو انقلاب نه ايندو، اهڙو سگهارو طوفان جيڪو سڀ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ۔۔۔ پوري قوم هن وقت سڀني ڪپتي ڪمن جي ذميوار آهي ۔۔۔ ايتري حد تائين جو تون ۽ مان پڻ ۔۔۔ هٿ مٿي آهن
جواب: ڇا ائين تبديلي ايندي؟ ڀاء مينڌرا اوهان جون سڀ ڳالهيون سچيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سان ڪوبه سچو ناهي رهيو، بس سڀ ڪو پنهنجي مفاد جي راند پيو کيڏي يار