صرف هڪ صوف جي ڪري۔ گيلان جي هڪ ڳوٺ ۾ ،هڪ الله پرست،ولي ڪامل "حضرت ابو صالح موسئ " رهندا هئا، هڪ ڀيري،هنن ڏٺو ته ندي ۾ هڪ صوف ترندو پيو اچي،ان کي ندي مان ڪڍي پاڻ کائي ڇڏيون۔ٿوري دير کانپوء انهن کي خيال آيو ته باغ جي مالڪ جي اجازت کانسواء مون کي صوف کائڻ جو ڪو حق ڪو نه هئو،سخت پيشمان ٿيا،باغ جي مالڪ " حضرت عبدالله صومي رحه " جي خدمت ۾ حاضر ٿي،معافي گهريون۔ حضرت عبدالله صومي رح ان نوجوان جي احتياط ۽ پرهيزگاري کان حيران ٿئي ويا،انهن جو حسب ۽ نسب معلوم ڪيائون۔ڪجه دير غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوء۔فرمايون ته "مان ان وقت تائين توکي معاف نه ڪندس جيستائين تون منهنجي هڪ شرط نه پوري ڪندي " حضرت ابو صالح موسئ،انهن کي جواب ڏنو ته هو انهن جي هر خواهش پوري ڪرڻ لا ء تيار آهي۔ حضرت عبدالله صومي رح فرمايو ته " منهنجي ڌي امه الخير کي پنهنجي زوجيت ۾ قبول ڪري ڇڏ،پر اهو سمجهي ڇڏته هوگونگي،ٻوڙي،لولي،لنگڙي ۽ انڌي آهي " حضرت ابو صالح موسئ اهو ٻڌي ڪجه دير لاء خاموش ٿئي ويا،پر پوء خيال آين ته تمام عمر جي تقوي ۽ رياض ضائع ٿيڻ جو انديشو آهي،رزق حلال ۾ حرام جي آميزش ٿئي ويئي آهي،هي شرط مڄڻ کانسوء ڪو ٻيو رستو نه آهي،انهي ڪري هنن اهو رشتو قبول ڪيو،جڏهن حضرت ابو صالح موسئ پنهنجي زال کي ڏٺو ته حيران ٿئي ويو ۽ توبه استغفار ڪرڻ لڳو ۽ حضرت عبدالله صومئ رحه جي خدمت ۾ حاضر ٿي فرمايون " توهان منهنجو نڪاح هڪ انڌي،لولي،لنگڙِي ۽ اپاهج سان ڪيو هئو،پر جيڪو مون ڏٺو آهي،اهو ان جي برعڪس آهي جيڪو توهان جي بيان ڪيل خامين کان پاڪ آهي ؟ حضرت عبدالله صومئ رحه فرمايو :عزيزم! اهائي ته منهنجي ڌي ام الخير فاطمه آهي،مون ان کي انڌي انڪري چيو جو اڄ ڏينهن تائين ان جي نظر ڪنهن غير محرم تي نه پئي آهي،ٻوڙي انڪري آهي جو اڄ ڏينهن تائين هن ڪا غلط ڳاله نه ٻڌي آهي،گونگي ان جي ڪري جو اڄ تائين هن ڪا خراب ڳاله نه ڪئي آهي،لولي انڪري جو ان ڪو خلاف شريعت ڪم نه ڪيو آهي ۽ لنگڙِي انڪري جو هن اڄ تائين الله تعالئ جي رستي کانسواء ڪنهن ٻئي رستي تي قدم نه رکيو آهي۔ سبحان الله،انهن فرشته صفت والدين جي گهر محبوب سبحاني،ولي ڪامل،حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جن جنم ورتو،جن اسلامي علوم ۽ معاشري جي اصلاح ۾ مثالي ۽ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو۔ الله پاڪ شل اسان کي نيڪ هدايت ڏئي ته اسان دين صحيحي سمجي ان تي عمل ڪيون۔
جواب: صرف هڪ صوف جي ڪري۔ سبحان الله ۔۔۔ ايمان جي ڪا حد ناهي ۔۔۔ ولي الله جي ڪردارن جا قصا ويهي پڙهجن ٿا ته ائين لڳي ٿو ته اهي انسان ڪنهن الڳ دنيا جا رهواسي هيا ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته عام رواجي زندگي ۾ اهڙا مثال ناهن ملندا ۔۔۔ ماشاء الله اهڙن ئي پرهيزگارن جي گهر ئي ولي پئدا ٿين ٿا ۔۔۔ لک ٿورا، ايمان تازي ڪرڻ جا
جواب: صرف هڪ صوف جي ڪري۔ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو نتيجو هميشه اعلا قسم جو ملندو آهي۔ تمام سهڻي شيئرنگ آهي سائين غلام مصطفى صاحب