اسان جي ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن [JUSTIFY]ننڍا توڙي وڏا هُن کي ڏاڏي چوندا ها ، مونکي چڱي طرح سان ياد آهي انهن وٽ 40،50 ميهنون، 150 کان مٿي ٻڪرين جو انگ ، چار جوڙا ڏاندن جا ۽ 8، 10 ڍڳيون هونديون هيون ۔ هنن جو شوق مال هوندو هو ۔ ڪڏهن به هنن جي گهران کير وڪري لاءِ نه ويندو هو۔ ڪڏهن مينهن کي سيون هڻي کير نه ڏُڌو ويندو هو نه ئي ڦرن کان بغير ڀاڙي تي مينهن کي ڏڌو ويندو هو۔ هنن جو اڪيلو گهر هوندو هو هڪ ٻيلو هوندو هو ان جي پاسي ۾ هر ايندڙ ويندڙ هنن وٽ مانجهاندو ڪندو هو ۔ ڏاڏي جيتري دل جي سکي هُئي سندس گهروارو يعني ڏاڏو به ايترو ئي يار ويس ۽ هڏ ڏوکي شخص واقعي هو۔ مٽن مائٽن جي شادين تي ڦنڊرون هن جي مال جون مُفت هونديون هيون۔ سندن آس پاس ۾ ڪيترائي ڳوٺ ها جتان صبح ساجهر ماڻهون لسي وٺڻ ايندا ها جن مان آءُ به هڪ هوندو هيس۔ جنهن وقت اسان کي لَسي ڏني ويندي هئي ان ۾ آنو ڏيڍ مکڻ جو چاڻو به ڏنو ويندو هو ۔جنهن وقت اسان صبح جي وقت لَسي وٺڻ ويندا هيا سون ڏاڏو کَٽَ تي ويٺو هوندو هو ڏاڏي لَسي ولوڙيندي هئي اسان جڏهن اتي پهڇندا ها سين ته صُبح جو جوار جي ماني جا رات جي پڪل هوندي هئي ان کي ٽانڊن تي گرم ڪيو ويندو هو ۽ اسان سڀني ٻارن کي ڌونري سان ڏني ويندي هئي ۔ نه هو کير کپائيندا ها نه هو گھ کپائيندا ها انهن۔ هنن جي خوبي اها هوندي هئي ته هر هڪ کي ائين لڳندو هو ته هي مونکي سڀ کان وڌيڪ قُرب ڏين ٿا۔ پر ائين نه هوندو هو هنن جي گهر ۾ سڀني کي عزت هوندي هئي ۔ ڇا نه عجيب گهراڻو هو۔ جڏهن کان هُو اتان لَڏي ويا آهن ان ڳالھ کي شايد 22 سال گذري ويا آهن پر اڄ به اتان لنگهندي جڏهن اسان انهن جي پوکيل انب جي وڻ جي ڇانوَ جي هيٺان ويهندا آهيون ته انهن جي سُرهاڻ ايندي آهي ۔ ڪڏهن انهن جي گهر ۾ اسان ڪا ڪِروڌ نالي ڪا شي نه ڏٺي ۔ هو اتان لڏيا ڇو؟ ان جي پٺيان به هڪ وڏي ڪهاڻي آهي ۔ پر جڏهن اتان لڏيا ته ڏاڏِي پُٽن کي چيو ته جي اوهان هتان لَڏيَندئو ته آءُ مري ويندس ۔ ۽ اهو ڏينهن آيو جڏهن هنن هتا نڪرڻ شروع ڪيو يقين ڪريو ڇا ته مال ملڪيت هئي۔ سآِڊ انهن لاءِ سڀ کان وڏي ملڪيت اتام جي محبت ۽ عزت هئي ۔ آس پاس جا پوڙها پڪا ، ٻار نوجوان مايون مرد سڀ افسُرده هيا ۔ جنهن وقت ڏاڏي ۽ ڏاڏِي لاءِ سندن وڏو پُٽ گاڏي ڪاهي آيو ته حجوم هو انهن کي الوداع ڪرڻ وارو هر طرف سُڏڪا ئي سُڏڪا هيا۔ اوهان کي ٻُڌائيندو هلان جوهڪ ڇوڪرو مونسان گڏ پڙهندو هو جنهن جو نالو حَسنين هوندو هو اهو ٻڌائيندو هو ته اسان جي گهر ۾ ڪڏهن به ڊالٽو يا وري ڪو اهڙو تيل وغيره استعمال نه ٿيندو آهي۔ هڪ ڀيري انهن جو ڀت ٿيو سڄو ڀت سندي تيل ۾ ماڻهون اڄ به ان ڀت کي ياد ڪندا آهن ۔ جڏهن هي گهراڻو هتان لَڏيو ته هنن جي وڏي پُٽَ سڀ کان پهريان سڄو مال وڪڻي زمين ورتي ۔ ڪجھ سالن کانپوءِ ڏاڏو گُذاري ويو۔ اهو گهر جيڪو ايترو مالدار هو جنهن جي هر ٻار کي صبح جو لسي سان ماني کائڻ جي عادت هئي سي ٻار اسان وري لسي لاءِ پريشان ڏٺا ڀائرن ۾ ناچاڪيون شروع ٿي ويون ڀائر جُدا ٿي ويا ۔ هاڻي ويچاري ڏاڏي جا عجيب ڏينهن آيا جا ڏاڏي ڪڏهن حُڪم ڏيندي هئي جنهن جي هڪ حُڪم تي پُٽ پوٽا گڏ ٿي ويندا ها سا تنهائي ۾ گُذارڻ لڳي هو ننڍي پُٽَ سان رهندي هئي ۔ پر ان جي گهر واري اُن کي بوج سمجهندي هئي جيسيتائين ان جي جسم ۾ سَتُ هو تيسيتائين ته ان برداشت ٿي ڪيو پر جڏهن هن جو جسم ڪمزور ۽ لاغر ٿيڻ لڳو ته رشتا ۽ ناتا به لاغر ٿيڻ لڳا ۔ واه ڙي زمانه تنهنجون بي پرواهيون عجيب حالت هوندي آهي اها جڏهن ماءُ يا انهن مان ڪو به هڪ اولاد سان ڪمپرو مائيز ڪري رهي ۔ انهن جي غلط فيصلن کي انهن جي خواهش جي ڪري قبول ڪري ۔ جنهن آزادي جا عظيم ڏينهن ڏٺا هجن ۔ جن هٿن سخاوت جا عظيم ڪارنامه ڪيا هجن سي هٿ اڄ ڪنهنجي سهاري جا محتاج هجن ۔ جنهن ڪنهن جي عزت جو ايترو خيال ڪيو هجي جو ان جي اڳيان ان جي دل آزاريندڙ ڳالھ کان لنوايو هجي ان اڳيان ان جي دل آزاريندڙ ڳالهيون ڪيون وڃن ان کي طعنا مهڻا ڏنا وڃن ۔ جڏهن انسان گهڻ رشتو ٿي ويندو آهي ته ان جا احساس به گهڻا ٿي ويندا آهن جي اوهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو جڏهن ڪنهن اهڙي شخصيت کي ڪا ان جي ناپسنديده چئي وڃي ته اها ڳالھ ان کي گهڻي دير تائين روئاريندي رهندي آهي هو ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي ماضي جو يادون ياد ڪري اوڇنگارون ڏئي روئڻ جي خواهش ڪندي آهي يا پنهنجو درد ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ اهو درد تڏهن اڃان وڌي ويندو آهي جڏهن ائين ناهي ٿي سگهندو۔ ڇو جو ان کي پنهنجي رشتن جي بدنامي کان ڊڄ لڳندو آهي ۔ جن جي اوهان ايتري سنڀال ڪئي هجي سي اڄ اوهان جي سنڀال صرف ماڻهن جي کِلِن کان بچڻ لاءِ ڪن هي احساس ئي انسان کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيندو آهي ۔ هي سڄو موضوع اڄ آءُ ان ڪري لکي رهيو آهيان جو ڪجھ ڏينهن پهريان ان ڏاڏي سان منهنجي ملاقات ٿي جڏهن آءُ پنهنجي ڳوٺ ويس ته اها ڏاڏي اسان جي ڳوٺ آيل هئي جيڪا لَٺ جي سهاري تي هلي پئي جنهن جي عمر هن وقت 90 سال کان مٿانهنين آهي ۔ اکين تي چشما نظر انتهائي ڪمزور هر وقت خوش رهندڙ صدا بهار اسان جي ڏاڏي سان جا اڄ مُلاقات ٿي ته آءُ گهڻي دير تائين سندس پيرن ۾ ويهي روئيندو رهيس گهڻي عرصي کان پوءِ مُلاقات ٿي هئي ۔ پر اوهان يقين ڪيو هو ايتري ته ڏکياري ۽ ان پيار جي پياسي هئي جو مونکي مٿي تي گهڻي دير تائين چُميون ڏيندي رهي هن جو هڪ جملو مونکي گهاءُ ڪري ويو ڏاڏل آءُ گهڻي عرصي کان جنهن انداز سان تو منهنجي پيرن ۾ ويهي پيار ٿو وٺين پنهنجي پوٽن جي اهڙاي انداز لاءِ ترسي آهيان ته ڪڏهن هو اچن مونکان پيار وٺن منهنجي دل جي احساس جي دعا وٺن آءو گهڻئي دعا ٿي ڪريان پر اهڙو احساس ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۔ آءُ جڏهن به انهن لاءِ دل سان دعا ٿي ڪرڻ ٿي چاهيان ۽ مسلسل دعا ڪريان به ٿي پر ڏکن جا ڳوڙها اکين مان لڙي ٿا پون ۔ آءُ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندي آهيان خدا وندا منهنجي انهن سورن جي ڪڏهن به هنن کي ڪا سزا نه ڏجان ۔ خير ڪجھ ڏينهن ڏاڏي امان اسان وٽ رهي جڏهن آءُ ڏاڏي کي ان جي ڳوٺ چڏڻ ويس ته آءُ به هڪ اڌ ڏينهن اتي رهيس ۔ پر مون اتي ان امڙ جو عجيب حال ڏٺو ڪو ان جو پُرسان حال نه هو ۔ ايتري تائين جو جنهن والدين لاءِ قرآن ۾ انهن اڳيان اُف ڪرڻ کان به منع ٿيل آهي ان سان بدتميزي واري انداز ۾ پيش ٿيندي ڏٺو ۔ جڏهن ڏاڏي کان آءُ موڪلائي هليس ته هڪ عجيب ترسندڙ جملو ان امڙ جي زبان تي هو ڏاڏل الئي ڪڏهن هن قيد مان جان ڇُٽندي هي زندگي ته جهنم کان به وڌيڪ اذيت ناڪ آهي يقين ڪيو جنهن وقت هي موضوع آءُ لکي رهيو آهيان ڪئي ڳوڙها آهن جي منهنجي ڳلن تان ٽمن ٿا ۔نه دعا آهي جا ڏجي ته نه دب دعا آهي جا ڏجي اهڙن وارثن کي جي پنهنجي بزرگن کي پاڻ تي وزن ٿا سمجهن ۔ انسان تي به عجيب دور ايندا آھڻ ۔ ۡۡڪڏهن تهوقت ان تي ناز ڪندو آهي ته ڪڏهن وري وقت ان تي شايد ترس کائيندو آهي ۔ ماءُ ڀلي ڪيتروين به دعائون ڏئي پر حقيقت يا فطرت پنهنجي انداز کي ناهي بدلائي سگهندي ۔ جي ماءُ ڪنهن ٻچي جي مشڪلات ونڊي سگهي ها ته ڪڏهن ڪو ٻار بيمار نه ٿئي ها ماءُ هن جي هر بيماري پنهنجي سر کڻ يها هن تي ڪو ڪوسو واءُِ اچڻ نه ڏئي ها ۔ ان ڏاڏي جي اولاد سان اهڙي ئي ٿي رهي آهي جيڪي پنهنجي وجود تي ڪنهن مک کي برداشت نه ڪندا ها جن جا کيسا هر وقت پيسن سان ڀريل ها سي اڄ پائي پائي لاءِ محتاج آهن جن جي گهران مٽن مائٽن جي امدا لاءِ ان پاڻي ويندو هو سي اڄ ڪلو اٽو وٺي گذران پيا ڪن ۔ حساب ڪتاب فقط حشر پر موقوف نهين هي زندگي خود ڀي گناهون ڪي سزا ديتي هي وسلام[/JUSTIFY]
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن الله اڪبر! ادا ڏاڏل انتهائي سبق ڏيندڙ هي اوهان جي اکين ڏٺي ڪهاڻي پڙهي، يقين ڪريو ته منهنجي اکڙين به ڳوڙها اچي ويا. اسان به وڏڙن کان اهڙن چند گهراڻن جون بعينه اهڙيون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر انهن جا مثال تمام گهٽ ٻڌا آهن. اڄ اوهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ادا ڏاڏل. ڪراڙي امڙ جيان منهنجي طرفان پڻ اوهان جي ڳلن تي مٺيون قبول ڪجو. لک لائق
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن سائين پٺين ڏينهن ۾ دادو ويل هيس اتي ان امڙ جي گهڙي سوا وري زيارت نصيب ٿي ۔ ايترين اوڻاين با وجود جڏهن ته هو ڪنهن وقت ڌي جي در تي ته ڪنهن وقت ڪنهن پُٽ جي در تي گذاري رهي آهي پر پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ سندس اکيون ڏاڍيون بي تاب هيون ۔ وسلام
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن ڏاڏل سائين سلام ڇا وقت هو ۽ ڇا سماج هو ان دور جو۔ جڏهن ماڻهن ۾ شناس هئي ۽ ماڻهن ۾ سچائي هئي۔ هاڻي مڪار ۽ فريبي ماڻهن اڳيان ڪوبه اعتبار ڪرڻ لاء تيار ناهي۔ ماڻهن مان ٻڌي ۽ پنهنجائپ سان گڏ نصيب به ڄڻ ته موٽي ويو آهي۔ هاءِ زمانا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن سائينا وهان بلڪل سچ پيا فرمايو انساني معاشرو هر دور ۾ پستي جو مسافر رهيو آهي هر زماني پاڻ واري زماني کي بهتر چيو آهي ۔ وسلام
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن ٿيندو ڇا آهي ته حساس ماڻهون جڏهن ڪنهن اهڙي غمگين حالت کي ڏسندو آهي ته هن جي اندر وارو حساس انسان تڙپي پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان حساس انسان کي لکڻ ايندو هجي ته اهو ڏاڏل ٿي پوندو آهي ۔۔۔ هونءَ ته اهڙا ڪئي واقعا اسانجي گهرن ۾ اسانجي مٽن مائٽن ۾ عام آهن پر انهن کي ڪو لفظ ڏيڻ وارو ناهي هوندو، جيئن ڏاڏيءَ جي آکاڻيءَ کي ڏاڏل جا لفظ ملي ويا آهن ۔۔۔ بيشڪ سائين ڏاڏل دنيا جا عجيب عجيب رنگ آهن ۽ انساني سماج جون عجيب عجيب گهٽ وڌايون آهن ۔۔۔ اهو ئي ته امتحان آهي جنهن ۾ انسان کي موڪليو ويو آهي ۔۔۔ مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾ اڀا! ائين چون، متان پاند پسائين۔ انداز بيان سهڻو آهي بس ڪجه اکرن جون غلطيون ۽ حرف و نحو جي نوڪ پلڪ جو احتياط ٿيندو ته، اڃان سهڻو ڪم ٿيندو ۔۔۔ ۽ ها ڪو بيان لکڻ وقت انهن جي مختلف پهلوئن کي مختلف پيرائن ۾ لکبو ته بيان ڊگهو يا هڪ ساهي نه لڳندو آهي، انڪري ننڍن ننڍن موضوعن کي الڳ ڪري انهن جا الڳ الڳ پيرائون ٺاهيندا ڪريو۔ معاف ڪجو جي منهنجي صلاح ناگوار گذري ته؛ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: ڏاڏِيءَ جا ڦرندڙ ڏينهن سائين احسان جو اوهان اسان جي تصحيح ڪئي ڪروڙين قُرب اوهان جا الله اوهان جي ڇانَوَ اسان جي مٿان هميشه دائم و قائم رکي ۔ وسلام