[JUSTIFY]پاڪستان ۾ هر شئي جا فائدا هوندا آهن يا ايئن چئجي ته هتي عوام هر شئي جو فائدو پاڻ ڳولهي لهندي آهي۔۔۔ حاضر آهن لوڊ شيڊنگ جا 101 فائدا۔۔۔۔ 1) صنعتن کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي: ڇو ته بجلي نه هجڻ جي ڪري عوام جي وڏي تعداد ميڻ بتيون، ايمرجنسي لائيٽون، يو پي ايس، جنريٽر، بيٽريون وٺي رهي آهي۔۔ 2) زندگين جو بچاءُ: ظاهر آهي جنهن مهل لائيٽ نه ٿي هلي ته ان مهل ڪرنٽ نالي ڪا شئي نه هوندي آهي ۽ اهڙي طرح ڪرنٽ سان مرڻ جو ڪو رستو نه ٿو هجي ۽ ڪيتريون ئي زندگيون بچي وڃن ٿيون. 3) وڏڙڻ جي يادگيري: لائيٽ نه هجڻ جي ڪري اسان کي ڪجهه دير لاءِ اهو سوچڻ جو موقعو ملي ٿو ته اسان جا وڏڙا لائيٽ کان سواءِ ڪهڙي طريقي جي زندگي بسر ڪندا هئا.. 4) نفسا نفسي کان ٿوري دير سڪون: ظاهر آهي بجلي نه هجڻ جي ڪري ڪمپيوٽر نه ٿو هلي، موبائلون چارجنگ ڇڏي وڃن ٿيون ان ڪري انسان انهن خفن کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ ٿوري دير سڪون ۾ رهي ٿو.. 5) فون جي بچت: لوڊشيڊنگ جي ڪمپلين ڪرڻ لاءِ واپڊا وارن کي فون ڪجي ٿي ته اهي فون نه کڻندا آهن ان ڪري ملڪي مفاد ۾ فون جو خرچ بچي پوي ٿو.. 6) پاڻيءَ جي بچت: اونداهيءَ جي خوف کان ٻارڙا واش روم نه ويندا آهن اهڙي طرح اٺ ڏهه لوٽا پاڻي هڪڙي ڪلاڪ جي اندر بچي پوي ٿو.. 7)....................: . . . . . 101) ڪوڙ ٻڌڻ کان بچڻ: لائيٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ٽي وي، ريڊيو جي نشريات اسان تائين نه ٿي پهچي ۽ اسان ڪجهه دير جي لاءِ ڪوڙ ٻڌڻ کان بچي پئون ٿا.. توهان جي شڪر گذار.. وزارتِ ٺۡڪاءُ.. حۡڪومتِ پاڪستان [/JUSTIFY]
جواب: لوڊ شيڊنگ جا 101 فائدا.... هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه زبردست ادا مست